ع ق شيخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنم[سنواريو]

ع ق شيخ جنم ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”گڊڙو“ ۾ 8 مارچ 1914ع تي ٿيو.

سوانح[سنواريو]

ع ق شيخ جو سچو نالو عبدالله قادر بخش شيخ هيو. ديني تعليم گهر ۾ ۽ اوائلي تعليم ٽنڊي سومري ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين، ننڍي هوندي کان ئي سندس ذهني لاڙو فن ۽ ادب ڏانهن هو. پهريائين لڪي لڪي ڪتاب پڙهندو هو يا وري اُبتيون سبتيون ليڪون ڪڍڻ ۽ رنگن سان چٽ چٽڻ سندس ذوق هو ۽ اڳتي هلي شيخ صاحب جي ذوق هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ڪتاب ته گهڻائين پڙهيائين، پر يونيورسٽي جو ڪو به امتحان پاس ڪري نه سگهيو. ميٽرڪ ۾ پڻ ٽي دفعا ناپاس ٿيو. پر هاءِ اسڪول واري وقت هو ڊرائنگ گريڊ امتحان پاس ڪري سگهيو. ٻه ٽي سال زراعت کاتي ۾ نوڪري ڪيائين، پوءِ کيس ڊرائنگ ماستري ملي ۽ ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ پهريون ڀيرو جوائن ڪيائين. ان جي ٽريننگ لاءِ هن کي انهيءَ زماني ۾ هندستان جي مشهور اداري ”سر جي جي اسڪول آف آرٽ بمبئي“ ۾ وڃڻو پيو. بمبئي ۾ هڪ سال 39-1938ع ۾ رهي، هو ٽريننگ ڪري واپس موٽي آيو، پر فن جي ديويءَ اهڙي ڇڪ ڪيس، جو هو سن 1942ع ڌاري هٿين خالي، لڪ چوري وڃي بمبئي ۾ ساڳئي اسڪول آف آرٽ ۾ پهتو. اتي واندڪائي ۾ ڪم ڪري پئسا ڪمائيندو هو، جنهن مان اسڪول جي في ڏيندو هو ۽ پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. ڏيڍ سال کانپوءِ پيءَ جي بيماري جي ڪري فني تعليم اڌ ۾ ڇڏي موٽي آيو ۽ پيءُ جي اصرار تي ميرپور خاص ۾ ئي رهي پيو، جتي هن کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ماستري ملي ويئي، جلد ئي هن جي بدلي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٿي، جتي هو شروعات ۾ ڪاليج واري حصي ۾ ئي رهيو ۽ پوءِ ڊرائنگ ٽيچرس ڪلاس ۽ ميوزم جو انچارج ٿيو. حيدرآباد ۾ رهندي ع ق شيخ ميٽرڪ، بي اي ،ايم اي، ايل ايل بي جا امتحان پاس ڪيا ۽ لئبرري سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما پڻ حاصل ڪيائين.انهيءَ وچ ۾ سنڌ تعليم کاتي طرفان 61-1960ع ۾ کيس هڪ سال لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو، جتي ويسٽ آف انگلينڊ اڪيڊمي آف آرٽس برسٽل يونيورسٽي برسٽل ۾ فن جي وڌيڪ سکيا ورتائين. ع. ق. شيخ هڪ مصور به هو ته اديب پڻ، کيس افسانوي ادب سان خاص دلچسپي هئي. سندس لکيل افسانا سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. سنڌي افسانن ۾ جن ليکڪن حقيقت نگاري آندي، ع. ق. شيخ انهن مان هڪ هو سندس هڪ افسانو ”حيدرآباد؟“ 1947ع ۾ ٿيل ورهاڱي جي موضوع تي نهايت اهم افسانو آهي ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ ايندڙ اسان جي اردو دان ڀائرن جي روين جي چٽي عڪاسي ڪري ٿو. انهيءَ افساني جي هيءَ پيرا ڪيتري نه حقيقت پسنديءَ جي عڪاسي ٿي ڪري. ”بيٺلن مان هڪڙي ڄڻي چيو، ”شڪر آهي ڪپڙو ملي ته ٿو مهانگو يا سهانگو نه ته ڪنٽرول جي زماني ۾ ته ڪپڙو ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو“ وري ٻئي ٽٽل ڦٽل اردو ۾ چيو دو روپيا وٺينگا؟ اهي اکر ٻڌندي دڪاندار جي چهري جو رنگ بدلجي ويو. ڳوٺاڻن کي هيٺ مٿي نهاري چرئي وانگر رڙ ڪري چوڻ لڳو، ”جائو جائو، بڙي آئي ليني والي، دو روپئي مين تو ٽاٽ ڪي بوري بهي نيه ملتي.....جا، جا! تمهاري باب دادا ني پهنا تها.“ ع ق شيخ جي افسانن جي مجموعو ”محبت جي راهه تي“ 1998ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو، جنهن ۾ هن جا 34 افسانا شامل آهن،انهن افسانن جو جائزو وٺندو ”ناشر جي نوٽ“ ۾ غلام رباني آگرو لکي ٿو: ”ع ق شيخ جي هن ڪتاب ۾ جن ڪردارن جا نقش چٽيا آهن، سي خيالي ڪونهن، نه وري اسان جي آسپاس گهمندڙ ڦرندڙ انسانن کان مختلف آهن، بلڪه هو بهو انهن جا عڪس آهن. ”ع ق شيخ جي لکڻي ۾ هڪ قسم جي فطري سادگي ۽ رواني آهي. سندس هر تحرير پڙهندڙ جي ذهن تي نقش وانگر چٽجي وڃي ٿي.“ ع ق شيخ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن جي ڪتابن جي ڪور ڊزائينن کانسواءِ شيخ اياز جي شروعاتي ڪتابن جون ڪور ڊزائينون به ٺاهيون، جيڪي سندس فني ڪاريگري جو ثبوت آهن.

ع ق شيخ جا ڇپيل ڪتاب[سنواريو]

(1)کهه کٿوري (2)نازو (3)تاريخ اسلام (4)داستان اندلس (5)، محبت جي راهه تي (افسانا)، (6) خط (ع ـ ق ـ شيخ جا خط)، (7) ڪوهه قاف شيخ (ع ـ ق ـ شيخ جي لکڻ جي اينٿالاجي) 2010ع (مرتب: نصير مرزا) شامل آهن.

لاڏاڻو[سنواريو]

ع ق شيخ 15 آگسٽ 1991ع تي وفات ڪئي. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-25 
  2. ڪتاب: هڪ سئو سنڌي اديب، ليکڪ: يوسف سنڌي