فرش
فرش ڪنهن به بند جڳهه، جهڙوڪ ڪمرو يا گاڏي، جي هيٺئين هلڻ لائق مٿاڇري کي چيو ويندو آهي. فرش جون صورتون قدرتي غارن جي سادي مٽيءَ واري زمين کان وٺي جديد ٽيڪنالاجي سان تيار ڪيل گهڻ-تهي بناوتن تائين مختلف ٿي سگهن ٿيون. فرش پٿر، ڪاٺ، بانس، ڌاتو يا ڪنهن ٻئي اهڙي مواد مان تيار ٿي سگهي ٿو، جيڪو متوقع بار کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي.
عمارت جي مختلف سطحن کي پڻ عام طور فرش چيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ انهن کي منزل به سڏيو ويندو آهي.
عام طور فرش ٻن بنيادي حصن تي مشتمل هوندو آهي: هڪ بنيادي فرش (سب فلور)، جيڪو سهارو ۽ مضبوطي فراهم ڪندو آهي، ۽ ٻيو فرش جو مٿيون تهه (فلور ڪورنگ)، جيڪو هلڻ لاءِ مناسب ۽ آرامده مٿاڇري فراهم ڪندو آهي.
جديد عمارتن ۾ بنيادي فرش جي اندر اڪثر برق جون تارون، پلمبنگ جا پائپ ۽ ٻيون خدمتي سهولتون پڻ شامل ڪيون وينديون آهن. ڇاڪاڻتہ فرش کي ڪيترين ئي ضرورتن، خاص طور حفاظتي گهرجن، کي پورو ڪرڻو هوندو آهي، تنهنڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهن جي تعمير لاڳو تعميراتي ضابطن مطابق ڪئي ويندي آهي.
فرش عام طور شهتيرن يا جوئسٽن تي تعمير ڪيا ويندا آهن،[1] يا وري اڳواٽ تيار ڪيل خالي مرڪز واري ڪنڪريٽ سليب (ھالو-ڪور سليب) جهڙيون بناوتون پڻ استعمال ڪيون وينديون آهن. بنيادي فرش انهن سهارو ڏيندڙ حصن تي مختلف طريقن سان نصب ڪيو ويندو آهي، پر سهارو ڏيندڙ بناوت ۽ بنيادي فرش گڏجي اهڙي مضبوط سطح تيار ڪندا آهن، جنهن تي ماڻهو محفوظ نموني هلي سگهن.
فرش ڪنهن به عمارت يا بند جڳهه جي هيٺئين هلڻ لائق مٿاڇري کي چيو ويندو آهي، جيڪا ماڻهن جي محفوظ چرپر، سامان جي رکڻ ۽ عمارت جي استعمال لاءِ بنيادي سطح فراهم ڪري ٿي. عمارت جي مختلف سطحن، جهڙوڪ زميني منزل (گرائونڊ فلور)، پهرين منزل، ٻي منزل وغيره، کي پڻ عام طور فرش چيو ويندو آهي.
فرش عمارت جي اهم تعميراتي عنصرن مان هڪ آهي، ۽ ان جي معيار جو عمارت جي مجموعي معيار، آرام ۽ پائيداري تي سڌو اثر پوندو آهي. هڪ سٺو فرش هموار، مضبوط، صاف رکڻ ۾ آسان، سوراخن کان پاڪ ۽ پاڻي يا ٻين رطوبتن کي جذب نه ڪندڙ (امپرويئس) هجڻ گهرجي، جيئن صفائي، صحت ۽ ڊگهي عرصي تائين استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي.
زميني منزل کان مٿانهين منزلن جا فرش اهڙي نموني ڊزائن ۽ تعمير ڪيا ويندا آهن، جو اهي متوقع بار کي محفوظ نموني برداشت ڪري سگهن ۽ رهواسين کي بي خوف ۽ محفوظ استعمال جي سهولت فراهم ڪن.
زميني فرش سڌو سنئون زمين جي مٿان تعمير ٿيندو آهي، تنهنڪري ان جي هيٺان موجود زمين جو چڱيءَ طرح دٻايل، ڳتيل (ڪامپيڪٽيڊ) ۽ مستحڪم هجڻ ضروري هوندو آهي. ان کان علاوه، زمين ۽ فرش جي وچ ۾ ضرورت مطابق هڪ حفاظتي تهه (سب فلور) پڻ ڏنو ويندو آهي، جيڪو زمين مان ايندڙ نمي کي فرش تائين پهچڻ کان روڪيندو آهي.
اهڙا بنيادي تهه فرش کي پاڻي روڪ (واٽر پروفنگ)، آواز روڪ (سائونڊ پروفنگ) ۽ زمين مان ٻوٽن يا گاهه جي اُڀرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.[2]
قديم فرش
[سنواريو]



اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين، جڏهن وڪڙ برداشت ڪندڙ ٻيا تعميراتي مواد، جهڙوڪ فولاد ۽ رِيئنفورسڊ سيمينٽ ڪنڪريٽ، عام مارڪيٽ ۾ اچڻ لڳا، تڏهن فرانسيسي لفظ پلانشي بنيادي طور ڪاٺ مان تيار ڪيل بناوت لاءِ استعمال ٿيندو هو. جان نيڪو پنهنجي 1606ع واري لغت Thresor de la langue francoyse ۾ ڄاڻايو آهي ته پلانشي لفظ پلانش، يعني ڪاٺ جي تختي، مان نڪتل آهي ۽ ان مان مراد ننڍن شهتيرن مٿان وڇايل تختن جي بناوت هئي. ان کي سوليي پڻ سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻتہ اهي تختا هيٺين سهارن مٿان وڇايا ويندا هئا. بعد ۾ مجازي ۽ وسيع استعمال وسيلي هي اصطلاح ٻين مواد مان ٺهيل اهڙين بناوتن لاءِ پڻ ڪتب اچڻ لڳو، جيڪي هيٺين سهارن مٿان رکيل هونديون هيون. تنهن هوندي به، پنهنجي اصل فني معنيٰ ۾ پلانشي ڪاٺ جي تختن سان ڍڪيل فرش کي چيو ويندو هو؛ انهيءَ ڪري عمارت جي هر منزل لازمي طور ڪاٺ جو فرش نه هوندي هئي.[3] اهڙي فرش جي تياريءَ ۾ واڍو، نجار، پارڪيٽ ٺاهيندڙ ۽، جڏهن شهتيرن جي وچ ۾ ڀراءُ ڪرڻو هوندو هو، تڏهن رازا پڻ حصو وٺندا هئا. انهن مان هر ڪاريگر لاءِ فرش جي اصطلاح جو فني مفهوم سندس ڪم جي نوعيت موجب مختلف هوندو هو.
تعمير دوران واڍو پهرين فرش کي سهارو ڏيندڙ مکيه شهتير نصب ڪندو هو. انهن کي ڪهاڙيءَ سان چؤرس ڪري، پوءِ ٻٽي ڌار واري واڍڪي اوزار سان آخري شڪل ڏني ويندي هئي. ان کان پوءِ نجار انهن شهتيرن جي مٿئين مٿاڇري ۾ لڳ ڀڳ ٽي انچ، يعني اٽڪل 8 س.م ڊگها ۽ ٽي انچ ويڪرا کڏا ٺاهيندو هو. اهي کڏا لڳ ڀڳ اڌ فوٽ، يعني اٽڪل 16 س.م، جي وٿيءَ تي رکيا ويندا هئا[4]، ۽ انهن کي اهڙي نموني تراشيو ويندو هو، جو هڪ شهتير جا کڏا سامهون واري شهتير جي کڏن سان بلڪل هڪ ليڪ ۾ اچن. انهن کڏن ۾ ننڍا فرشي شهتير يا تقريباً ٽي انچ چؤرس ڪاٺ جا ٽڪرا رکيا ويندا هئا، جيڪي هڪ مکيه شهتير کان ٻئي مکيه شهتير تائين ويندا هئا ۽ ٻنهي ڇيڙن وٽ کڏن ۾ ٽيڪيل هوندا هئا.
انهن ننڍن شهتيرن جي ماپ هميشه هڪجهڙي نه هوندي هئي. جڏهن مٿين منزلن جو فرش تمام ڳرو نه رکڻو هوندو هو، تڏهن انهن جي اوچائي ڪڏهن رڳو ٻه انچ، يعني لڳ ڀڳ 5 سينٽي ميٽر، هوندي هئي. وڏن ڪمرن، وڌيڪ بار کڻندڙ فرشن يا زميني منزل جي نمي وارن هنڌن تي، جتي فرش کي زمين کان مٿي کڻڻ ضروري هوندو هو، انهن کي چار انچ، يعني اٽڪل 11 سينٽي ميٽر، اوچو يا ڪڏهن ڇهه انچ، يعني لڳ ڀڳ 16 سينٽي ميٽر، اوچو ۽ چار انچ ويڪرو رکيو ويندو هو.
ننڍن شهتيرن جي نصب ٿيڻ کان پوءِ انهن جي مٿان آڏا ڪاٺ جا تختا وڇايا ويندا هئا. اهي تختا سڌا، هموار ۽ چڱيءَ طرح رنديل هوندا هئا ۽ کين نر ۽ مادا ڳانڍاپي سان پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو هو. انهن تختن جي ٿولهه پندرهن کان ارڙهن لائينن، يعني لڳ ڀڳ 33 کان 40 ملي ميٽر، تائين هوندي هئي. تختن کي تمام چپٽي مٿن وارن يا بنا مٿن وارن ڪوڪن سان ننڍن شهتيرن تي جڪڙيو ويندو هو.[5]
هن قسم جي فرش ۾ اندروني ڇت اصل ۾ فرش جي حقيقي بناوت جو هيٺان کان نظر ايندڙ روپ هوندي هئي. ان ۾ مکيه ۽ ننڍا شهتير کليل نظر ايندا هئا، جن کي ڪڏهن سادي مولڊنگ سان ۽ ڪڏهن تمام نفيس اُڪير ۽ نقش نگاريءَ سان سينگاريو ويندو هو. اهڙين ڇتين ۾ ڪجهه حصا ٻاهر نڪتل ۽ ڪجهه اندر دٻيل هوندا هئا، جيڪي ڪڏهن خانن يا کوپن جهڙيون شڪليون ٺاهيندا هئا؛ انهن کي نقش، ڪنڊارين ۽ رنگين چٽساليءَ سان سينگاريو ويندو هو. فرانس ۾ چوڏهين صديءَ کان اڳ جون اهڙيون ڇتيون اڄ محفوظ ناهن، جيتوڻيڪ اهو معلوم آهي ته اهي ان دور کان اڳ به موجود هيون، ڇاڪاڻتہ اهڙا فرش ٺاهيا ويندا هئا، جن جي هيٺان پلستر نه لڳايو ويندو هو.[6]
پارڪيٽ ڪاٺ جي وڌيڪ نفيس نجاريءَ يا ٻئي آرائشي فرش جي صورت هوندي هئي، جيڪا بنيادي ڪاٺي فرش جي مٿان وڇائي ويندي هئي. ان کان اڳ بنيادي فرش تي ڪاٺ جون سنهيون سهارو ڏيندڙ پٽيون لڳايون وينديون هيون. پارڪيٽ ٺاهڻ جا ٻه بنيادي طريقا رائج هئا: پٽين وارو پارڪيٽ ۽ ڳنڍيل خانن وارو پارڪيٽ.[5]
اوڻيهين صديءَ ۾ ڪاٺ جي فرشن جي ننڍن شهتيرن جي وچ واري جاءِ کي ڪڏهن پلستر يا مٽيءَ ۽ ٻوٽي واري گاري سان ڀريو ويندو هو. اهو ڪم رازي يا پلستر ڪندڙ ڪاريگر ڪندو هو. اوساري جي اصطلاحن ۾ اهڙن فرشن جا هي قسم ڌار ڪيا ويندا هئا:
- کوکلو فرش، جنهن ۾ ننڍن شهتيرن جي وچ واري جاءِ خالي ڇڏي ويندي هئي؛[7]
- ڀريل فرش، جنهن ۾ شهتيرن جي وچ واري جاءِ ڀڳل پلستر ۽ نئين پلستر سان اهڙيءَ طرح ڀري ويندي هئي، جو ڀراءُ ڪاٺ جي مٿئين ۽ هيٺئين سطح سان برابر اچي؛[7]
- دٻيل يا وچ-خاني وارو فرش، جنهن ۾ لڳاتار ڪاٺيون پٽيون يا ڇلرن جهڙو ڍڪ وڇائي، ان جي مٿان پلستر يا مٽيءَ وارو گارو وڌو ويندو هو، جڏهن ته هيٺان ڪاٺ جا شهتير کليل نظر ايندا هئا؛[7]
- فرش جو ڀراءُ، جنهن مان مراد مقرر ٿولهه واري اوساري هئي، جيڪا ڪاٺين پٽين يا شهتيرن جي وچ واري ڀراءَ مٿان وڌي فرش جي هموار بنيادي سطح ٺاهيندي هئي، يا ان سطح مٿان سرون يا ٽائيل لڳائڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي.[7]
اوڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ ڪاٺي ڍانچاسازي جي فني اصطلاح موجب فرش عام طور ننڍن شهتيرن، ڏاڪڻ يا چمنيءَ جي چوڌاري رکيل خاص شهتيرن ۽ انهن کي ڳنڍيندڙ آڏن ڪاٺي حصن تي مشتمل هوندو هو.[8] نجاري جي اصطلاح ۾، فرش مان مراد پاڻ ۾ ڳنڍيل تختن يا ڪنارن واري ڪاٺ جي پٽين مان ٺهيل اها نجاري هوندي هئي، جيڪا پارڪيٽ وانگر ڪمرن جي بنيادي هموار تهه کي ڍڪڻ يا زميني منزل جي ڪمرن جي زمين مٿان وڇائڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي. بناوت جي لحاظ کان ان جا ڪيترائي قسم ڌار ڪيا ويندا هئا:[9]
