فرانڪوئس بيٽنڪورٽ ميئرس
فرانڪوئس بيٽنڪورٽ ميئرس (انگريزي: Francoise Bettencourt Meyers)، فرانسيسي، پئدائش 10 جولاءِ 1953ع.
ارب پَتي وارثياٹي، پڪي ڪيٿولِڪ[1]، بائبل جا ڪيترائي تفسير لکيائين، جڏھن تہ يھوديت ۽ عيسائيت جي لاڳاپن تي پٹ ڪم ڪيو اَٿس.[2]
ھيءَ لِلائين بيٽنڪورٽ جي اڪيلي نياٹي ۽ وارثياٹي آھي، سندس ڪُٽنب لوريَل (L'Oreal) ڪمپني جي مالڪ آھي.[3]
ھِن (Auschwitz) ۾ قتل ٿيل يھودي عالِم جي پوٽي جين پائري ميئرس (انگريزي: Jean Pierry (Meres سان شادي ڪئي، ھِنن پوءِ پنھنجي ٻارن جين وِڪٽر (پئدائش: 1986ع) ۽ نڪولس (پئدائش: 1988ع) کي يھودي طور سڏرائٹ شروع ڪيو.[4]
سندس شادي تڪرار جو ڪارٹ بٹجي وئي، ڇاڪاٹ تہ ھِن جي ڏاڏي يوجين اسڪوئيلر (انگريزي: Eugene Schueller) مٿان نازي (Nazi) حڪومت سان ساز باز ڪرٹ جي ڏوھ ۾ مُقدمو ھلايو ويو ھو، جيڪو لوريَل (L'Oreal) جو باني ھو.[5]
جنوري 2021ع جي دُنيا جي سڀني کان وڌيڪ مالدار ماٹھن جي فھرست ۾ ھيءَ چوڏھين انگ تي آھي، جڏھن تہ عورتن ۾ پٹ ھيءَ دُنيا جي سڀني کان وڌيڪ اميرياٹي آھي. سندن ملڪيت جو ڪُل ڪاٿو 70.3 ارب آمريڪي ڊالر آھي.[6]
حوالا[سنواريو]
- ↑ "Meet the New 'World's Richest Woman,' a 64-Year-Old Expert on Greek Gods Who Shuns the Spotlight". Money. حاصل ڪيل 2021-01-21.
- ↑ "Les Echos". African Studies Companion Online. حاصل ڪيل 2021-01-21.
- ↑ "Share Ownership". L'Oréal Finance. حاصل ڪيل 2021-01-21.
- ↑ "Les Echos". African Studies Companion Online. حاصل ڪيل 2021-01-21.
- ↑ "Liliane Bettencourt and the murky history of a make-up monarchy". the Guardian. حاصل ڪيل 2021-01-21.
- ↑ "Francoise Bettencourt Meyers & family". Forbes. حاصل ڪيل 2021-01-21.