عقيق (گل)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عقيق هڪڙو عام گل آهي، جنهن کي فارسيءَ ۾ عقيق البَحر چون ٿا، دکني ٻوليءَ ۾ ديوڪيلي. انگريزي ڪتابي نالو اٿس ڪنا، ۽ رواجي نالو انڊين شاٽ (هندي ڇيرا)؛ ڇالاءِ جو ٻج ڪارو ۽ ڇين جهڙو ٿيندو اٿس- اِهو هميشھ جُهلِي بيهندو آهي. ننڍڙا کُليل پر ڳاڙها قرمزي گل ٿيندا اٿس.[1] هن جا ڪيترائي قسم آهن، جي پيلا ۽ ٻين رنگن جا گل ڪندا آهن. سڀ قد ۾ ٽن فوٽن کان ڇهن فوٽن تائين ٿيندا آهن. هي پاڙون ۽ اوڌون هڻي پاڻهي وڌندا ويندا آهن. هي ٻج سان به پيدا ٿيندا آهن ۽ پاڙون ڇِني هڻڻ سان به.[1]

حوالا[سنواريو]

Wikispecies has information related to:
  1. 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو