علي رضا قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علي رضا قاضي، انگريزي(Ali Raza Qazi) قاضي علي رضا سهتي، 14 اپريل 1976ع ۾ ضلعي نوشـﮬـري فيروز، تعلقي ڀريا جي ڳوٺ دليپوٽا ۾، علائقي جي نامياري تعليمدان استاد دين محمد سهتي جي گهر ۾ جنم ورتو. انٽر تائين تعليم مٺياڻي ۽ نوشهري فيروز مان حاصل ڪرڻ بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين. 2001ع کان 2006ع تائين صحافت سان لاڳاپيل رهيو، مختلف سنڌي روزاني اخبارن: ’تعمير سنڌ‘، ’سنڌ‘، ’هلچل‘، ’شام‘، ’ڪوشش‘ ۽ ’پاڪ‘ ۾ سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽوريل پيج جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين، سندس ٻه سؤ جي لڳ ڀڳ مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. 2006ع ۾ تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. سندس پهريون ڪتاب ساهتي پرڳڻي جي مشهور سماجي شخصيت ڊاڪٽر رانجهن پنهور تي لکيل تاثراتي خاڪن جي ڪتاب ’ساهتيءَ جو اڻ ملھ هيرو‘ آهي، جيڪو 2008ع ۾ گل پنهور پبليڪيشن ڳوٺ گل محمد پنهور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. 2012ع ۾ ساهتيءَ جي تاريخي شـﮬـر ٺاروشاه تي لکيل دستاويزي ڪتاب: ’ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر‘ لکيائين؛ جيڪو ’علي پبليڪيشن ٺاروشاه‘ طرفان پڌرو ٿيو. سندس اختصاري ڪهاڻين جو مجموعو بِ ڇپجي چڪو آھي. ان کان سواءِ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري جي سالياني مخزن ’ساهتيءَ‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿس؛ جنهن جا ٻه ساليانه شمارا نڪري چڪا آھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "سهتو علي رضا قاضي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-01-03.