مواد ڏانھن هلو

فريڪوئنسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فريڪوئنسي (frequency، علامت: f)، جنھن کي اڪثر هرٽز (علامت: Hz) ۾ ماپيو ويندو آهي، ڪنھن ورجندڙ واقعي جي تعداد کي وقت جي هڪ يونٽ ۾ ظاهر ڪري ٿي. ان کي ڪڏهن ڪڏهن وضاحت لاءِ وقتي فريڪوئنسي (temporal frequency) بہ سڏيو ويندو آهي تہ جيئن ان کي مڪاني فريڪوئنسي (spatial frequency) کان ڌار سڃاڻي سگهجي. عام فريڪوئنسي زاويائي/ڪنڊائتي فريڪوئنسي (angular frequency، علامت: ω، SI يونٽ ريڊين في سيڪنڊ) سان 2π جي گڻ/فيڪٽر سان لاڳاپيل آهي. مدت (علامت: T) ٻن واقعن جي وچ ۾ وقت جو وقفو آهي، تنھنڪري فريڪوئنسي جي ابتڙ آهي: T = 1/f.

فريڪوئنسي سائنس ۽ انجنيئرنگ ۾ هڪ اهم پيرا ميٽر آهي، جيڪو اوسيليٽري (oscillatory) ۽ وائبريٽري (vibratory) عملن، جھڙوڪ ميڪانيڪي وابريشن، آڊيو سگنلز (آواز)، ريڊيو لھرن ۽ روشني جي رفتار کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

مثال طور، جيڪڏهن دل هڪ منٽ ۾ 120 ڀيرا ڌڙڪندي آهي (2 هرٽز)، تہ مدت ــ يعني ڌڙڪنن جي وچ ۾ وقفو ــ اڌ سيڪنڊ ٿيندو (60 سيڪنڊ 120 ڌڙڪنن تي ورهائڻ سان).