عمرو بن مسلم الباهلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حضرتعمر بن عبدالعزيز (99-101ھ)، 99ھ ۾، مهلب کي معزول ڪري، عمرو بن مسلم الباهليءَ کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو؛ ۽ سنڌ جي غير مسلمان رئيسن ڏانهن تبليغي دعوتناما سڌا سنوان موڪليائين، جن کان متاثر ٿي ڪيترن ماڻهن اسلام قبول ڪيو، جن مان راجا ڏاهر جو پٽ جئسنگ به هو. ڪجهه وقت کان پوءِ آل مهلب، خلافت کان بغاوت ڪري، سنڌ ۾ اثر هجڻ جي ڪري، سنڌ کي پنهنجو مرڪز بنايو. وداع بن حميد هتي سندن سرڪردو بنيو. مگر هلال بن احوذ تميميءَ جي سرڪردگيءَ ۾ لشڪر آيو، جنهن آل مهلب جو خاتمو ڪيو[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ 1961ع