عيوضي آواز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
  • لسانيات آهر، بدل/ عيوضي آواز (Allophone) ڇا کي ٿو چئجي

لسانيات موجب آواز جي اکيڙ هڪ سائنسي علم آهي، جنهن کي سائنسي اک سان ئي ڏسڻو پوندو آهي. معنوي فرق جي بنياد تي آواز جي ٻن قسمن (وينجن ۽ سُر) کي صوتيو (Phoneme) ڪوٺيو ويندو آهي. ساڳئي انداز سان معنوي فرق جي بنياد تي هڪڙا اهڙا آواز به ٿيندا آهن، جيڪي ڪنهن لفظ ۾ مٽجڻ سان معنوي فرق پيدا نه ڪندا آهن، تن کي بدل/ عيوضي آواز (Allophone) چئبو آهي.

هيٺ ’ صوتيو (Phoneme)‘ ۽ ’ بدل/ عيوضي آواز (Allophone)‘ جون الڳ وصفون ڄاڻائي انهن وچ ۾ فرق ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش وٺجي ٿي:

صوتيو (Phoneme):[سنواريو]

لسانيات آهر آواز(Phone) جا ٻه قسم آهن: وينجن (Consonant) ۽ سُر (Vowel). انهن سڀني آوازن مان هرهڪ کي عام طور آواز (Phone) ٿو چئجي. صوتيو (Phoneme) به ساڳئي ئي آواز کي چئبو آهي؛ پر اهڙو هڪ آواز (وينجن توڻي سُر) جنهن جي مٽائڻ سان ڪنهن لفظ ۾ معنوي فرق رکندڙ هجي. هيٺ وينجن ۽ سُر سان لفظ ۾ معنوي فرق جي جاچ ڪجي ٿي:

  • 1. وينجن صوتيو (Consonant as a Phoneme):

ٻارُ: ننڍڙو ڇوڪرو/ ڇوڪري، ابهم، نابالغ، بي سمجهه وغيره

بارُ: وزن، ٻوجهو،سامان وغيره

پارُ: درياه يا ڪنهن به ڌار جو ٻيو پاسو يا ڪپ، ڏس پتو، نشان وغيره.

ڏارُ: چيرُ، ڦوٽ، ڦاڙ، وڍُ، ڦاڪُ وغيره.

نوٽ: هن لفظ ۾ رڳو ۽ رڳ اڳيون وينجڻ آواز مٽائڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو؛ جنهن سبب انهن آوازن (ٻ، ب، پ، ڏ وغيره) کي صوتيو (Phoneme) سڏبو. ياد رهي ته بيهڪ جي نشانين پٽاندر /ٻ/ صوتئي (Phoneme) جي نشاني آهي.

  • 2. سُر صوتيو (Vowel as a Phoneme):

ڪَنو: ڪنهن ٿانوَ جو ڪنار، پاسو، گھيرَ، ڀر، ڪناري، حاشي، وٽ وغيره

ڪِنو: خراب، ميرو، ڪوجهو، بُرو وغيره.

ڪُنو: رڌ پچاءَ جي ڪم ايندڙ ٺڪر جو ديڳڙو، ڏڌ ولوڙڻ لاءِ چاڏي وغيره.

نوٽ: هن لفظ ۾ رڳو ۽ رڳو پهرين وينجڻ جي زبر: /اَ/، زير: /اِ/ ۽ پيش: /اُ/ مٽائڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو؛ جنهن سبب انهن (اعرابن: زير، زبر ۽ پيش وغيره) کي صوتيو (Phoneme) سڏبو. ياد رهي ته بيهڪ جي نشانين پٽاندر /اَ/ صوتئي (Phoneme) جي نشاني آهي.

علم لسان ۾ آواز ۽ صوتئي جو فرق معنوي بنياد تي رکيو ويو آهي، پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”صوتيو اهو آواز يا آوازن جو گروهه آهي جو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. انهيءَ ڪري بلوم فيلڊ (Bloomfield) صوتئي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ آوازي نوعيت جو ايڪو سڏي ٿو....“ (جتوئي، 1996: 69- 70)

  • بدل/ عيوضي آواز (Allophone):

بدل/ عيوضي آواز ان کي ٿو چئجي جيڪو ڪنهن لفظ ۾ مٽجڻ سان ڪو معنوي فرق نه رکي، جيئن:

  • لاڙڪاڻي اپلهجي پٽاندر: مڇي- مشي (هن ۾ ڇ ۽ ش هڪٻئي جا بدل آواز آهن، جن جي مٽجڻ سان معنوي فرق پيدا نه ٿو ٿئي.)
  • لاڙي لهجي پٽاندر: جهجهو- ججو، ننڍو- ننڊو (وسرڳ بدران اوسرڳ اچارجن ٿا، جن جي مٽجن سان معنوي فرق پيدا نه ٿو ٿئي.) (ڀيرومل: 1956: 127)
  • سڀني لهجن پٽاندر: برهه- ورهه، پليد- پليت (هنن لفظن ۾ ’ب‘ ۽ ’و‘ ۽ ٻئي لفظ ۾ ’د‘ ۽ ’ت‘ هڪٻئي جا بدل آواز سڏبا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ معنوي فرق پيدا نه ٿيو.) (شيخ، 1992: 4)

مٿيان ڄاڻايل مثال ته صرف وينجن (Consonant) جا آهن، ائين سُرن جي مٽجڻ سان به جتي معنوي فرق پيدا نه ٿيندو ته ان کي به بدل آواز سڏبو، جيئن:

  • سَيرُ- سيرُ (هن ۾ /اَي/ ۽ /اي/ سُر صوتيا اچن ٿا، ليڪن معنوي فرق نه ٿا رکن ان سبب انهن کي صوتيو نه پر بدل آواز چئبو، ڇاڪاڻ ته هڪ صوتيي جا ٻه آواز ٿي سگهن ٿا.)
  • جِن- جَن (لهجاتي فرق سبب، جمع صورت ۾ هي لفظ به زير /اِ/ ۽ زبر /اَ/ صوتين سان ڪم آندو ويندو آهي، ليڪن ان سان ڪو معنوي فرق پيدا نه ٿو ٿئي ان صورت ۾ ان زبر يا زير کي بدل آواز سڏبو.)

هنن وضاحتن ۽ مثالن سان اهو ئي پڌرو ٿئي ٿو ته: ’بدل آواز (Allophone) اهڙي آواز کي چئبو، جيڪو ڪنهن لفظ ۾ آواز مٽائڻ سان ڪو معنوي فرق پيدا نه ٿئي.‘

”صوتيات (Phonology) ۽ صوتيات (Phonetics) ٻنهي جو تعلق ڳالهائڻ واري ٻوليءَ (Spoken Language) سان آهي. ٻئي آوازن جو اڀياس ڪن ٿا. صوتيو (Phoneme) به آواز جو ئي ايڪو (Unit) آهي، جنهن سان معنوي فرق اچي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن ٻن لفظن ۾ آواز ساڳيو آهي ۽ معنى ۾ فرق آهي ته انهن کي ٻه صوتيا چيو ويندو. جيڪڏهن آواز مختلف هجن ۽ معنى ۾ ڪا تبديلي نه اچي ته ان کي هڪڙو صوتيو چيو ويندو آهي، مثلاً:

سِڙهه سنوان، لاڄُو نوان، اولا سندن عاج،

ساٿي سفر هلئا، ڀري جُنگ جهاج،

حاصل ڪرِيين حاج، واحد! وڻجارن جي.

(شاه- سُر سريراڳ)

ويٺو تُن تُنينس، مَکِ ڏيهاڻي مڪڙي،

سنباهي سيدُ چي، مٿي نيڍُوءِ نينس،

وٽائي وڏاندَرا، لاڄو لڳائينس،

آخر اُهرائِينس، ته جوکو ٿيي نه جهاز کي.

(شاه- سُر سريراڳ)

مٿين ٻنهي سٽن ۾ ’جهاج‘ ۽ ’جهاز‘ ۾ ’ج‘ ۽ ’ز‘ ٻه مختلف آواز آهن، پر ان سان ٻنهي لفظن جي معنى ۾ ڪو فرق نه آيو آهي، انڪري انهن کي هڪڙو صوتيو چئبو. ’ج‘ ۽ ’ز‘ ٻه مختلف آواز آهن، پر هنن لفظن ۾ هڪ صوتيي جو ڪم ڏين ٿا.“ (ص: 42- 43)

اهڙي وضاحت، دنيا جي ڪنهن به علمي ڪتاب ۾ ناهي آئي ته اهڙا آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ مختلف ڪم آندا ويا هجن ۽ معنوي فرق پيدا نه ڪندا هجن ته ان کي ’صوتيو (Phoneme)‘ چئبو.

واضح رهي ته اهڙا مختلف آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ مٽجڻ سان معنوي فرق پيدا نه ڪندا هجن ته ان کي بدل/ عيوضي (Allophone) چئبو.

  • نتيجو:
  • اهڙا آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ڪن ته انهن کي صوتيو (Phoneme) چئبو، جيئن: بار ۽ ٻار – ڪَنو- ڪُنو (هنن لفظن ۾ ’ب‘، ’ٻ‘، زبر: ’اَ‘ ۽ پيش: ’اُ‘ الڳ صوتيا آهن.)
  • اهڙا آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ معنوي فرق پيدا نه ڪن ته انهن کي بدل/ عيوضي آواز (Allophone) چئبو، جيئن: جهاز ۽ جهاج- برهه ۽ ورهه (هنن لفظن ۾ ’ز- ج‘ ۽ ’ب- و‘ هڪٻئي جا بدل آواز آهن.)

[1] [2] [3] [4]

حوالا[سنواريو]

  1. آڏواڻي، ڀيرومل، مـﻫـرچند (1956) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڪراچي- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
  2. جتوئي، علي نواز، پروفيسر (1996) علم لسان ۽ سنڌي زبان. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
  3. ڊاڪٽر شازيه سفير، (2017) شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.
  4. شيخ محمد سومار (1992) سنڌي آوازن جا تبادلا- حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.