عورتن جو عالمي ڏينهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيمرون ۾ عورتون 8 مارچ تي عورتن جو ڏينهن ملھائيندي
انٽرنيشنل وومنز ڊي

عورتن جي عالمي ڏينهن لاءِ جرمن پوسٽر . تاريخ 8 مارچ 1914[1][2] ان پوسٽر تي جرمن ۾ بندش وڌي وئي .[3]
ملهائڻ وارا پوري دنيا ۾
قسم عالمي ڏينهن
اهميت
  • شھري جاڳرتا وارو ڏينهن
  • عورتن ۽ ڇوڪرين جو ڏينهن
  • جنسي فرق جي خلاف ڏينهن
  • امتيازي فرق جي خلاف ڏينهن
تاريخ 8 مارچ
تقرر ساليانو
لاڳاپيل
  • روسي انقلاب
  • ٻارن جو ڏينهن
  • مردن جو عالمي ڏينهن
  • مزدورن جو عالمي ڏينهن

عورتن جو عالمي ڏينهن(انگريزي: International Women's Day) (IWD) اٺ مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي.8 مارچ 1857ع تي، آمريڪا جي ٽيڪسٽائيل ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ھڪ وڏو جلوس ڪڍيو، ۽ مطالبو ڪيو ته انھن کان 16 ڪلاڪن جي بدران 10 ڪلاڪ پورھيو ورتو وڃي 1908ع ۾ آمريڪي عورتن ووٽ ڏيڻ لاءِ ان ڏينھن کي عورتن جو ڏينھن قرار ڏنو . 1910ع ۾ سوويت يونين جي ”ڪلارازيٽ ڪن“ مطالبو ڪيو ته ان ڏينھن کي عالمي ڏينھن طور ملھايو وڃي. 19 مارچ 1911ع ۾، جرمنيءَ ۾ آسٽريليا جي بادشاھن خلاف عورتن مظاھرو ڪيو ته کين ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ برابري وارو حق ڏنو وڃي. 8 مارچ 1915ع ۾ ناروي جي گاديءَ واري ھنڌ اوسلو ۾ عورتن پھرين عالمي جنگ جي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. 8 مارچ 1918ع ۾ پيٽر سبرگ شھر جي عورتن روس جي زار (بادشاھه) جي خلاف بغاوت جو الم بلند ڪيو ۽ ”سڀنيءَ ماني جي لاءِ“ مطالبو ڪيو، 8 مارچ 1948ع تي ويٽنامي عورتن آمريڪي سامراج جي خلاف مظاھرو ڪيو. ان طرح سان 8 مارچ ھڪ روايتي ڏينھن بجاءِ عورتن جو عالمي ڏينھن بڻجي ويو. خود گڏيل قومن جي انساني حقن جي چارٽر ۾ اھو ڏينھن دنيا جي عورتن جو ڏينھن قرار ڏنو ويو . اھوئي سبب آھي جو سڄي دنيا م ان ڏينھن کي سرڪاري ۽ خانگي سطح تي ملھايو وڃي ٿو.[4]

تفصيلي تعارف[سنواريو]

هن ڏينهن جو تاريخي پس منظر ڪجهه هن ريت آهي ته سن 1857ع ۾ نيويارڪ شهر ۾ پورهيت عورتن جيڪي گارمينٽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪنديون هيون. تن گهٽ اجرت ۽ نامناسب حالتن خلاف هڙتال ڪئي.1908ع عورتون پنهنجي يونين جي پليٽ فارم تان 8 مارچ تي وڏو احتجاج ڪيو. جنهن ۾ 15000 عورتن شرڪت ڪئي 1909ع تي آمريڪا جي سوشل پارٽي پهريون ڀيرو عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو. 1910ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ سوشلسٽ عورتن جي پهرين عالمي ڪانفرنس ٿي عورتن ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهايو. گڏيل قومن طرفان سن 1975ع ۾ عالمي سطح تي عورتن جو هڪ گروپ تشڪيل ڏنو ويو ته جيئن اهي عورتون پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ وڃي پنهنجي حڪومت کي قائل ڪن ته جيئن اها حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جو تحفظ ڪري ۽ عورتن کي اهي سڀ سهولتون ڏئي جيڪي سڌريل ملڪن جي مردن کي مليل آهن. انهيءَ ڳالهه کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ عورتن جي پهرين عالمي ڪانفرنس ميڪسيڪو ۾ گهرائي وئي. انهي ڪانفرنس ۾ ڇهه هزار عورتن شرڪت ڪئي انهيءَ ڪانفرنس ۾ غريب ملڪن جي عورتن جي بدحاليءَ تي غور ڪرڻ کانپوءِ هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو. ته سن 1976ع کان 1985ع تائين ڏهن سالن کي ترقيءَ جا سال سڏيندي 8 مارچ کي امن جو ڏهاڙو قرار ڏنو ويو. تنهن کان پوءِ پنجن سالن دوران انهيءَ پڌرنامي جي حوالي سان عورتن جي ٻي عالمي ڪانفرنس 1980ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ ٿي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ تعليم روزگار ۽ صحت بابت اهم نقطا غور هيٺ آيا ۽ انهن کي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو. ان ڪانفرنس کان پوءِ وري 1985ع ۾ نيروبيءَ ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪندڙ عورتن جو تعداد اٽڪل 202000 هو ان کان پوءِ نومبر 1993ع ۾ منيلا ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. تنهن کان پوءِ انڊونيشيا جي گاديءَ واري هنڌ ”جڪارتا“ ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي.

  سرڪاري موڪل جو ڏينهن(ڳاڙھو رنگ)
  صرف عورتن کي موڪل جو ڏينهن(نارنگي رنگ)
  غيرسرڪاري موڪل جو ڏينهن(پيلو رنگ)

انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ فقط گڏيل قومن جي نمائندن ۽ سرڪاري نمائندن شرڪت ڪئي. عورتن جي چوٿين عالمي ڪانفرنس سيپٽمبر 1995ع ۾ چين جي شهر بيجنگ ۾ ٿي گذري. انهيءَ ڪانفرنس ۾ دنيا جي 187 ملڪن جي 47000 اين جي اوز ۽ 31000 هزار سرگرم نمائنده عورتن شرڪت ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ٻه دستاويز تيار ڪيا ويا. هڪ دستاويز عملي ڪمن لاءِ پليٽ فارم جو تعين ڪرڻ ۽ ٻيو دستاويز سال 1994ع ۾ عورتن جي حقن بابت ٿيل ترقياتي ڪمن بابت ڪيل سروي جو جائزو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ هيٺ ڄاڻايل مسئلن تي غور ڪيو ويو. عورتن لاءِ هر سطح تي فيصلن ۽ اختيارن ۾ عدم شرڪت ۽ اڻ برابريءَ. عورتن جي ترقيءَ لاءِ پاليسيءَ ۾ شراڪتي عمل ۾ اڻ برابري ۽ عملي انتظامن جي کوٽ. گڏيل قومن پاران بين الاقوامي سطح تي عورتن جي تسليم ٿيل حقن بابت شعوري ڄاڻ ۾ کوٽ جا پروگرام. غربت ۾ اضافو ۽ وڌندڙ بيروزگاريءَ ۾ عورتن جو وڌيڪ متاثر ٿيڻ. قومي پاليسي پيداواري عمل معاشي ترقيءَ جي پاليسين ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اڻ برابري. تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعن تائين پهچ جو نه هئڻ. عورتن جي خلاف جنسي تشدد ۽ رياستن جي خاموشي. قومي سطح تي جنگ جون حالتون هٿيارن جي عام مارڪيٽنگ، انتظام ۽ حساس ادارن ۾ عورتن کي نظر انداز ڪرڻ. اهي مسئلا عورتن، سماج ۽ آزاديءَ ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا. انهن ڪانفرنسن ۾ عورتن بار بار اقرار ڪيو ته سڄي دنيا جون عورتون آزاديءَ ۽ برابري ۾ برابر آهن. بيجنگ ڪانفرنس ۾ جيڪي به نقطا ويچار هيٺ آيا انهن تي ڪانفرنس ۾ شريڪ عورتن پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ وڃي ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪم ڪيو. فيجي جي عورتن کي 1995ع کان اڳ ڇهين لڳي تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هئي. پر جڏهن نمائنده عورتن احتجاج ڪيو ته پوءِ کين سرڪاري طرح اجازت ملي. هندستان جي عورتن کي وڌيڪ سياسي حق مليا. نيپال جي عورتن کي ملڪيت جا مالڪاڻا حق حاصل نه هئا. کين اهي حق مليا. گوئٽي مالا جي عورتن کي پڻ سياسي حق ملي ويا. گوئٽي مالا يونيورسٽيءَ ۾ عورتن کي سياست جو مضمون پڙهڻ جي اجازت ملي. ڪيمرون ۽ هندوستاني عورتن کي سرڪاري نمائندگي ملي. ڪولمبيا جي نئين قانون مطابق عورتن کي گهريلو تشدد خلاف قانوني طرح تحفظ ڏنو ويو.[5] آمريڪا جي سوشلسٽ پارٽيءَ 28 فيبروري 1909 ۾ نيويارڪ ۾ عورتن جو ڏينهن ملھايو. 2010 ۾ انٽرنيشنل سوشلسٽ وومنز ڪانفرنس ۾ اھو مشورو سامھون آيو تہ عورتن جو ساليانو ڏينهن ملھايو وڃي. 8 مارچ 1917 تي روس ۾ پھريون دفعو عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو جنھن ڪري اھو ڏينھن سويت يونين ۾ قومي موڪل جو ڏينهن ٿي ويو ۽ دنيا جي اندر سوشلسٽ تحريڪ بہ ان ڏينهن کي ملھائڻ شروع ڪيو اھڙي طرح 1975 ۾ گڏيل قومن به 8 مارچ کي عورتن جو عالمي ڏينهن تسليم ڪري ملھائڻ شروع ڪيو.سويت روس ان ڏينهن کي عورتن جي باورچيخاني کان آزادي جو ڏينهن ڪري ملھايو.

حوالا[سنواريو]

  1. {{efn|English : "Give Us Women's Suffrage. Women's Day, March 8, 1914. Until now, prejudice and reactionary attitudes have denied full civic rights to women, who as, mothers, and citizens wholly fulfill their duty, who must pay their taxes to the state as well as the municipality. Fighting for this natural human right must be the firm, unwavering intention of every woman, every female worker. In this, no pause for rest, no respite is allowed. Come all, you women and girls, to the 9th public women's assembly on Sunday, March 8, 1914, at 3 pm."
  2. "Give Us Women's Suffrage (March 1914)". German History in Documents and Images. حاصل ڪيل January 26, 2014. 
  3. Frencia, Cintia; Gaido, Daniel. "The Socialist Origins of International Women's Day". Jacobin. 
  4. {رسالو: سرتيون؛ مضمون: عورتن جي عالمي ڏينهن جو جائزو؛از: گلبدين جاويد؛ مارچ 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  5. {رسالو: سرتيون؛ مارچ 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}