علي محمد پرويز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنم[سنواريو]

علي محمد پرويز (Ali Muhammad Parvaz) ولد محمد سليمان ميمڻ، ڳوٺ لاکا تعلقي ميرپور بٺوري، سنڌ، پاڪستان ۾ 2 سيپٽمبر 1945ع تي جنم ورتو.

سوانح[سنواريو]

سنڌ ۾ لازمي پرائمرري تعليم جو قانون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ 1952ع ۾ پرائمري اسڪول لاکا ۾ داخل ٿيو، جتان پڙهي پوءِ 1957ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ مڊل اسڪول دڙي مان ستون ڪلاس پاس ڪيائين. 1961ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1963ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان بي ايس سي آنرس ڪيائين. ساڳئي سال گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ۾ سائنس ٽيچر جي حيثيت سان مقرر ٿيو، هڪ سال کانپوءِ ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽوٽ اي آر آءِ ٽنڊوڄام ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور مقرر ٿيو.

علي محمد پرويز 1971ع کان پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪيو، پهرين ميڊيڪل اسٽور کوليائين، پوءِ ڪپڙي جو دڪان کوليائين. 1975ع ۾ ”سنڌي عوامي تحريڪ“ پاران هلندڙ حيدرآباد ۾ سردار پرنٽنگ پريس اچي سنڀاليائين، جتي 1978ع تائين رهيو، پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اچي ميرپور بٺوري ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليائين،جيڪو 1991ع تائين هليو ۽ پوءِ هڪ اين جي او ۾ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر طور ڪم ڪيائين، تنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اچي ذاتي ڪاروبار شروع ڪيائين.

ادبي سفر[سنواريو]

نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ دوران کيس تصويرون ٺاهڻ جو شوق جاڳيو ۽ ماهوار شمع (اردو) ۾ ڇپيل اداڪارن جا فوٽو ڏسي انهن جا اسڪيچ ٺاهيندو هو، اُن سان گڏ انهيءَ ۾ ڇپيل افسانا پڻ شوق سان پڙهندو هو، پهرين اردو ۾ لکڻ شروع ڪيائين، پوءِ سنڌي ۾ لکڻ لڳو. پنهنجي انهي ادبي سفر جو ذڪر ڪندي پرويز لکي ٿو: ”زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ داخلا کانپوءِ به ساڳيو شوق جاري رهيو، هڪ ڀيري ڪاليج جي ٻئي سال جي دوران اردو ۾ الائجي ڇا ويٺي لکيم ته مٿان منهنجو ڳوٺائي ۽ دوست ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ آيو (جيڪو پوءِ ڪجهه سالن جي لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊي ڄام جو وائيس چانسلر ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو جنرل سيڪريٽري به رهيو) پڇائين ڇا پيو لکين؟ ۽ ڪاغذ وٺي پڙهڻ لڳو، لکت کي نظرانداز ڪري چيائين، ماهوار روح رهاڻ ۽ نئين زندگي وٺي پڙهه ۽ سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪر، اتان کان 1964ع ۾ مون سنڌي لکڻ شروع ڪيو ۽ آکاڻيءَ کي ئي اظهار جوبهترين ذريعو سمجهيم.“

پرويز جي پهرين آکاڻي ”اونداهي رات“ ماهوار بادل حيدرآباد جي مارچ 1967ع واري پرچي ۾ ڇپي. پوءِ سندس آکاڻيون، مضمون ۽ ڪالم مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا ۽ اهو سفر تاحال جاري آهي. پرويز هڪئي وقت ڪهاڻيڪار، مترجم، ناول نگار ۽ مضمون نگار پڻ آهي، پرسندس اصل سڃاڻپ ڪهاڻيڪار واري آهي. پرويز جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سُڻي تنهنجو سڏ“ 1978ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس 12 طبعزاد ۽ 3 ترجمو ٿيل ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”آئون ننڍڙيون ڪهاڻيون لکندو آهيان. مون پنهنجي آکاڻين ۾ سماج جي ناسورن جو ذڪر ڪيو آهي، نين منزلن ۽ مقصدن جي ڳالهه ڪئي آهي، انهن نين منزلن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گس ۽راهه جو ڏس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.“

اهي ڪهڙا ناسور آهن، جن جي پرويز پنهنجي ڪهاڻين ۾ نشاندهي ڪئي آهي، اهي ڪهڙا مقصد آهن جن لاءِ پرويز گس ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو لکي ٿو: ”مون ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌي سماج ۾ موجود گندگيءَ جي نشاندهي ڪريان، گهڻو تڻو منهنجي آکاڻين جو موضوع به اهو رهيو آهي، ڌارين طرفان ڌاڙيل قرار ڏيئي سنڌي جوڌن جو قتل عام ۽ نسل ڪشيءَ بابت ذڪر ٿيل آهي. رشوتخور ڪامورو پنهنجي ڪاروائي ڪيئن ٿو ڪري سا به ڳالهه ٿيل آهي. هارين ۾ سجاڳي ڪيئن آڻجي، سو به گس ڏسيل آهي. شاگرد پنهنجا آدرش ڪيئن حاصل ڪن ۽ سياسي تنظيمن جا بي لوث ڪارڪن لالچ جي ڪوڙڪي ۽ ڪيئن ٿا ڦاسن، انهن مسئلن کي به ڇهيو ويو آهي.“

پرويز جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”رت جا ڦڙا“ 1989ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن جون ارڙهن ڪهاڻيون شامل آهن، پرويز هيستائين هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن.

پرويز طبعزاد لکڻين کانسواءِ عالمي ادب مان چونڊ ۽ بهترين ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما پڻ ڪيا آهن، انهن ترجمن ۾ ناول، ڪهاڻيون، تقريرون، شاعري ۽ خط وغيره شامل آهن.

پرويز سياسي حوالي سان به ڪافي سرگرم رهيو، انهيءَ ميدان ۾ هو رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر فيروز احمد، شهيد فاضل راهي، سيد اڪبر جو ساٿاري ٿي رهيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ پرويز 1973ع، 1977ع ۽ 1983ع ۾ مختصر عرصن لاءِ بٺوري، لاڏيون ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد پڻ رهيو.

ايوارڊ[سنواريو]

پرويز کي سندس لکڻين جي مڃتا طور ”سوجهرو ايوارڊ“ ۽ ”سنگت ايوارڊ“ پڻ مليا آهن.

پرويز جي ڇپيل ڪتابن جو وچور[سنواريو]

1- سُڻي سڏي (ڪهاڻيون 1978ع) 2-نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ (طويل چيني ڪهاڻي 1979ع) 3-پنڌاڙانگا پٻ جا (اوريان فلاسي جي جڳ مشهور ڪتاب، انٽرويو وٿ هسٽري تان پانا گولس جو انٽرويو ترجمو، 1986ع) 4-شاهراهه دهلي (سڀاش چندر بيس جون تقريرون - ترجمو 1988ع) 5-فلسطين جدوجهد آزاد (ترجمو 1989ع) 6-رت جا ڦڙا (ڪهاڻيون 1989ع) 7-ڏونگر منجهه ڏيئو (بورس پوليواءِ جي ناول Story of a real man جوترجمو 1990ع) پيءَ جا ڌيءَ ڏي خط (نهرو جا اندرا گانڌيءَ کي خط)8-اسپارٽيڪس (هاورڊ فاسٽ جي ناول جو ترجمو 1998ع) وڃايل مُرڪ (ڪهاڻيون-2006ع) لڙڪن آجا نيڻ (ناول-2006ع) –ماڃرجي حور (ڪهاڻيون-2007ع) منهنجو پاڻي بند نه ڪجان (ڪهاڻيون-2007ع) دل جي دري (ڪهاڻيون-2008ع) پيهي جان پاڻ ۾ (آتم ڪهاڻي ـ 2010ع) ۽ ڳوڙهن جا ڪبوتر (2011ع) شامل آهن. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-01 
  2. ڪتاب: هڪ سئو سنڌي اديب, ليکڪ: يوسف سنڌي