غريب ۽ کوکلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غريب ۽ کوکلا يا پوئر اينڊ بلئنڪ (Poor and blank) جو هي اصطلاح چين جي ڪميونسٽ اڳواڻ مائوزي تونگ طرفان ٽين دنيا جي وسيلن جي بيٺڪي مُلڪن طرفان ٿيندڙ استحصال لاءِ ڪتب آندو ويو هو. جنهن مان مقصد هو ته سامراجي مُلڪ پنهنجن قهري ڪاررواين سان قبضي هيٺ آيل مُلڪن ۽ علائقن کي لُٽي کين کوکلو بڻائي ٿا ڇڏين. انهيءَ ڪري ٽين دُنيا جا پوئتي پيل مُلڪ وسيلن جي لحاظ کان شاهوڪار هوندي به امير مُلڪن آڏو لاچار ۽ بيوس آهن، انهيءَ ڏتڙيل حالت جي ڪري غريب مُلڪ نه رڳو سامراجي ملڪن آڏو امداد جو ڪشتو کنيو بيٺا آهن. پر سندن جائز ناجائز پاليسين جي حمايت ڪرڻ لاءِ به مجبور آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد