فاسق
ڏيک
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/6/6c/%D9%81%D8%A7%D8%B3%D9%82.jpg)
فاسق:
فاسق لفظ قرآن ۾ بار بار استعمال ٿيو آھي. مولانا ابوالاعلي مودودي تفھيم القرآن ۾ لکي ٿو تہ فاسق لفظ جي معني نافرمان ، اطاعت جي حد کان نڪري ويندڙ آھي. وڌيڪ لکي ٿو تہ قران جي سورة البقرہ ۾ آيت 27 ۾ ٽن قسمن جي ماڻهن جو ذڪر آھي: الله جي عھد کي مضبوطي سان ٻڌڻ کانپوءِ ٽوڙي ڇڏيندا آهن؛ الله جنھن کي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آھي ان کي ڪٽيندا آھن؛ ۽ زمين ۾ فساد برپا ڪندا آھن. مولانا جو خيال آهي تہ آيت ۾ آھي ٽئي جملا فسق ۽ فاسق جو تعارف آھن. مولانا ابوالاعلي مودودي لکي ٿو تہ، " خدا ۽ بندي جي تعلق ۽ انسان جي انسان سان تعلق کي ڪٽڻ يا بگاڙڻ جو لازمي نتيجو فساد آھي ۽ جيڪو ان فساد کي برپا ڪندو اھو فاسق آھي"[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 60 ۽ 61 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}