- عام تختن وارو فرش: اهڙو فرش، جيڪو مڪمل ڪاٺي تختن مان ٺهندو هو؛ تختا ڪچا به ٿي سگهندا هئا يا نر ۽ مادا ڳانڍاپي سان پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا هئا.[9]
- سنهي پٽين وارو فرش: اهڙو فرش، جنهن ۾ تختن کي ويڪر ۾ ٻن يا ٽن سنهين پٽين ۾ چيري، پوءِ نر ۽ مادا ڳانڍاپي سان پاڻ ۾ ملائبو هو.[9]
- انگريزي نموني جو سنهي پٽين وارو فرش: اهو اڳئين قسم جهڙو هوندو هو، پر سنهين پٽين جا ڇيڙا هڪ ٻئي جي ڀيٽ ۾ واري وٽيءَ سان اڳتي پوئتي رکيا ويندا هئا.[9]
- هنگريائي نوڪ وارو فرش، جنهن کي سرخس نموني يا ڪئپيوچن نموني وارو فرش پڻ چيو ويندو هو: هن ۾ ننڍيون ڪاٺي پٽيون استعمال ٿينديون هيون، جن جا ٻئي ڇيڙا ترڇي ڪنڊ سان ڪٽيا ويندا هئا ۽ پوءِ انهن کي هر خاني ۾ ترڇي رخ سان وڇايو ويندو هو.[9]
پلانشيي ان عمل کي چيو ويندو هو، جنهن ۾ نر ۽ مادا ڳانڍاپي سان پاڻ ۾ ملائي تيار ڪيل ڪاٺ جا تختا، هيٺين ڪاٺي پٽين تي رکي ڪوڪن سان مضبوطيءَ سان جڪڙيا ويندا هئا.[9]
خاص فرشي بناوتون
[سنواريو]
جڏهن ڪو خاص قسم جو فرش، جهڙوڪ تَرندڙ فرش (فلوٽنگ فلور)، ڪنهن ٻئي فرش جي مٿان لڳايو ويندو آهي، ته ٻنهي سطحن کي مختلف حالتن ۾ بنيادي فرش (سب فلور) سڏيو وڃي سگهي ٿو.
خاص فرشي بناوتون مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪيون وينديون آهن، جن ۾ هيٺيان شامل آهن:
- بالڪوني – ڀت کان ٻاهر نڪتل فرشي پليٽفارم.
- تَرندڙ فرش (فلوٽنگ فلور) – آواز يا وائبريشن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ فرش.
- شيشي جو فرش – جهڙوڪ شيشي جي هيٺئين حصي وارا لفٽ.
- نائيٽنگيل فرش – اهڙو فرش، جيڪو ان تي هلڻ سان آواز پيدا ڪري، جيئن اڻڄاتل ماڻهوءَ جي اچ وڃ جو پتو پئجي سگهي.
- اوچو فرش (رئزڊ فلور) – جنهن جي هيٺان برقي تارون، پائپ ۽ ٻيون سهولتون آسانيءَ سان پهچي مرمت ڪري سگهجن.
- لچڪدار فرش (اسپرنگ فلور) – رانديگرن ۽ رقاصن جي ڪارڪردگي ۽ حفاظت بهتر ڪرڻ لاءِ ٺهيل فرش.
- ڍلوان وارو اسٽيج فرش (رئڪڊ فلور) – ٿيٽرن ۾ اهڙو فرش، جيڪو تماشائين کي اسٽيج تي موجود فنڪارن جو بهتر نظارو مهيا ڪري.

فرش جا قسم جو دارومدار انھن ۾ استعمال ڪيل مال (Material) جي نوعيت تي رکي ٿو..[2]
مٽيءَ جا فرش
[سنواريو]مٽيءَ جا فرش (ارٿ فلور) اهڙا فرش آهن، جيڪي ڪلر کان پاڪ ۽ سٺي معيار واري مٽيءَ مان تيار ڪيا ويندا آهن. انهن جي تعمير دوران مٽي کي مرحليوار تهن ۾ وڇائي هر تهه کي پاڻي ڏئي ڌمڪ يا مشيني ڪمپيڪٽر ذريعي چڱيءَ طرح دٻايو ويندو آهي، جيئن مضبوط ۽ ڳتيل (ڪامپيڪٽ) بنياد تيار ٿئي. تيار ٿيل فرش جي مٿاڇري ايتري سخت هوندي آهي، جو ان تي هلڻ سان رڳو هلڪو نشان پوندو آهي.
مٽيءَ جا فرش گهٽ خرچائتا هوندا آهن، پر نمي، گهڻي استعمال ۽ موسم جي اثرن جي مقابلي ۾ انهن جي پائيداري محدود هوندي آهي. انهيءَ ڪري اهي عام طور گھوڙن جي اصطبلن، چوپائي مال جي ڇاپرن ۽ عارضي يا زرعي عمارتن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.[10]
مٽيءَ جي ليپي وارا فرش
[سنواريو]مٽيءَ جي ليپي وارا فرش (انگريزي ٻولي: Mud Floors) مٽيءَ جي مضبوط بنياد تي تيار ڪيا ويندا آهن، جنهن جي مٿان مٽيءَ جي ليپي ۽ آخر ۾ ڇيڻي (گوبر) جي سنهي ليپ هڻي هموار مٿاڇري ٺاهي ويندي آهي. پاڪستان، خاص طور سنڌ جي ٻهراڙين ۾، هي فرش روايتي طور وڏي پيماني تي استعمال ٿيندا آهن. اهي فرش گهٽ خرچائتا، آسانيءَ سان تعمير ۽ مرمت لائق هوندا آهن. مناسب سار سنڀال سان ڪافي عرصي تائين قائم رهن ٿا ۽ گرمي توڙي سردي جي موسمن ۾ اندروني گرمي پد نسبتاً هڪجهڙو رکڻ جي صلاحيت سبب اگهاڙي پيرين هلڻ لاءِ آرامده سمجهيا ويندا آهن.[11]
پڪن فرشن جو بنياد
[سنواريو]پڪن فرشن جو بنياد فرش جي مضبوطي، پائيداري ۽ نمي کان تحفظ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. ان جو مقصد زمين مان ايندڙ نمي، نباتاتي واڌ ۽ ٻين نقصانڪار اثرن کي روڪڻ هوندو آهي. بنياد جي تياري دوران زمين کي مرحليوار دٻائي (ڪامپيڪشن) هموار ڪيو ويندو آهي، جنهن جي مٿان دريائي واريءَ جو تهه ۽ پوءِ لاغر ڪنڪريٽ (لين ڪنڪريٽ) جو تهه وڌو ويندو آهي.
فرش جي هيٺيان مختلف تهه هيٺين ريت سڃاتا وڃن ٿا:
- هيٺيون بنياد (سب-بيس) – دٻايل ۽ هموار ڪيل زميني ڀراءُ.
