عھد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عھد:ميثاق:(انگريزي: Covenant) ھڪ معاھدي وارو اقرارنامو يا انجام آھي جيڪو ان ۾ شامل ڌرين جون باھمي ذميداريون ۽ حق ظاھر ڪندو آهي[1]. ابراھيمي مذھبن يعني اسلام ، عيسائيت ۽ يھوديت ۾ ان جي ھڪ خاص ۽ ديني اھميت ھوندي آھي. ڪڏهن ڪڏهن مقدس مذھبي تاريخ ۾ اھو خدا ۽ انسانن جي وچ ۾ تعلق جو اظھار پڻ ڪندو آهي[1]. قرآن ۾ لفظ عھد جو ذڪر 46 دفعا 17 سورتن جي 36 آيتن۾ ٿيو آهي. لفظ عھد عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني (سورة 2).124, 177; (سورة 9).75, 111;(سُورة 23).8; (سُورة 70).32 آيتن ۾ انجام ڪرڻ يا واعدو آھي، (سُورة 19).78, 87 آيتن ۾ معاھدو ڪرڻ (سُورة 2.)177 آيت ۾ عھد يا اقرار (covenant), ٻين جاين تي (سورة 16).91, 95; ([[سُورة 17])34 جي معني قسم ، (سُورة 2.)125; سُورة 20.)115 ۾ سفارش يا تعريف جي معني ۾ استعمال ٿيو آهي. قرآن ۾ ٻيو عھد سان ملندڙ جلندڙ لفظ ميثاق استعمال ٿيو آهي جنھن جو ذڪر 23 دفعا 9 سورتن ۾ ٿيو آهي. سورة 2 جي آيت 27 ۽ سُورة نمبر 13 جي آيتن نمبر 20 ۽ 25 ۾ عھد ۽ ميثاق جو ذڪر ساڳي معني ۾ ٿيل آهي. قرآن ۾ قرآن ۾ ٻن قسمن جي عھد جو ذڪر ٿيل آهي ھڪ ڪائنات جي پيدا ٿيڻ کان اڳ روحن جو عھد ، جڏهن خدا روحن کان سوال ڪيو ھيو تہ : الست بربکم ؟ (ڇا مان ناھيان توھان جو رب ) ۽ روحن جواب ڏنو تہ ھا اسان اقرار ٿا ڪيون.[2] بظاهر ان آيت ۾ لفظ عھد يا ميثاق جو ذڪر ناھي پر ان جي عبارت مان ان جو مطلب اھو ڪڍيو ويو آهي تنھنڪري ان واقعي کي انسان جو پھريون اقرار (covenant) سڏيو ويندو آهي. ٻيو عھد جيڪو آدم عليه السلام کان وٺي محمد صلي الله عليه وسلم تائين سڀني نبين ذريعي ورتو ويو.ان ٻئي عھد ۾ خطاب آدم جي اولاد، بني اسرائيل، ابراهيم ، اسماعيل جي اولاد، محمد جي پوئلڳن ذريعي ٿيل آهي. باقي استعمال معاھدي, واعدي وغيره جي صورت ۾ ٿيل آھي جيئن موسي کي فرعون سان بني اسرائيلن جي نڪرڻ لاء معاھدي ڪرڻ جو چيو ويو يا جيئن محمد صلي الله عليه وسلم مؤمنن کان لڙائي لاء ساڻس وفاداريءَ جو عھد پنھنجي ھٿ تي انھن جو ھٿ رکائي ورتو [3] يا جنگ دوران ڀڄي نہ وڃڻ جو عھد ورتو.[4]

خدا ۽ مخلوق وچ ۾ عھد[سنواريو]

توريت ۾ خدا ۽ انسان ذات ، ۽ خدا ۽ بني اسرائيلن جي وچ ۾ عھد يا ميٽاق جو ذڪر ٿيل آهي جيڪو نوحه (نوح)، ابراھام (ابراھيم)، آئزڪ (اسحاق)، جيڪب (يعقوب)، موسس (موسیٰ) ۽ ڊيوڊ (دائود) جي وقت ۾ ڪيا ويا. جن مان سڀ کان وڌيڪَ اھم سينا واري جبل تي خدا ۽ موسیٰ وچ ۾ عھد ھيو جيڪو ھن بني اسرائيلن تائين پھچايو ۽ عيسائي ان کي پراڻو عھدنامو سڏہندا آھن، ۽ جيڪو خدا جو عھد عیسیٰ مسيح سان ٿيو اھو مختلف گاسپل ذريعي محفوظ ٿيو ان کي عيسائي نئون عھدنامو چوندا آهن[1]. عيسائين جو بہ ايمان آھي تہ خدا انسانن سان ۽ پنھنجي چونڊيل نبين ۽ انھن جي امت سان عھد ڪيا[1]. قرآن ۾ بہ ساڳيو خيال ڏنل آھي. قرآن مطابق خدا ۽ بني اسرائيلن وچ ۾ عھد ٿيا جيڪي بني اسرائيلن ٽوڙي ڇڏيا جنھن جو ذڪر سورة البقرة جي 83 آيت ۾ ٿيل آھي[1]. قرآن مطابق جيڪي خدا سان ڪيل عھد تي قائم رھيا اھي مومن ھيا ۽ جن عھد ٽوڙيو اھي ڪافر ھيا[1]. سڀ کان وڏو عھد خدا ۽ انسانن جي وچ ۾ الست وارو ھو جنھن ۾ خدا آدم جي اولاد جي روحن کان سوال ڪيو ھو تہ ڇا مان ناھيان توھان جو رب؟ ۽ سڀني جواب ۾ مڃيو تہ تون اسان جو رب آھين. ان عھد جو ذڪر قرآن جي ستين سورة جي172 نمبر آيت ۾ آھي[1]. قرآن ۾ خدا جو ھڪ ٻيو عھد بہ بيان ڪيل آهي جنھن ۾ خدا ادم کي جنت نيڪالي بعد ٻيھر آخرت ۾ جنت ۾ داخل ڪرڻ جو عھد ڪيو. ان عھد جو ذڪر قرآن جي سورة البقرة جي آيت نمبر 35 ۽ 36 ۾ ۽ تيرھين سورة جي آيت نمبر 20 کان 23 تائين ۾ ٿيل آھي. قرآن مطابق خدا جا آدم کان علاوہ ابراھيم، موسیٰ، عیسیٰ ۽ محمدﷺ سان پڻ عھد ٿيا.



زمرو:القرآن

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 170
  2. {القرآن، سُورة نمبر 7 آيت نمبر 172}
  3. {القرآن، سُورة نمبر 48 آيت نمبر 10}
  4. {The Quran: an Encyclopedia Edited by Oliver Leaman_First published 2006 by Routledge 2 Park Square, Milton Park, Abingdon, Oxon, OX14 4RN Simultaneously published in the USA and Canada By Routledge 270 Madison Avenue, New York, NY 10016, USA}