عشق پيچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عشق پيچ گل
عشق پيچ اپومويا نل
عشق پيچ يا مارننگ گلوري نالي گل جي بند ڪلي
بلو اسٽار نالي عشق پيچ گل جو قسم

عشق پيچ (انگريزي: Morning Glory flower )هڪڙي گلن جي ول آهي، جا پڃري يا ڪنهن ٻيءَ ٽيڪ تي چڙهي بيهندي آهي. هن جا گل ڪيترن ئي قسمن جا آهن. هيءَ اصل آمريڪا جو ٿو معلوم ٿئي. گل تمام سهڻا اٿس. اڪثر ٽَلين يا گهنڊڻين جهڙا ٿا ٿين. رنگ جا نيلا، ڦڪا نيلا، قرمزي، واڱڻائي، گلابي، سونهري پيلا ۽ ٻين قسمن جا ٿيندا آهن. صبح جو سوين کُلي بيهندا آهن ۽ ڏاڍو تماشو ڪندا آهن.

اصل هي گل مدامي قسم جو آهي، مگر پهرين ئي ورهيه ۾ ضعيف ٿيو وڃي. تنهنڪري يڪ – سالو ڪري پوکيندا آهن. پن گهاٽا، وڏا، لسا ۽ ڳوڙها ساوا ۽ دل جي شڪل جهڙا ٿيندا اٿس. گل ٻه-پهرن کانپوءِ ڪومائجي ويندا آهن. ٻج جولاءِ ۾ پوکڻ گهرجي ته سياري ۾ گل ڪن. زمين ڀلي ڪا نه گهرجين. بهتر آهي ته هر سال ۾ نئين جاءِ تي پوکجن. ڪن قسمن جون ته پاڙون کولي ڌار ڌار ڪري هڻندا آهن، ته به ڄمنديون آهن.[1]

هن جو انگريزيءَ ۾ ڪتابي نالو آهي آئپوميا، مگر جدا جدا قسمن جا رواجي جدا جدا نالا آهن. مارننگ گلوري (فجر جي سونهن) عام آهي. ڪن قسمن جا ٻج ٻڪريءَ جي کُرَ جهڙا ٿيندا آهن. ڪن جا پن چنبي جهڙا ٿيندا آهن. انهن کي نالا به اهڙا ڏنا اٿن. آئپوميا جو ٻيو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي دکن ۾ گنيش ول چوندا آهن.[1]

طب[سنواريو]

عشق پيچ کي عربي ۾ عاشق اشجر، فارسي ۾ لبلاب، هندي ۾ پاني بيل ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ هرسه ۽ زبوله چوندا آهن. وڻن تي چڙهندڙ هڪ ول آهي، هن جا پن نينڻ جي پنن جهڙا سائي رنگ تي ٿيندا آهن، هن جا ٻه - ٽي قسم ٿين ٿا. هن جا پن ۽ پاڙون ڀڄائي پياربا ته گهاٽي بلغم ۽ صفرا کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندا. جگر جي سور، سدن، ٻرهل، کنگهه ۽ دمڪشي لاءِ مفيد آهي. رحم ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو. زيتون جي تيل ۾ ڪاڙهي رکجي، اهو تيل ڪن جي ٻوڙاڻ، بڪين جي سور ۽ ڦٽ کي فائدو ڪري ٿو[2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو