علي احمد ٽالپر
| علي احمد تالپور | |
|---|---|
| 15هون بچاءُ جو وزير | |
| عهدو سنڀاليو 27 آگسٽ 1978 – 25 فيبروري 1985 | |
| صدر | محمد ضیا الحق |
| ذاتي تفصيل | |
| پيدائش | حيدرآباد، سنڌ |
| وفات | اپريل 1987 |
| ٻار ٻچا | محمد علي ٽالپر مير حيدر علي خان ٽالپر |
مير علي احمد خان ٽالپر، 28 آگسٽ 1978 کان 26 فيبروري 1985 دوران پاڪستان جو وزير بچاءَ هو[1]. هو 31 آگسٽ 1915ع[2] تي حيدرآباد سنڌ ۾ مير نبي بخش خان ٽالپر جي گهر ”ٽنڊو مير محمود“ ۾ پيدا ٿيو[2]. پاڻ برطانوي نوآبادياتي هندستان ۽ ملڪ پاڪستان ۾ سياسي پارٽين ۾ اعليٰ عهدن تي رهيو ۽ صوبائي ۽ مرڪزي اسيمبلين جو ميمبر ۽ وزير پڻ رهيو. مير صاحب اپريل 1986ع کان علاج جي سلسلي ۾ برطانيه جي شھر لنڊن ۾ قيام پزير ھو ، اتي 5 اپريل 1987ع تي وفات ڪيائين. سندس جسد خاڪي وطن آ ندو ويو ۽ کيس 8 اپريل 1987ع تي ”ٽنڊو مير محمود“ ۾ نماز جنازه بعد مير صاحبن جي آ بائي قبرستان ”گنجو ٽڪر“ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مير صاحب جي جنازي نماز مولانا محمد علي رضوي (سابق ايم.اين.اي) پڙھائي جنھن ۾ ملڪ جي صدر، صوبائي گورنرن ، وفاقي و صوبائي وزيرن ، اعلي فوجي ۽ سول عهديدارن ۽ ملڪ جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.سنڌ جو سيد سائين جي.ايم سيد پڻ انھيءَ موقعي تي شريڪ ھو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 16 جون 2023۔
- 1 2 "مير علي احمد خان ٽالپر : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 16 جون 2023۔