- اندريون تهه (انڊر ليئر) – واريءَ جو تهه، جيڪو بنياد ۽ زمين جي وچ ۾ گديلي (ڪشن) جو ڪم ڪندو آهي.
- بنياد (بيس) – لاغر ڪنڪريٽ جو تهه، جنهن جي مٿان اصل فرش ٺاهيو ويندو آهي.
رهائشي عمارتن ۾ بنياد لاءِ عام طور 1:4:8 يا 1:6:12 تناسب واري سيمينٽ ڪنڪريٽ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن جي ٿولهه اٽڪل 4 انچ هوندي آهي. جتي زميني نمي يا اڏوهيءَ جو خطرو وڌيڪ هجي، اتي مناسب نمي روڪ (ڊيمپ-پروفنگ) ۽ اڏوهيءَ جي روڪٿام جا اپاءَ پڻ اختيار ڪيا ويندا آهن. عام طور غسلخاني جو فرش ٻين ڪمرن جي فرش کان لڳ ڀڳ ڏيڍ انچ هيٺ رکيو ويندو آهي، ته جيئن پاڻي آسانيءَ سان نيڪال ٿي سگهي.[12]
پڪين سرن يا ٽائيلن جا فرش
[سنواريو]پڪين سرن يا ٽائيلن جا فرش (برڪ يا ٽائل فلورنگ) فرش سازي جو هڪ روايتي ۽ پائيدار قسم آهي، جنهن ۾ پهرين درجي جون پڪيون سرون يا ٽائيل استعمال ڪيا ويندا آهن. فرش ٺاهڻ کان اڳ بنياد (بيس) کي چڱيءَ طرح صاف ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته مٿين منزلن ۾ ڪنڪريٽ جي سليب جي مٿاڇري کي کَهرو ڪري صاف ڪيو ويندو آهي، جيئن سرون يا ٽائيلون مضبوطيءَ سان چنبڙي سگهن. سرن کي وڇائڻ کان اڳ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي تر ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهي مصالحي مان پاڻي نه ڇڪين.
سرن يا ٽائيلن کي سيمينٽ جي مصالحي تي مناسب جوڙن سان وڇايو ويندو آهي. جيڪڏهن جوڙن ۾ ٽِيپ (پوائنٽنگ) نه ڪئي وڃي ته انهن جي ويڪر گهٽ رکي ويندي آهي، جڏهن ته ٽيپ ڪرڻ جي صورت ۾ جوڙ ڪجهه وڌيڪ ويڪرا رکيا ويندا آهن ۽ پوءِ انهن کي مناسب مصالحي سان ڀريو ويندو آهي. فرش مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان کي مقرر عرصي تائين آلو (ڪيوئرنگ) رکيو ويندو آهي، جنهن سان مضبوطي ۽ پائيداري ۾ اضافو ٿيندو آهي. استعمال کان اڳ اهڙي فرش کي عام طور کَهري ڪاربورنڊم پٿر (ڪاربورنڊم اسٽون) سان گسائي هموار ۽ لسو ڪيو ويندو آهي. هي قسم جا فرش خاص طور گهرن جي اڱڻن ۽ کليل جڳهن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ڪيا ويندا آهن، ڇاڪاڻتہ اهي مضبوط، نسبتاً سستا ۽ ڊگهي عمر وارا هوندا آهن.[13]
سيمينٽ ڪنڪريٽ جا فرش
[سنواريو]سيمينٽ ڪنڪريٽ جا فرش (سيمينٽ ڪنڪريٽ فلورنگ) رهائشي، تجارتي ۽ صنعتي عمارتن ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ فرشن مان آهن، ڇاڪاڻتہ اهي مضبوط، پائيدار، هموار ۽ نسبتاً گهٽ سار سنڀال طلب هوندا آهن. اهڙا فرش عام طور تيار ڪيل هيٺيون بنياد (سب-بيس) ۽ بنياد (بيس) جي مٿان 1:2:4 تناسب واري سيمينٽ ڪنڪريٽ جي مٿئين تهه (ٽاپنگ) سان تيار ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته بنيادي تهه لاءِ اڪثر 1:4:8 يا 1:6:12 تناسب واري لاغر ڪنڪريٽ استعمال ڪئي ويندي آهي.
ڪنڪريٽ جي سوس ۽ حرارتي ڦهلاءَ سبب ڏار پوڻ کان بچائڻ لاءِ فرش کي شيشي يا ايلومينيم جي پٽين، يا عارضي ڪاٺين پٽين جي مدد سان ننڍن چونڪن (پينل) ۾ ورهايو ويندو آهي. هر چونڪي جي ايراضي عام طور 16 چورس فوٽن کان وڌيڪ نه رکي ويندي آهي، جيئن فرش جي پائيداري برقرار رهي.
سيمينٽ ڪنڪريٽ جي فرش جي تعمير دوران بنياد کي چڱيءَ طرح صاف، ڳتيل (ڪامپيڪٽيڊ) ۽ تر ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڪنڪريٽ کي مناسب پاڻي-سيمينٽ تناسب (واٽر-سيمينٽ ريشو) سان تيار ڪري هڪ ئي مرحلي ۾ هر چونڪي ۾ وڇايو ويندو آهي. ڪنڪريٽ کي پٿارڻ کان پوءِ دٻائي، هموار ڪري ۽ لوهي ڪرني سان سنواريو ويندو آهي، ته جيئن مٿاڇري مضبوط، هموار ۽ سوراخن کان پاڪ رهي.
فرش مڪمل ٿيڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 14 ڏينهن تائين مناسب ترائي (ڪيوئرنگ) ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻتہ اها ڪنڪريٽ جي مضبوطي، پائيداري ۽ ڏارن کان بچاءَ لاءِ ضروري هوندي آهي. تعميراتي ماهرن موجب خراب مٿاڇري لڪائڻ لاءِ سڪل سيمينٽ يا وڌيڪ سيمينٽ واري ليپ هڻڻ مناسب عمل نه آهي، ڇاڪاڻتہ اهڙي مٿاڇري ڊگهي عرصي تائين پائيدار ثابت نه ٿيندي.[14]
سيمينٽ ڪنڪريٽ جي فرشن جا قسم
[سنواريو]سيمينٽ ڪنڪريٽ جا فرش تعمير جي طريقي موجب بنيادي طور ٻن قسمن جا هوندا آهن:
- غير مفرد فرش – هن قسم ۾ مٿيون ڪنڪريٽ جو تهه بنياد کان ڪجهه ڏينهن پوءِ وڌو ويندو آهي، تنهنڪري ٻئي تهه مڪمل طور هڪ جان ناهن ٿيندا. اهي هڪ تهه يا ٻن تهن جي صورت ۾ تيار ڪيا ويندا آهن، جن ۾ هيٺيون ۽ مٿيون تهه مختلف تناسب واري سيمينٽ ڪنڪريٽ مان ٺاهيا ويندا آهن.
- مفرد يا هڪ جان فرش – هن قسم ۾ مٿيون تهه بنياد سان گڏ يا ٿوري وقفي کان پوءِ وڌو ويندو آهي، جنهن سان ٻئي تهه پاڻ ۾ مضبوطيءَ سان ڳنڍجي هڪ گڏيل بناوت اختيار ڪندا آهن. اهڙن فرشن ۾ عام طور 1:2:4 تناسب وارو سيمينٽ ڪنڪريٽ استعمال ٿيندو آهي، پر جديد تعمير ۾ هن قسم جو استعمال نسبتاً گهٽ ٿي ويو آهي.[15]
مستحڪم سيمينٽ ڪنڪريٽ جا فرش
[سنواريو]مستحڪم سيمينٽ ڪنڪريٽ جا فرش عام سيمينٽ ڪنڪريٽ جي فرشن جو وڌيڪ مضبوط قسم آهن، جن ۾ لوهه جون سلاخون (ريئنفورسمينٽ) تعميراتي ڊزائن مطابق ڪنڪريٽ جي اندر شامل ڪيون وينديون آهن. اهي سلاخون فرش جي مضبوطي ۽ بار برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪن ٿيون. آر سي سي فرشن ۾ ڪنڪريٽ جي ٿولهه ۽ فولادي ڄار جي ترتيب تعميراتي ضرورت ۽ ڊزائن موجب مقرر ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته سلاخن جي چوڌاري مناسب ڪنڪريٽ جو حفاظتي تهه (Cover) پڻ رکيو ويندو آهي، جيئن مضبوطي ۽ پائيداري برقرار رهي. هن قسم جا فرش انهن هنڌن تي استعمال ڪيا ويندا آهن، جتي ڳري مشينري، تيز ٽرئفڪ يا وڏا بار برداشت ڪرڻا پوندا آهن، جهڙوڪ ڪارخانا، صنعتي عمارتون، جهازن ۽ هيليڪاپٽرن جا رن وي، ۽ گاڏين جي پارڪنگ جا دالان.[16]
موزائيڪ يا ٽيرازو جا فرش
[سنواريو]موزائيڪ يا ٽيرازو جا فرش اعليٰ درجي جا آرائشي فرش آهن، جيڪي سيمينٽ ڪنڪريٽ جي بنياد تي تيار ڪيا ويندا آهن. انهن ۾ هيٺيون بنيادي تهه سيمينٽ ڪنڪريٽ جو هوندو آهي، جڏهن ته مٿئين تهه ۾ سفيد يا رنگين سيمينٽ سان بلوري پٿر (ماربل چپس) جا ننڍا ٽڪرا ملايا ويندا آهن، جيڪي فرش کي خوبصورت ۽ پائيدار بڻائيندا آهن. فرش کي مختلف خانن يا ڊزائنن ۾ ورهائڻ لاءِ پتل، ٽامي، جست يا شيشي جون پٽيون استعمال ڪيون وينديون آهن. موزائيڪ جي تهه کي وجهي، مناسب ترائي (ڪيوئرنگ) کان پوءِ مرحليوار گسائي (گرائينڊنگ) ۽ پالش ڪئي ويندي آهي، جنهن سان مٿاڇري هموار، چمڪندڙ ۽ بلوري داڻا نمايان ٿي ظاهر ٿيندا آهن. رنگين موزائيڪ فرشن لاءِ سفيد سيمينٽ ۾ مناسب رنگ پڻ ملائي سگهجن ٿا. هي فرش رهائشي، تجارتي ۽ عوامي عمارتن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ڪيا ويندا آهن، ڇاڪاڻتہ اهي مضبوط، ڊگهي عمر وارا، صفائيءَ ۾ آسان ۽ جمالياتي لحاظ کان دلڪش هوندا آهن.[17]
پٿر جا فرش
[سنواريو]پٿر جا فرش مضبوط، پائيدار ۽ ڊگهي عمر وارا فرش هوندا آهن، جيڪي چڱيءَ طرح تيار ڪيل بنياد تي هڪجهڙي ٿولهه وارن قدرتي پٿرن جي چؤنڪن سان ٺاهيا ويندا آهن. پٿرن کي وڇائڻ کان اڳ پاڻيءَ ۾ ڀڄايو ويندو آهي ۽ انهن کي سيمينٽ ۽ واريءَ جي گاري سان مناسب جوڙن سميت لڳايو ويندو آهي، جيئن بار برابر ورهائجي ۽ فرش مضبوط رهي. فرش جي جوڙن کي ضرورت موجب ٽيپ (پوائنٽگ) ڪيو ويندو آهي ۽ ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 14 ڏينهن ترائي ڪئي ويندي آهي، جنهن سان مضبوطي ۽ پائيداري ۾ اضافو ٿيندو آهي. اهڙا فرش عام طور سرڪاري عمارتن، برآمدن، اڱڻن، راهدارين ۽ ٻين هنڌن تي استعمال ڪيا ويندا آهن، جتي مضبوط ۽ ڊگهي عرصي تائين قائم رهندڙ فرش گهربل هجي.[18]
چينيءَ جي چؤنڪن جا فرش
[سنواريو]چينيءَ جي چؤنڪن جا فرش (گليزڊ ٽائل فلورنگ) هموار، صفائيءَ ۾ آسان ۽ جمالياتي لحاظ کان دلڪش فرش آهن، جيڪي چڱيءَ طرح تيار ڪيل بنياد تي چمڪدار ٽائيلن سان ٺاهيا ويندا آهن. ٽائيلن کي لڳائڻ کان اڳ پاڻيءَ ۾ ڀڄايو ويندو آهي ۽ پوءِ سيمينٽ جي گاري تي صحيح ليول ۽ سلاميءَ سان وڇايو ويندو آهي، جيئن جوڙ مضبوط ۽ سطح هموار رهي. ٽائيلون لڳائڻ کان پوءِ جوڙن ۾ سيمينٽ جي رٻڙي (سلري) ڀري ويندي آهي ۽ مناسب ترائي کان پوءِ فرش کي صاف ۽ پالش ڪيو ويندو آهي. تعمير دوران فرش کي داغن ۽ نقصان کان بچائڻ لاءِ ڍڪي رکيو ويندو آهي. هي قسم جا فرش رهائشي گهرن، غسل خانن، باورچي خانن، اسپتالن، آفيسن ۽ ٻين عوامي عمارتن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندا آهن.[19]
بلوري پٿر (سنگمرمر) جا فرش
[سنواريو]بلوري پٿر يا سنگمرمر جا فرش اعليٰ معيار، خوبصورتي ۽ پائيداري جي ڪري ممتاز فرش سمجهيا وڃن ٿا. اهي چڱيءَ طرح تيار ڪيل بنياد تي هڪجهڙي سائيز ۽ ٿولهه وارن سنگمرمر جي چؤنڪن يا تختن کي سيمينٽ يا چوني جي گاري سان وڇائي تيار ڪيا ويندا آهن. جوڙ تمام سنها رکيا ويندا آهن ۽ انهن کي چوني جي لاپي سان ڀريو ويندو آهي ته جيئن فرش هموار ۽ دلڪش نظر اچي. فرش وڇائڻ کان پوءِ مناسب ترائي ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ مرحليوار گسائي (گرائنڊنگ) ۽ پالش ذريعي مٿاڇري کي هموار، چمڪندڙ ۽ خوبصورت بڻايو ويندو آهي. سنگمرمر جا فرش رهائشي گهرن، هوٽلن، سرڪاري عمارتن، مسجدن ۽ ٻين اعليٰ درجي جي عمارتن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندا آهن، جتي خوبصورتي، صفائي ۽ ڊگهي عمر کي اهميت ڏني ويندي آهي.[20]
سڪل سرن جي فرشبندي
[سنواريو]سڪل سرن جي فرشبندي اهڙي فرشبندي آهي، جنهن ۾ پهرين درجي جون پڪيون سرون بغير گاري جي، چڱيءَ طرح هموار ۽ نهر ڪيل زمين يا واريءَ جي بنياد تي ويجهو ويجهو وڇايون وينديون آهن. سرن جي جوڙن کي سنهو رکيو ويندو آهي ۽ انهن ۾ باريڪ واري ڀري سرن کي مضبوط ڪيو ويندو آهي. ڪجهه حالتن ۾ صرف مٿاڇري تي سيمينٽ ۽ ريتيءَ جي پتلي گاري سان جوڙ بند ڪيا ويندا آهن. هي قسم جو فرش مضبوط، اقتصادي ۽ مرمت ۾ آسان هوندو آهي، تنهنڪري گودامن، اڱڻن، رستن، چبوترن ۽ گهٽ ٽرئفڪ وارن علائقن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ڪيو ويندو آهي.[21]
ڪاٺ جا فرش
[سنواريو]ڪاٺ جا فرش اعليٰ معيار جا، خوبصورت ۽ آرامده فرش آهن، جيڪي مضبوط ۽ معياري ڪاٺ مان تيار ڪيا ويندا آهن. اهي نسبتاً مهانگا هوندا آهن، تنهنڪري سندن استعمال گهڻو ڪري انهن علائقن ۾ ٿيندو آهي، جتي ڪاٺ آسانيءَ سان دستياب هجي، يا اهڙين عمارتن ۾ جتي آواز جي موٽ گهٽ رکڻ ۽ آرامده هلڻ ضروري هجي، جهڙوڪ ناچ گهر، آڊيٽوريم ۽ جابلو علائقن جون عمارتون. ڪاٺ جي لچڪدار خاصيت کي نظر ۾ رکندي، اهڙن فرشن جي جوڙجڪ ۾ مناسب چيمبر ڏنو ويندو آهي، جيئن بار برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ۽ استحڪام برقرار رهي.[22]
مفرد يا هيڪوٽا ڪاٺ جا فرش
[سنواريو]مفرد يا هيڪوٽا ڪاٺ جا فرش اهڙا فرش آهن، جن ۾ ڪاٺ جا شهتير ديوارن تي مقرر مفاصلي سان رکي، انهن جي مٿان ڪاٺ جا تختا لڳايا ويندا آهن. شهتير مضبوط ۽ مناسب ماپ وارا هوندا آهن ته جيئن فرش محفوظ نموني بار برداشت ڪري سگهي ۽ مڙڻ گهٽ ۾ گهٽ رهي. ڪاٺ کي نمي کان بچائڻ لاءِ شهتيرن کي تازي گاري سان سڌي رابطي ۾ نه رکيو ويندو آهي ۽ ڀتين جي ويجهو مناسب هواداري (وينٽيليشن) پڻ ڏني ويندي آهي، جنهن سان ڪاٺ جي عمر ۽ استحڪام ۾ واڌارو ٿيندو آهي.[23]
ٻٽا ڪاٺ جا فرش
[سنواريو]ٻٽا ڪاٺ جا فرش اهڙا فرش آهن، جن ۾ مٿيان شهتير سڌو سنئون ديوارن تي رکڻ بدران هيٺان رکيل ٻڌندڙ شهتيرن (بائينڊرز) تي ٽيڪايا ويندا آهن. بائينڊر شهتير ديوارن تي مقرر مفاصلي سان رکيا ويندا آهن، جنهن سان فرش جي مضبوطي ۽ بار برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو آهي. هي فرش مفرد ڪاٺ جي فرشن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط هوندا آهن ۽ آواز جي منتقلي کي به بهتر نموني گهٽائيندا آهن. البت انهن جي تعمير وڌيڪ پيچيده ۽ مهانگي هوندي آهي، تنهنڪري اهي عام طور وڏن مفاصلي وارن ڪمرن ۽ ڇتين ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.[24]
ڪاٺ جي پڃري (ٽيڻن شهتيرن) وارا فرش
[سنواريو]ڪاٺ جي پڃري يا ٽيڻن شهتيرن وارا فرش وڏن ڪمرن ۽ هالن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن، جتي مفاصلو عام ڪاٺ جي فرشن جي گنجائش کان وڌيڪ هوندو آهي. انهن جي بناوت ۾ مکيه گرڊر، ٻڌندڙ شهتير، وچ وارا شهتير ۽ ڪاٺ جا تختا گڏجي هڪ مضبوط ڍانچو ٺاهيندا آهن، جنهن سان بار مناسب نموني ورهائجي ويندو آهي. هن قسم جي فرشن ۾ ڪاٺ کي نمي ۽ ڳرڻ کان بچائڻ لاءِ مناسب هواداري جو انتظام ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته گرڊرن، ٻڌندڙ شهتيرن ۽ وچ وارن شهتيرن کي لوهي پٽن ۽ مضبوط ڳانڍاپن ذريعي پاڻ ۾ ٻڌيو ويندو آهي، جنهن سان فرش جي مضبوطي، استحڪام ۽ پائيداري وڌي ويندي آهي. اهڙا فرش عام طور وڏن هالن، عوامي عمارتن ۽ ٻين وسيع اڏاوتن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.[25]
زميني يا هيٺيان فرش
[سنواريو]زميني يا هيٺيان فرش اهڙا ڪاٺ جا فرش آهن، جيڪي سڌيءَ طرح زمين جي مٿان تعمير ڪيا ويندا آهن. ڪاٺ کي پوسل ۽ نمي کان محفوظ رکڻ لاءِ سڀ کان پهرين سيمينٽ ڪنڪريٽ جو بنيادي تهه تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن جي مٿان ننڍيون اوساريون يا سليپر رکي انهن تي وال پليٽون ۽ شهتير نصب ڪيا ويندا آهن، ۽ آخر ۾ انهن جي مٿان ڪاٺ جا تختا وڇايا ويندا آهن. هن قسم جي فرشن ۾ مناسب هواداري جو خاص انتظام ڪيو ويندو آهي، جيئن ڪاٺ سڪي رهي ۽ ڳرڻ کان محفوظ رهي. شهتيرن ۽ تختن لاءِ عام طور ديال جو ڪاٺ استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته اعليٰ درجي جي عمارتن ۾ ساڳ يا شيشم جو ڪاٺ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي.[26]
رٻڙ جا فرش
