فخر النساء شھدہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فخر النساء شهده، ”ڪاتبه“

هيءَ بيبي، علامه ابو نصر بن فرج بن عمر ابريءَ جي ڌيءُ هئي. انهيءَ علامه جي وڏن مان ڪو درزڪو ڪم ڪندو هو، تنهن ڪري ”ابري“ سڏيندا هئس، جنهن جي معنيٰ آهي سُئي هلائڻ وارو. هن جو اصل وطن”دينور“ هو، جو ايران ۽ عراق جي وچ ۾ هڪڙي جبلن جي قطار ۾ آهي، ليڪن، زماني جي ضرورتن ڪري اهو علامه پنهنجو وطن ڇڏي، اچي بغداد ۾ رهيو هو. انهيءَ هنڌ اها بيبي ”شهده“ سنه 484ھ (1091ع) ۾ پيدا ٿي. ضروري تعليم ڏيڻ کان پوءِ، علامه ابو نصر، پنهنجي ڌيءُ کي وقت جي قابل عالمن جي صحبت ۽ شاگرديءَ ۾ ڇڏيو _ جيئن ته عبدالله حسن بن احمد نعماني، ابو الخطاب بطروني، ابوبڪر شارشي وغيره، جي انهيءَ وقت جا مشهور عالم هئا. جڏهن ”شهده“ تمام قابل ٿي، تڏهن پاڻ مدرسو کوليائين، ۽ گهڻن ماڻهن وٽانئنس علم جو فيض حاصل ڪيو. هوءَ تمام خوشخط هئي، ۽ اکر تمام چڱا لکندي هئي، جنهن ڪري ”ڪاتبه“ جو لقب مليس. هن جي شادي علامه ابو نصر جي وڏي شاگرد علي بن محمد بن يحيٰ سان ٿي، جو علم ۽ فضل ۾ زماني جو يڪتا عالم هو. انهيءَ شاديءَ مان پوءِ تمام چڱا نتيجا نڪتا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page11 html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page11 html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 73 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}