غلام نبي مهيسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حاجي غلامِ نبي مهيسر (انگريزي :Haji Ghulam Nabi Mahesar) سنڌ جو مشهور شاعر ۽ نعت خوان هو.

زندگيءَ جو سفر[سنواريو]

غلامِ نبي مهيسر 1938ع ڌاري ڳوٺ ڀاڳي تيوڻي، تعلقي ميهڙ دادو ضلعي ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ والد جي وفات سبب سندس پالنا ناناڻن ڪئي. غلامِ نبي مهيسر غربت سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. دڪان تي مزدوري ڪرڻ لڳو، جنهن دوران شعر چوڻ شروع ڪيائين، پر صحيح نموني سنڌي نه پڙهڻ سبب صورتخطيءَ جون غلطيون ٻين کان درست ڪرائيندو هو. هو بعد ۾ ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ لڏي آيو ۽ زندگيءَ جي آخري لمحن تائين اتي رهيو اڳتي هلي حاجي غلامِ نبي مهيسر نعت گوئيءَ ۾ وڏو ملڪو حاصل ڪيو، پوري سنڌ ۾ نعت گوئيءَ ۾ سندس مٽ مشڪل ملندو. مذهبي حلقي ۾ سندس ڪلام ايترو مقبول آهن، جو هر ديني محفل ۾ سندس مولود ۽ نعتون پڙهيون وينديون آهن. ديني مجلسن ۾ غلامِ نبي مهيسر في البديهه شعر ٺاهي، ماڻهن تي سوز گداز واري ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو هو. سندس شعر ڳائڻ جو به نرالو انداز هوندو هو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دعوتن ۾ وڃي پنهنجي شعر ۽ آواز سان دلين کي گرمائيندو هو. حاجي غلامِ نبي مهيسر نعت سان گڏ مجازي، مزاحمتي، قومي ۽ مزاحيه شاعري به ڪئي آهي.

بنيادي تعليم[سنواريو]

ڪجهه وقت مدرسي ۾ فارسي پڙهيائين، ٽي درجا سنڌي پڙهيو

لوڪ شاعري[سنواريو]

سندس شاعريءَ جو رنگ عوامي هو ۽ اها سنڌ جي ناليوارن راڳين سرمد سنڌي، جلال چانڊئي، چاڪر چانڊئي، ممتاز لاشاري، فوزيا سومرو، گلاب راءِ، گلشير تيوڻي، روبينه حيدري، ابراهيم ڪڇي، مکڻي فقير، قاسم اوٺي، سڪندر سومري، سڄڻ سنڌي، شازيه خشڪ، غلام علي سنديلي، شمن علي ميرالي، ماستر منظور ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي. حاجي غلام نبي مهيسر ڪيترا حج ڪيا، پهريون پيادل حج 1958ع ۾، ٻه سال 14 ڏينهن پيادل سفر ڪري ڪيائين، ان وقت سندس کيسي ۾ فقط 13 رپيا هئا. حاجي صاحب 5000 کان وڌيڪ شعر چيا، جن ۾ حمد، نعت، منقبت، قصيدا، ڪلام، ڪافيون، غزل ۽ گيت شامل آهن. سندس مولودن جو 500 کان وڌيڪ ڪئسٽون نڪتل آهن.

تصنيفون[سنواريو]

سندس پهريون ڪتاب ’ثناءِ سرور ڪائنات‘ 1965ع ۾ ڇپيو، جنهن ڪتاب جا ساڳئـي نالـي سـان 46 ڀاڱا ڇپيا. ان کان سـواءِ سـندس ڇپيـل ڪـتابن هيٺ ڏجن ٿا.

  • (1) عقيدت جا گل
  • (2) پنج خدا جا گنج
  • (3) رنگي تنهنجا رنگ
  • (4) حقِ مدينه
  • (5) سونهن ۽ ساراهه
  • (6) محفل ۽ ميلاد وغيره شامل آهن.

سندس فرزند محمد نصير عرف نالي مٺو مهيسر شاعر ۽ نعت خوان به آهي. حاجي غلام نبي مهيسر آخري عمر ۾ سنڌي ادب سنگت ميهڙ جو ميمبر رهيو.

وفات[سنواريو]

هن زبردست عاشق رسول صلي اللہ عليه وسلم ثنا خوان بھترين نعت گو شاعر 64 سالن جي عمر ۾ 26 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي. ميهڙ لڳ قبرستان ۾ سندس مزار شريف زيارت گاه بڻيل آهي [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012