[سنواريو]رٻڙ جا فرش اهڙا فرش آهن، جيڪي گندڪ سان مضبوط ڪيل رٻڙ مان تيار ڪيل چادرن يا چؤنڪن کي مضبوط بنياد تي خاص چنبڙائيندڙ مرڪب سان لڳائي ٺاهيا ويندا آهن. فرش لڳائڻ کان اڳ بنياد کي هموار، سڪل ۽ دز، چڪنائي ۽ پوسل کان پاڪ رکيو ويندو آهي، جنهن سان رٻڙ مضبوطيءَ سان چنبڙي وڃي. رٻڙ جا فرش لچڪدار، خاموش، پائيدار ۽ هلڻ ۾ آرامده هوندا آهن. انهن تي هلڻ سان شور گهٽ پيدا ٿيندو آهي، تنهنڪري اهي اسپتالن، آفيسن، هوٽلن، سئنيما گهرن، آڊيٽوريمن، تعليمي ادارن ۽ ٻين عوامي عمارتن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ڪيا ويندا آهن.[27]
لينوليم جا فرش
[سنواريو]لينوليم جا فرش اهڙا فرش آهن، جيڪي سيمينٽ ڪنڪريٽ يا ڪاٺ جي بنياد تي لينوليم جي چادرن يا چؤنڪن کي خاص چنبڙائيندڙ مرڪب (ايڊھيسو) سان لڳائي تيار ڪيا ويندا آهن. لينوليم السيءَ جي تيل، ڪارڪ جي دز، ڪاٺ جي ٻوري، رنگن ۽ ٻين قدرتي جزن مان تيار ٿيندڙ هڪ پائيدار فرشي مواد آهي، جيڪو مختلف رنگن ۽ نمونن ۾ دستياب هوندو آهي. لينوليم جا فرش رٻڙ جي فرشن جي ڀيٽ ۾ نسبتاً سستا هوندا آهن ۽ مناسب سنڀال، جهڙوڪ وارنش يا موم (ويڪس) لڳائڻ سان سندن عمر وڌائي سگهجي ٿي. اهي رهائشي گهرن، اسپتالن، آفيسن، ريسٽورانن ۽ مختلف گاڏين، جهڙوڪ موٽر ڪارن، بسن، ريل گاڏين ۽ جهازن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ڪيا ويندا آهن.[28]
ڪارڪ جا فرش
[سنواريو]ڪارڪ جا فرش (Cork Floors) اهڙا فرش آهن، جيڪي آواز گهٽ پيدا ڪرڻ ۽ آرامده هلڻ جي خاصيت سبب آڊيٽوريم، عوامي لائبريرين، ٿيئٽرن، گرجائن ۽ ٻين خاموش ماحول وارن هنڌن تي استعمال ڪيا ويندا آهن. اهي ڪارڪ جي چادرن يا ٽائيلن جي صورت ۾ موجود هوندا آهن. ڪارڪ جون ٽائيلون خالص ڪارڪ مان، جڏهن ته ڪارڪ جون چادرون ڪارڪ جي ٻوري، السيءَ جي تيل، ڪاٺ جي ٻوري ۽ رنگن جي ملاوٽ سان تيار ڪيون وينديون آهن، جنهن سبب اهي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار هونديون آهن.[29]
ڪارڪ جي ٽائيلن جا فرش ڪارڪ جي تيار ڪيل ٽائيلن يا بارڊر پٽين کي سيمينٽ ڪانڪريٽ يا ڪاٺ جي هموار بنياد تي خاص چنبڙائيندڙ مرڪب يا ڏامر (Bitumen) سان لڳائي ٺاهيا ويندا آهن. ڪاٺ جي بنياد تي عام طور نرم گدي يا پلاءِ جي تهه استعمال ڪئي ويندي آهي ته جيئن فرش جي حرڪت سبب ٽائيلن کي نقصان نه پهچي. ڪارڪ، ڪارڪ اوڪ (Cork Oak) وڻ جي ٿلهي کل مان تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪا هر 8 کان 10 سالن بعد لاهي خاص عملن ذريعي سخت، مضبوط ۽ هلڪي وزن واري مواد ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي. ڪارڪ جا فرش آواز جذب ڪرڻ، گرميءَ کان بچاءُ ۽ آرامده هلڻ جي خاصيتن سبب آفيسن، لائبريرين، تعليمي ادارن ۽ ٻين خاموش ماحول وارن هنڌن لاءِ موزون سمجهيا وڃن ٿا.[30]
ڪارڪ جي چادرن جا فرشن ۾ ڪارڪ جي ٽائيلن بدران ڪارڪ جون شيٽون استعمال ڪيون وينديون آھن. ھن قسم جون چادرون مختلف ماپن ۽ رنگن ۾ دستياب ھونديون آھن. ھنن چادرن کي پڻ ٽائيلن وانگر ھيٺئين سيمينٽ ڪانڪريٽ يا ڪاٺ جي سخت ۽ ٺوس تھھ مٿان چنبڙائي استعمال ڪيو ويندو آھي.[2]
پي-وي-سي جا فرش
[سنواريو]پي-وي-سي جا فرش (پولي ونيل ڪلورائيڊ فرش جديد تعميراتي فرشن مان آهن، جيڪي گهرن، آفيسن، ريلوي ڊٻن، آڊيٽوريمن ۽ ٿيئٽرن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندا آهن. اهي عام طور رٻڙ يا لينوليم جي فرشن وانگر هموار بنياد تي لڳايا ويندا آهن ۽ پنهنجي خوبصورتي، لچڪ، پاڻي نه جذب ڪرڻ ۽ آسان صفائي جي خاصيتن سبب مقبول آهن. پي-وي-سي شيٽون ۽ ٽائيلون ٿرموپلاسٽڪ مرڪبن، فلرن ۽ رنگن مان تيار ڪيون وينديون آهن. اهي مختلف سائيزن ۽ ٿولهين ۾ دستياب هونديون آهن ۽ هڪ مضبوط، هموار ۽ پائيدار فرشي مٿاڇرو فراهم ڪنديون آهن.[31]
شيشي جا فرش
[سنواريو]شيشي جا فرش انهن هنڌن تي ٺاهيا ويندا آهن، جتي هيٺئين ماڙ يا تهه خاني تائين قدرتي روشني پهچائڻ ضروري هجي. اهي مضبوط ڪاٺ يا ڌاتوءَ جي فريمن ۾ عمارتي شيشي جون شيٽون يا پينل لڳائي تيار ڪيا ويندا آهن. استعمال ٿيندڙ شيشو اعليٰ معيار جو، مضبوط ۽ مناسب ٿولهه وارو هوندو آهي ته جيئن هلڻ جو بار محفوظ نموني برداشت ڪري سگهي. اهڙا فرش جديد عمارتن، تجارتي مرڪزن ۽ روشنيءَ جي خاص ضرورت وارن هنڌن تي استعمال ڪيا ويندا آهن.[32]
ائسفالٽ جا فرش
[سنواريو]ائسفالٽ جا فرش ٻن قسمن جا هوندا آهن: ائسفالٽ ٽائيل فرش ۽ ائسفالٽ ماسٽڪ فرش. اهي فرش سستا، لچڪدار، پاڻي ۽ پوسل کان محفوظ، تيزاب، تيل ۽ گريس جي اثرن جي مزاحمت ڪندڙ هوندا آهن، تنهنڪري سرڪاري آفيسن، اسڪولن، گودامن، ڪارخانن ۽ صنعتي عمارتن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ڪيا ويندا آهن. ائسفالٽ ٽائيلون عام طور هموار سيمينٽ ڪانڪريٽ يا مضبوط ڪاٺ جي بنياد تي خاص چنبڙائيندڙ مرڪب سان لڳايون وينديون آهن، جڏهن ته ائسفالٽ ماسٽڪ گرم حالت ۾ بنياد تي پٿاري تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن سان هڪ مضبوط، هموار ۽ پاڻي نه جذب ڪندڙ فرش حاصل ٿيندو آهي.[33]
