مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

فرسودگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فرسودگي (Obsoleteness) لفظ، استعارا، خيال توڙي موضوع ڪيترا بہ سٺا هجن، پر انهن جي بار بار استعمال بوريت پيدا ڪندو آهي. اهڙو استعمال پاروٿي گوشت وانگر محسوس ٿيندو آهي. ادبي اصطلاح ۾ اهڙي رجحان يا لاڙي کي ’فرسودگي‘ چيو ويندو آهي. هن کي سنڌي ۾ مدي خارج سوچ بہ چئبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.