غلام حسين رنگريز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنم[سنواريو]

غلام حسين رنگريز 18اپريل 1945ع تي ميرپور بٺوري ۾ شفيع محمد رنگريز جي گهر ۾ جنم ورتو.

ادبي اوسر[سنواريو]

غلام حسين رنگريز (Ghulam Hussain Rungraz) کي اسڪول جي زماني کان وٺي ادبي ڪتابن جي پڙهڻ، مضمونن ۽ شعرن لکڻ سان خاص دلچسپي رهندي آئي. تنقيد، شاعري ۽ فلسفو، علم، ۽ فن سندس وڻندڙ موضوع هئا. انهن ڏينهن ۾ ميرپور بٺوري ۾ ”بزم ادب“ ۽ ”تحريڪ تعمير ادب“ جون ادبي محفلون ٿينديون هيون. جن ۾ رنگريز سرگرميءَ سان حصو وٺندو هو ۽ انهن ادارن سان سلهاڙجڻ سان سندس لکڻين ۾ پختائي، مقصديت، رنگ ۽ رچاءَ پيدا ٿيو. اڳتي هلي سندس لاڳاپو سنڌي ادبي سنگت سان ٿيو، جنهن جي ڪري مٿس جديد ۽ ترقي پسند اثرن رنگ ڄمايو.

غلام حسين رنگريز جي علمي ۽ ادبي تربيت ۾ عبدالفتاح عبد بٺورائي جوبه وڏو حصو رهيو، جيڪو پنهنجي وقت جو ڏاڍو ذهين، ڄاڻو، تحرير توڙي تقرير جو شهسوار ۽ بهترين شاعر پڻ هو. عبدالفتا عبد، نه رڳو ”بزم صوفياءِ سنڌ“ سان لاڳاپيل هو، پر هو جديد فڪر ۽ قومپرستي واري شعور سان مالامال هو. رنگريز سندس ساٿ ۾ نه رڳو ادبي سر گرمين، پر قومي تحريڪن ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو ۽ ذهني طور تي محترم جي ايم سيد جي قومي فڪر ۽ ترقي پسند سوچ جي ڪري مقامي توڙي غير مقامي سطح تي عتاب جو نشانو بنايو ۽ کيس 1974ع ۾ گرفتار ڪري اڍائي مهينا سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رکيو ويو. مٿس الزام هو ته هن محترم جي ايم سيد جي ڪراچي ۾ ٿيل سالگرهه جي موقعي تي ٿيل مشاعري ۾ پنهنجو شعر پڙهيو. غلام حسين انگريز جا تحقيقي، علمي ۽ ادبي مقالا نهايت اهم حيثيت والارين ٿا. تنهن کانسواءِ پاڻ آکاڻيون پڻ لکيائين ۽ ترجما پڻ ڪيا اٿس. گڏوگڏ هڪ سٺو ڪالم نويس پڻ رهيو آهي. سندس ڪالم ”جي چوانءِ سچ“ ڪافي وقت ”عوامي آواز“ ۾ ڇپجندو رهيو.

سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپو[سنواريو]

غلام حسين رنگريز جي سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپو ۽ سندس غير تڪراري شخصيت هئڻ جي ڪري 1988ع ۾ کيس ان وقت سنگت جو بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، جڏهن سنگت پنهنجي غير تڪراري ۽ گڏيل محاذ واري حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ جاکوڙي رهي هئي. رنگريز جو سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل وارو دور حقيقي معنا ۾ سنگت جو ڀلوڙ علمي دور رهيو. پاڻ پنهنجن ٻن سالن جي عرصي دوران، سنڌي ادبي سنگت کي حقيقي معنا ۾ ادبي تنظيم بنائڻ لاءِ زبردست جاکوڙ ڪيائين ۽ انهيءَ ۾ ڪامياب به ويو، نه رڳو اهو پر انهي وقت ٺهندڙ سنڌي قومپرستن جي اتحاد ”سنڌ قومي اتحاد“ بابت به سنگت جو موقف چٽي نموني رکيائين ۽ سنگت کي ڪنهن سياسي اتحاد ۽ تنظيم جي ذيلي فرنٽ کان بچائڻ ۽ فڪري طور تي گڏيل محاذ طور قائم رکڻ لاءِ زبردست ڪوششون ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ سندس گهڻا ئي ويجها دوست پڻ مٿس ناراض ٿيا. اڳتي هلي اهو اتحاد پان مرادو اختلافن جي ور چڙهي ختم ٿي ويو ۽ وقت ثابت ڪيو ته غلام حسين رنگريز جو موقف صحيح هو.

تنهن کانسواءِ 1988ع وارين ملڪي چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ بحال ٿيل جمهوريت ۽ مارشلا جي خاتمي تي پڻ تنظيمي طور تي سنڌي ادبي سنگت جو لائحه عمل ۽ پاليسي طور، ڪاروباري ڪميٽي کان هڪ دستاويز منظور ڪرايائين. سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو، جو سنگت هاڻوڪي ملڪي صورتحال ۽ جمهوريت بابت چٽو رخ اختيار ڪيو ۽ جمهوري عمل جي آجيان ڪئي ويئي، انهي طريقيڪار لاءِ لکيل مواد ۾ چيو ويو ته:

”سنڌي ادبي سنگت سنڌ، ملڪ ۾ بحال ٿيل جمهوريت تي اطمينان جو اظهار ڪندي، هن ان خيال جي ساراهي ٿي ڪري ٿي ته جمهوريت جي قيام سان گڏ، ان جي جٽاداري جي لاءِ سوچڻ، لوچڻ ۽ لکڻ به اديب جي ڪمن ۾ شامل آهي. سنڌي ادبي سنگت چاهي ٿي ته هن ملڪ جي سڀني ماڻهن کي سڀئي جمهوري حق ۽ آزاديون بنا ڪنهن فرق ۽ متڀيد جي ملڻ گهرجن، جمهوريت جي قيام ۽ جٽاداري جو مدار وڌيڪ جمهوريت هئڻ تي آهي. جمهوريت جي اچڻ کان پوءِ اديب ۽ عوام جو رول ختم نٿو ٿئي، پر ويتر وڌي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن جي آپيشاهي، ساڻس لاڳاپيل مستقل مفادن جي ڦرلٽ ۽ ڪامورا شاهيءَ جو ڏاڍ هڪ طرف وڌڻ جو خطرو درپيش رهي ٿو ته ٻئي طرف جمهوريت دشمن قوتن جي سازش جا سلسلا تيز ٿيو وڃن. اهڙي صورتحال ۾ اديب ۽ عوام جو رڳو ڪنهن گروهه جي فائدي ۾ ملڪي معاملن کان اڻ لاڳاپيل رهي خوشفهمين جي جنت ۽ فرحت جي خيالي ننڊ سمهڻ جو عمل صحيح نه آهي. انهيءَ ٻٽي ذميواري کي شعوري طرح سمجهڻ ۽ زندهه مسئلن تي بنا ڪنهن مصلحت جي خيالن جو اظهار ڪرڻ جمهوري روايتن ۽ قدرن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. سنڌي ادبي سنگت نه لازمي طور تي حڪمرانن جي حمايت لاءِ ٻڌل آهي ۽ نه لازمي طرح مخالفت تي سندرو ٻڌي بيهڻ جي لاءِ تيار آهي. هر اهو ڪم جيڪو سنڌي قوم، ٻولي ۽ ادب لاءِ نفع بخش هوندو، ان جي حمايت ڪئي ويندي ۽ هر اهو عمل جنهن سان سنڌي قوم کي، ادب ۽ ٻوليءَ کي تر جيترو به ڇيهو رسندو، ان جي مخالفت ڪرڻ، سنڌي ادبي سنگت جو آئيني، انساني ۽ اخلاقي فرض هوندو“ انهن سڀني ڳالهين ۽ ڪمن کان به وڌيڪ غلام حسين رنگريز جو سنگت جي حوالي سان اهم ڪم ”سنگت پبليڪيشن“ جو بنياد رکڻ ۽ انهي طرفان چار پرچا ڪڍڻ هو. رنگريز جي انهي اهم قدم سبب سنگت پنهنجي حقيقي ادبي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لڳي، سنگت پبليڪيشن جا اهي چار ئي پرچا سنگت جي تاريخ ۽ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والارين ٿا. انهن چئن پرچن کانسواءِ غلام حسين رنگريز پنهنجي سيڪريٽري جنرل واري دور جي ٻن سالن جي ڪم جي رپورٽ پڻ ڇپائي پڌري ڪئي. جيڪو پڻ سنگت جو اهم رڪارڊ آهي ۽ سنگت جي ماضيءَ جي سڄي تاريخ ۾، رنگريز جو ئي دور اهڙو آهي، جنهن دوران مرڪز توڙي شاخن جي هر ٿيندڙ سرگرمي، انهيءَ ڪتابڙي ۾ محفوظ آهي. غلام حسين رنگريز جي علمي ۽ قلمي پورهئي طور چار ڪتاب هيستائين ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته شاعري ترجمي، ۽ مضمونن جا ڪتاب قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهن. هيٺ انهن ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

  • 1- سرمد ڇا ٿو سوچي

هي ڪتاب رنگريز جي تاريخي ۽ تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس مضمون ’ڌاريان ۽ تاريخ جو جائزو‘، ’هنڌ خالي ڪريو تحريڪ‘، ’حقيقت حجاج جي‘ (حجاج بن يوسف بابت) انسان جي تلاش (يوناني ڏاهي ديوجانس قلبي بابت) سرمد ڇا ٿو سوچي. (صوفي سرمد شهيد بابت) ۽ ’ڏو ٿي سا ڏورين‘ شامل آهن. هي ڪتاب حقيقت ۾ تاريخ جون جهلڪيون آهن، جيڪو ڌارين پاران ٿيندڙ قومي جبر۽ مذهبي آڙ ۾ ٿيندڙ جبر بابت حقيقتن تان پردو کڻي ٿو.

  • 2- وکر سو وهاءِ

غلام حسين رنگريز جو هي ڪتاب ادبي مضمونن جومجموعو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ف م لاشاري ڪتاب بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”غلام حسين رنگريز جي مضمونن جي هن ڪتاب جو مقصد ۽ مواد منجهان ثابت ٿئي ٿو ته سڀني انسانن جو ماڳ ساڳيو آهي. ”وکر سو وهاءِ“ ۾ همعصر عالمي ادب منجهان هڪ سگهاري چونڊ ڪري، موضوعن تي محنت سان لکي، هڪ طرف ادب جي ڪردار ۽ اهميت کي نروار ڪيو ويو آهي، ته ٻئي پاسي پنهنجي دور جي سنڌي ادب جون ڪجهه هيڻايون سامهون آنديون ويون آهن، ته جيئن کين ختم ڪري سگهجي. هڪڙي پاسي هعمصر عالمي ادب جا اهم نمونا آهن. ۽ ٻئي طرف پنهنجي هيڻاين کي ظاهر ڪري سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ تخليقي عمل کي سگهارو بنائڻ جو ارادو آهي.“

  • 3- غلام جا ٽهڪڙا

هي ناٽڪ مشهور الف ليلوي داستانن منجهان آهي، پر اهو الف ليلى جي مروج نسخي ۾ نه آهي. هن جو سنڌي ترجمو انگريزيءَ تان ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪبير چوڌري بنگالي مان انگريزي ۾ آندو. الف ليلى جي ٻين آکاڻين جي ڀيٽ ۾ فلسفياڻي خيال ۽ دل ڇهندڙ شاعري جو ميل آهي. بيشڪ هن ڪتاب جو ترجمو، سنڌي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو آهي. هن جو تعاروف مولانا گرامي لکيو آهي.

  • 4- اکين اُڃ اَپار

هي غلام حسين رنگريز جي شاعري جو مجموعو آهي. جنهن ۾ سندس گيت، غزل وايون ۽ نظم شامل آهن. هي ڪتاب 2005ع ۾ ڇپيو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: هڪ سئو سنڌي اديب، ليکڪ: يوسف سنڌي