غير شخصي مضمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غير شخصي مضمون (Impersonal Essays)، اهي مضمون جن ۾ ذاتي يا شخصي اپٽار نہ هجي، بلڪ اهي غير شخصي، تحقيقي حوالن جي آڌار تي مبني هجن. آزاديءَ کان پوءِ سنڌي مضمون نگاريءَ ۾ غير شخصي مضمونن ايتري تہ ترقي ڪئي آهي جو ان ۾ نيون ادبي شاخون اڀري آيون آهن. ان جو وڏو سبب خيالن جي تبديلي ۽ نون خيالن جي روشنيءَ ۾ ايندڙ نيون تبديليون ۽ انقلاب آهن، جن جي ڪري سوچ جي سفر جي پيشقدمي ممڪن ٿي. ورهاڱي کان اک اديب وڏي شوق سان سير ۽ سفر وارا مضمون لکندا ھئا. انھن مضمونن جو رواج ورهاڱي کان پوءِ بہ جاري رھيو. پر ادبي طور ان سان ھڪ نئين صنف ”سفرنامو“ اڀريو. اھڙي طرح ورهاڱي کان اک جيون ڪھاڻيون بہ مضمونن جي صورت ۾ لکيون وينديون ھيون. پر پوءِ ان صنف ”اتم ڪھاڻي“ ۽ ”جيون ڪھاڻي“ جي روپ ۾ صنفن جي صورت اختيار ڪئي. ورهاڱي کان اک تنقيدي ۽ تحقيقي ڪتابن کي بہ مضمون نگاريءَ ۾ شامل ڪيو ويندو ھو. ايستائين جو محمد صديق مسافر جي ”ادبي تاريخ“ کي بہ مضمونن جو ڪتاب چيو ويندو ھو. پر اڄ اھڙي قسم جا ڪتاب ”تنقيدي ۽ تحقيقي صنف جو نالو اختيار ڪري چڪا آھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.