عوامي راڄ تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عوامي راڄ تحريڪ پاڪستان جي هڪ نئين پارٽِي آهي، جيڪا پاڪستان جي نوجوانن پاران بڻائي وئي آهي.


وجود[سنواريو]

عوامي راڄ تحريڪ 2015 ۾ سنڌ جي نوجوانن پاران ڪراچيءَ جي موسميات چوڪ تي انڊس سوشل فورم جي دفتر ۾ هڪ گڏجاڻيءَ دوران ٺاهي وئي.


تاريخ[سنواريو]

عوامي راڄ تحريڪ جو وجود انڊس سوشل فورم منجهان ٿيو.

نظريو[سنواريو]

ڪنفيڊريشن نظريو هن پارٽيءَ جو بنيادي نظريو آهي.


منشور[سنواريو]

عوامي راڄ تحريڪ جي منشور ۾ تعليم، صحت، روزگار، بدعنوانيءَ،دهشتگرديءَ کان صاف معاشرو قائم ڪرڻ آهي. هن پارٽيءَ جي منشور جي بنيادي محور ڪنفيڊريشن نظريو تي بڌل آهي.

پارٽيءَ جي قيادت[سنواريو]

پارٽيءَ جي قيادت تقريبن انڊس سوشل فورم جي اڳواڻن تي مشتمل آهي، جن ۾ انڊس سوشل فورم جي سنڌ جي تمام ڊويزنن جا اڳواڻ، مرڪزي اڳواڻ شامل آهن.

  1. سيد خليل احمد شاهه (مرڪزي چيف آرگنائيزر)
  2. محسن خاصخيلي (مرڪزي آرگنائيزر)
  3. سارنگ پيرزادو (مرڪزي آرگنائيزر)
  4. شعيب سومرو (مرڪزي آرگنائيزر)
  5. اسد علي جوڳي (مرڪزي آرگنائيزر)
  6. عرفان بروهي (مرڪزي آرگنائيزر)
  7. عابد خواجا (مرڪزي آرگنائيزر)
  8. اِرم درس (مرڪزي آرگنائيزر ۽ اڳواڻ انڊس ليڊيز ونگ)
  9. عارفا درس (اڳواڻ انڊس ليڊيز ونگ)


سياسي هلچل[سنواريو]

عوامي راڄ تحريڪ جي سياسي هلچل جو اهم موضوع تعليم آهي.

تعليم بابت جاڳرتا[سنواريو]

تعليم بابت جاڳرتا لاءِ عوامي راڄ تحريڪ ڪيترائي ڀيرا سڄي سنڌ ۾ جاگرتا ريليون، گڏجاڻيون، ليڪچر ۽ سيمينار ڪرايا آهن. ان جاڳرتان مهم ۾ سنڌ ۾ بند پيل اسڪول ، امتحانن ۾ نقل ڪرڻ خلاف ڪافي اهم ڪم سر انجام ڏنا آهن. حيدرآباد ۾ پڻ اهڙي هڪ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.[1] ڳيريلي ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي جا ڪلاس نه هلڻ خلاف عوامي راڄ تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.[2] عوامي راڄ تحريڪ جي موجوده قيادت کي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪي ايس پي داخلا پاليسي خلاف اهم ۽ ڪامياب تحريڪ هلائڻ جو اعزاز حاصل آهي.[3]


سماجي هلچل[سنواريو]

جنوري 2016 ۾ عوامي راڄ تحريڪ پاران ڪراچيءَ ۾ هڪ مچ ڪچهري جو انعقاد ڪيو ويو. ڊسمبر 2015 ۾ عوامي راڄ تحريڪ پاران ايڪتا ڏيهاڙو ملهائيو ويو،انکان پهرئين هرسال انڊس سوشل فورم پاران ايڪتا ڏيهاڙو ملهايو ويندو رهيو آهي.


پڻ ڏسندا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]


  1. "حيدرآباد:عوامي راڄ تحريڪ پاران تعليم بابت جاڳرتا ريلي". archive.org. Online indus News. حاصل ڪيل 25 جنوري 2016.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. bbcsindhi, وقت 2016-02-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-01-25 
  3. Universities in parts of Sindh welcome new admissions policy - The Express Tribune