مواد ڏانھن هلو

فئنٽسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فئنٽسي تصوراتي افسانا (Fantasy) ادبي ۽ باقي فنون لطيفه جي هڪ اهڙي صلاحيت آهي، جنھن سان هڪ ليکڪ يا مصور خيالي دنيا جون تصويرون ٺاهيندو آهي يا خيالي ۽ علامتي تخيل پيش ڪندو آهي. ليکڪ جي بڻايل تصوير هن جي ذهن جي پيدائش هوندي آهي، پر اهي عملي زندگي ۾ ناممڪن هونديون آهن. فئنٽسي ڪڏهن خيالن، تصورن سان جوڙي ويندي آهي ۽ ڪڏهن وري سائنسي افسانويت سان بہ پيش ڪئي ويندي آهي، انگريزي ادب ۾ اسپينسر (1552-1599ع) جي The Fairie Queen ۽ جان ملٽن جي Camas بھترين مثال آهن. لوڪ ڪھاڻين ۾ ڪيئي اهڙا داستان آهن، جيڪي خيالي تصوراتي آهن. مومل راڻي جو طلسمي ڪاڪ محل، ڏند ۾ خزاني جو راز وغيره تصوراتي نظر اچي ٿو. انگريزن جي دور ۾ سنڌي جديد ڪھاڻين ۾ فئنٽيسي جا اهڃاڻ ملن ٿا. پر ورهاڱي کان پوءِ خاص طور تي عبوري دور جي ڪھاڻين ۾ فئنٽسي جو رجحان ڪافي اهميت رکي ٿو. هن قسم ڪھاڻين/ افسانن ۾ اهڙو ماحول ۽ ڪردار تخليق ڪيا ويا، جيڪي حقيقت ۾ موجود نہ هوندا آهن. غلام رباني آگري جي ڪهاڻي ’آبحيات‘، جمال رند جي ’ماني ڳڀو‘، امر جليل جي ’ڪپيل ٻانھن جو وارث‘ وغيره سنڌي فينٽسي ڪھاڻين جا بهترين مثال آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.