عمودي ميٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بلندي جي عمودي ميٽرن ۾ ماپ

عمودي ميٽر:(انگريزي: Vertical Metre) هڪ ميٽرڪ ايڪو آهي، جنهن ذريعي اوچائيءَ يا اونھائي ۾ ٻن نقطن جي وچ ۾ فرق جي پيمائش ڪئي ويندي آهي. مثال طور، جيڪڏهن ڪوه پيمائي واري مھم لاءِ زميني خيمو سامونڊي سطح کان 2،000 ميٽر مٿي لڳايل آھي ۽ مٿي وارو خيمو 5،000 ميٽرنجي بلندي تي لڳل آهي تہ ٻنھي خيمن جي وچ ۾ فرق 3،000 عمودی ميٽر آهي.ھي اصطلاح تڏهن استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن ھڪ نقطي کان ٻئي نقطي تائين فاصلي ۽ عمودي فاصلي جي وچ ۾ مونجهارو پيدا ٿئي ٿي.

استعمال[سنواريو]

عمودي ميٽر وارو ايڪو ماپ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي:

  • زمين جي سطح کان مٿي هوائي جهاز جي اوچائيءَ ماپڻ لاءِ
  • راندين جي دوران جبل تي چڙهڻ، پيادل سفر (هائڪنگ)، ڊوڙڻ يا سائيڪلنگ ، فاصلو ڇڙهيو ويو ماپڻ لاءِ [1]
  • اهڙِين راندين دوران مجموعي فاصلو چڙهڻ
  • کاڻن ۾ موجود ڪچي ڌات جي ذخيرن کي ماپڻ لاءِ پڻ عمودي ميٽر جو ايڪو استعمال ٿيندو آهي. مثال طور ڪچي لوھ جي ذخيري ۾ في عمودي ميٽر ۾ موجود ٽن.[2]
  • انجنيئرنگ ۾ اڏاوت ۾ استعمال ٿيل شين کي ماپڻ لاء عمودي ميٽرن جو يونٽ ڪتب ايندو آھي. مثال طور ڀت جي في عمودي ميٽر ۾ سرن جو تعداد

حوالا[سنواريو]

  1. See for example Nash, Mike, Exploring Prince George: A Guide to North Central B. C. Outdoors, Vancouver: Rocky Mountain Books, 2004, p. 105.
  2. Glossary of Mining Terms at www.sec.gov. Retrieved 29 Dec 2017.