فسطائيت
فسطائيت يا فاشزم (انگريزي: Fascism ) ھن نظريي جو رواج جرمنيءَ ۾ ھٽلر جي نازي پارٽيءَ ۽ اٽليءَ ۾ مسولنيءَ جي فسطائي پارٽيءَ جي پيدا ٿيڻ بعد چؤطرف پکڙيو[1]. اُنھن ھيگل ۽ نطشي جي سياسي فلسفن مان سبق وٺي، اُنھيءَ نظريي جو بنياد وڌو ھو[1]. دنيا ۾ قديم وقت کان مختلف صورتن ۾ اُنھيءَ نظريي جا پوئلڳ پئي رھيا ھئا. پر جھڙي طرح ڪميونزم پنھنجي آخري شڪل ڪارل مارڪس جي تعليم ۽ لينن جي عملي ڪارگذاريءَ ذريعي ورتي، تنھن وانگر ھن فسطائي نظريي به پنھنجي آخري صورت عملي طرح ھٽلر ۽ مسولنيءَ جي ھٿان ۽ اُنھن جي دور ۾ ورتي[1]. فسطائيت، هڪ فاشسٽ تحريڪ هئي، جيڪا سياسي ۽ سماجي مقصد رکندي هئي، ان جا مقصد عورتن ۽ مردن لاءِ هڪ جهڙا حق ۽ حڪومتي طاقت هئا[2]. هٽلر (1889-1945ع) ۽ مسولني (1883-1845ع) فاشٽي اصولن جا اهم سرڪردا هئا[2]. هي رويو/فسطائيت يورپي ادبي دنيا ۾ هڪ وقت زور شور سان موجود رهي. هي وڏو اثر رکندڙ تحريڪ هئي[2]. فاشزم، ترقي پسندي ۽ جدت مخالف رويو آهي[2].
فاشزم جا بنيادي اصول
[سنواريو]انھيءَ نظريي جا بنيادي اصول ھيٺيان ھئا[1]:
- بقائي اصلح(انگريزي: Survival of fittest ) جي قانون مطابق، ھر ڪمزور ۽ ناصالح جانور ۽ ماڻھو مضبوط، صالح ۽ صحت مند جانور ۽ ماڻھوءَ جي مقابلي ۾ ناڪام ٿي، ختم ٿيو وڃي. اھو قانون قومن سان به لاڳو آھي. مضبوط ۽ لائق قومون ترقي ڪري، ملڪن جون مالڪ بڻجن ٿيون[1]. ڪمزور ۽ نالائق قومون، ھيٺ ڪِري، فنا ٿيو وڃن يا غلام بڻجيو وڃن.
- اُنھيءَ اصول کي مدنظر رکي، ھٽلر آريا قوم کي صحتمند ۽ صالح ڄاڻي، دنيا جي رھبري ۽ حڪومت جي لائق ٿي سمجھيو.
- حڪومت جي ڪاروبار ھلائڻ لاءِ صالح ۽ لائق گروھ کي اھل سمجھيو ٿي ويو. جمھوريت جي اصول کي فقط نااھل ماڻھن جي برتري قبول ڪرڻ جي برابر سمجھي، رد ڪيو ٿي ويو.
- انھيءَ اصول مطابق اُھي صالح قومون ٻين نااھل قومن مٿان حڪومت ھلائڻ جون حقدار ھيون.
- اُنھيءَ نظريي وارين حڪومتن سموري قومي وسائل کي مرڪزي طرح منظم ڪري، اُنھن کي مخصوص طبقي جي مفاد لاءِ ڪتب آندو. شخصي ملڪيت کي قائم رکيائون ٿي.
- ھنن پنھنجي برتري ۽ مخالفن جي ابتري يعني نسل جي بنياد تي قائم ٿي رکي، ۽ پاڻ کان گھٽ نسل ڏانھن نفرت سندن سياسي پاليسيءَ جو مکيه اصول ھو.
- انھيءَ نظريي کي عمل ۾ آڻڻ ۽ پنھنجي حڪومت ۽ برتري ڪمزور قومن تي مسلط ڪرڻ لاءِ، ھنن تشدد جو استعمال لازمي ٿي سمجھيو.
- ڀر وارن ملڪن ۽ ننڍين قومن تي قبضو ڪرڻ سندن پروگرام جو مکيه جزو ھو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب جو نالو: جديد عالمي سياست مصنف: جي ايم سيد؛ ڇپائيندڙ: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ، حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال: 1978- [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 - ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي