مواد ڏانھن هلو

عوامي راڄ تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عوامي راڄ تحريڪ پاڪستان جي هڪ نئين پارٽِي آهي، جيڪا پاڪستان جي نوجوانن پاران بڻائي وئي آهي.


وجود

[سنواريو]

عوامي راڄ تحريڪ 2015 ۾ سنڌ جي نوجوانن پاران ڪراچيءَ جي موسميات چوڪ تي انڊس سوشل فورم جي دفتر ۾ هڪ گڏجاڻيءَ دوران ٺاهي وئي.


تاريخ

[سنواريو]

عوامي راڄ تحريڪ جو وجود انڊس سوشل فورم منجهان ٿيو.

نظريو

[سنواريو]

ڪنفيڊريشن نظريو هن پارٽيءَ جو بنيادي نظريو آهي.


منشور

[سنواريو]

عوامي راڄ تحريڪ جي منشور ۾ تعليم، صحت، روزگار، بدعنوانيءَ،دهشتگرديءَ کان صاف معاشرو قائم ڪرڻ آهي. هن پارٽيءَ جي منشور جي بنيادي محور ڪنفيڊريشن نظريو تي بڌل آهي.

پارٽيءَ جي قيادت

[سنواريو]

پارٽيءَ جي قيادت تقريبن انڊس سوشل فورم جي اڳواڻن تي مشتمل آهي، جن ۾ انڊس سوشل فورم جي سنڌ جي تمام ڊويزنن جا اڳواڻ، مرڪزي اڳواڻ شامل آهن.

4


سياسي هلچل

[سنواريو]

عوامي راڄ تحريڪ جي سياسي هلچل جو اهم موضوع تعليم آهي.

تعليم بابت جاڳرتا

[سنواريو]

تعليم بابت جاڳرتا لاءِ عوامي راڄ تحريڪ ڪيترائي ڀيرا سڄي سنڌ ۾ جاگرتا ريليون، گڏجاڻيون، ليڪچر ۽ سيمينار ڪرايا آهن. ان جاڳرتان مهم ۾ سنڌ ۾ بند پيل اسڪول ، امتحانن ۾ نقل ڪرڻ خلاف ڪافي اهم ڪم سر انجام ڏنا آهن. حيدرآباد ۾ پڻ اهڙي هڪ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.[1] ڳيريلي ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي جا ڪلاس نه هلڻ خلاف عوامي راڄ تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.[2] عوامي راڄ تحريڪ جي موجوده قيادت کي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪي ايس پي داخلا پاليسي خلاف اهم ۽ ڪامياب تحريڪ هلائڻ جو اعزاز حاصل آهي.[3]


سماجي هلچل

[سنواريو]

جنوري 2016 ۾ عوامي راڄ تحريڪ پاران ڪراچيءَ ۾ هڪ مچ ڪچهري جو انعقاد ڪيو ويو. ڊسمبر 2015 ۾ عوامي راڄ تحريڪ پاران ايڪتا ڏيهاڙو ملهائيو ويو،انکان پهرئين هرسال انڊس سوشل فورم پاران ايڪتا ڏيهاڙو ملهايو ويندو رهيو آهي.


پڻ ڏسندا

[سنواريو]



خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]


  1. "حيدرآباد:عوامي راڄ تحريڪ پاران تعليم بابت جاڳرتا ريلي". archive.org. Online indus News. 25 جنوري 2016 تي حاصل ڪيل.
  2. bbcsindhi, اصل نسخو مان 2016-02-02 تي محفوظ ڪيل, 2016-01-25 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  3. Universities in parts of Sindh welcome new admissions policy - The Express Tribune