فرشن جي سنڀال ۽ مرمت
[سنواريو]فرشن جي ڊگهي عمر ۽ سٺي ڪارڪردگي لاءِ انهن جي باقاعده صفائي ۽ سنڀال ضروري آهي. فرش کي روزانو آلي پوچي سان صاف ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته گهڻي گندگي جي صورت ۾ نرم صابڻ ۽ پاڻي استعمال ڪجي. تيزابي يا کاري صفائي ڪندڙ شيون استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻتہ اهي فرش جي مٿاڇري کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون. جيڪڏهن فرش جو ڪو حصو ٽٽي يا خراب ٿي وڃي، ته متاثر ٿيل پينل کي هٽائي بنيادي سطح صاف ڪري نئين سيمينٽ ڪانڪريٽ سان ساڳئي ليول تي مرمت ڪرڻ گهرجي. مرمت ٿيل حصي کي مناسب ترائي ڏيڻ سان فرش جي مضبوطي ۽ پائيداري برقرار رهندي آهي.[34]
موزائيڪ يا ٽيرازو فرشن جي سنڀال لاءِ انهن کي روزانو صاف پاڻي ۽ نرم پوچي سان صاف رکڻ گهرجي. سخت داغن کي هلڪي آڪسيلڪ ائسڊ. سان صاف ڪري سگهجي ٿو، پر تيزابي يا کاري صفائي ڪندڙ شيون استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. وقت سان چمڪ گهٽجڻ جي صورت ۾ مناسب پالش ذريعي فرش کي ٻيهر چمڪايو ويندو آهي. جيڪڏهن فرش جو ڪو حصو خراب ٿي وڃي ته متاثر ٿيل پينل کي هٽائي ساڳئي رنگ، داڻي ۽ ليول سان نئون موزائيڪ لڳايو وڃي. سنهڙا ڏار. ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي سيمينٽ جي باريڪ ڪريم سان ڀري مناسب ترائي ڪئي وڃي، جيئن پاڻي ۽ مٽي اندر داخل نه ٿي سگهي ۽ فرش جي مضبوطي برقرار رهي.[35]
ڪاٺ جي فرشن کي اڏوهي، نمي ۽ سڙڻ کان بچائڻ لاءِ باقاعدي حفاظتي دوائن ۽ مناسب پالش جو استعمال ضروري آهي. جيڪڏهن فرش جو ڪو حصو خراب يا سڙي وڃي، ته ان کي هٽائي ساڳئي قسم جي ڪاٺ سان تبديل ڪيو وڃي ۽ نئين ڪاٺ کي رندي ذريعي موجوده فرش جي ليول مطابق هموار ڪيو وڃي، جيئن فرش جي مضبوطي، خوبصورتي ۽ همواري برقرار رهي.[36]
لينوليم ۽ رٻڙ جا فرش صاف رکڻ لاءِ انهن کي هلڪي صابڻ ۽ آلي ڪپڙي سان باقاعدي صاف ڪرڻ ۽ وقت بوقت پالش ڪرڻ گهرجي. صفائي دوران گهڻي پاڻيءَ جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيئن پاڻي هيٺئين چنبڙائيندڙ تهه تائين نه پهچي. سخت داغن کي مناسب صاف ڪندڙ مرڪب سان هٽائڻ گهرجي، جڏهن ته تيزابي يا سخت صفائي ڪندڙ شيون استعمال نه ڪيون وڃن. جيڪڏهن فرش ۾ ڏار پئجي وڃن يا اهو بنياد کان الڳ ٿي وڃي، ته ان جي مرمت نقصان جي نوعيت موجب ڪئي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي خراب ٿيل حصو نئين مواد سان تبديل ڪيو وڃي.[37]
ائسفالٽ جا فرش صاف ۽ پائيدار رکڻ لاءِ انهن کي گرم پاڻي ۽ مناسب صفائي ڪندڙ مرڪب (ڊٽرجنٽ) سان ڌوئڻ گهرجي، پوءِ آلي ڪپڙي سان صاف ڪري تيل، گريس ۽ ٻين چرٻي وارن داغن کان پاڪ رکڻ گهرجي، جيئن مٽي ۽ گند نه ڄمي. جيڪڏهن بنيادي تهه جي خرابي سبب فرش ڦاٽي يا اڀري وڃي، ته خراب ٿيل حصو احتياط سان هٽائي ساڳئي قسم جي نئين ائسفالٽ سان مرمت ڪري، ان کي موجوده فرش جي ليول ۽ سنوت مطابق هموار ڪيو وڃي.[38]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Anderson, L. O. (April 2002). Wood Frame House Construction. The Minerva Group, Inc. ISBN 9780894991677.
- 1 2 3 ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
- ↑ جان نيڪو، لو ٿريزور دُ لا لانگ فرانسواز (فرانسيسي ٻوليءَ جو لغوي خزانو)، 1606ع.
- ↑ ان دور جي فرانسيسي ماپن موجب هڪ انچ، هڪ فوٽ جو ٻارهون حصو هو؛ هڪ لائين، هڪ انچ جو ٻارهون حصو هئي. هڪ فوٽ 324 م.م، هڪ انچ 27 م.م، هڪ لائين 2.25 م.م ۽ هڪ توئز 1949 م.م.، يعني ڇهه فوٽ، جي برابر هئي.
- 1 2 سانچو:Ouvrage.
- ↑ اوژن ويوليه-لو-ڊڪ، Dictionnaire raisonné de l'architecture française du XIe au XVIe siècle، 10 جلد، پيرس، Bance et Morel، 1854ع کان 1868ع.
- 1 2 3 4 سانچو:Ouvrage.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "Morisot_p.35". - 1 2 3 4 5 6 سانچو:Ouvrage.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: عمارت سازي؛ ليکڪ: ضياءُ الدين انصاري؛ ايڊيشن: 1990ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| فرش جي لغوي معنائن جي لاءِ وڪي لغت ۾ ڏسو |
وڪيميڊيا العام تي Floors بابت زمرا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using multiple image with auto scaled images
- Articles containing انگريزي-language text
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- فرش
- تعميراتي مواد
- ڍانچائي نظام
- فن تعمير
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا