فارم ڪوو مشاھداتي تجربيگاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فارم ڪوو مشاھداتي تجربيگاھ
Farm Cove Observatory
تجربيگاھ جا ڪوڊ E85
مقام پڪورينگا, آڪلينڊ، نيوزيلينڊ
جاگرافيائي بيھڪ 36°53′37″S 174°53′38″E / 36.89368°S 174.89375°E / -36.89368; 174.89375مڪانيت: 36°53′37″S 174°53′38″E / 36.89368°S 174.89375°E / -36.89368; 174.89375
ويب سائيٽ http://www.farmcoveobs.co.nz/


فارم ڪوو مشاھداتي تجربيگاھ(انگريزي: Farm Cove Observatory), مختصر نالو ايف سي او (FCO) نيوزيلينڊ جي شھر آڪلينڊ جي ويجھو ھڪ علائقي پڪورينگا ۾ واقع غير پيشورانہ فلڪياتي مشاھداتي تجربيگاھ آهي جتي جيني ميڪ ڪورمڪ سيپٽمبر 2009 ۾ ننڍن سيارچن جو وڏو پٽو 386622 نيوزيلينڊ دريافت ڪيو. [1][2] ھي تجربيگاھ 2000 ۾ ٺهي جنھن ۾ ميئڊي (Meade) اوزار واري LX200R 14" شمڊ ڪاسگرين (Schmidt-Cassegrain) نالي ايف /10 دوربيني لڳل آھي جيڪا اوھيو اسٽيٽ يونيورسٽي جي فلڪياتي شعبي کان ڪجهه روڪ پئسن ۽ ڪجهه قرض تي خريد ڪئي وئي. ھن مشاھداتي تجربيگاھ ۾ ڊگھي ST8XME CCD ڪيمرا چٽي ڪرڻ واري فلٽر سميت استعمال ڪئي ويندي آهي جيڪا آسٽروفزڪس جي بيڪ يارڊ نالي مرڪز طرفان ڏنل آهي. ھي تجربيگاھ صرف فلڪياتي مشاھدي لاءِ ڪم ڪندي آهي. اپريل 2004 ۾ اوھيو اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ پروفيسر اينڊريو گولڊ جي سربراهي ۾ ڪوو مشاھداتي تجربيگاھ مائڪرو فن(MicroFUN) تعاون ۾ شامل ٿي [1] مائڪرو فن مھم جو مقصد ستاري ۽ سياري جو وچ ۾ ايندڙ سيارہ يا سيارچا جاچڻ ھيو جنھن کي ڪشش ثقل واري مائڪرو لينسنگ چوندا آھن. عدسي شيشي ذريعي عڪس جي تمام گھڻي وڏائي سان تمام گھڻي فوٽو ميٽرڪ چوڪسي ذريعي نظر ايندڙ ستاري جي مدار ۾ چڪر لڳائيندڙ سيارن ۽ سيارچن کي ڳولڻ ھيو. پھرين ڪاميابي اپريل 2005 ۾ ٿي جڏهن ھڪ بيروني سيارو اوگل 2005 BLG 071 لڌو ويو [2] [3]. اھا دريافت 31 پيشيواراڻن ۽ ٻہ غير پيشيواراڻن ڏانهن منصوب ڪئي وئي ان واقعي ۾ ھن تجربيگاھ 12 ڪلاڪن جو مشاھدو حصي ۾ ڏنو. ھي نئون بيروني سيارو نظام شمسي جي مشتري کان ٽيڻو وڏو ھيو ۽ زمين کان 15000 نوري سال پري گيليڪٽڪ بلج ۾ واقع ھيو. ھن ٽيڪنڪ وسيلي اھو ٻيو بيروني سيارو ھيو جيڪو دريافت ڪيو ويو

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Bowen, Matt. "Kiwi spots asteroid before NASA". Eastern Courier. حاصل ڪيل 2009-10-27. 
  2. "386622 New Zealand (2009 SA1)". Minor Planet Center. حاصل ڪيل 20 June 2016.