عشبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عشبو (ٻيا نالا: عربي: عشبہ النار، فارسي: عشبہ مغربي، ھندي ۽ ٻيا: عشبہ رس، سرينہ ۽ نونہ) ڀوري ۽ ڳاڙهي رنگ جون سنهيون ڪاٺيون، ويڙهين جي شڪل ۾ ملندو آهي.

طب[سنواريو]

دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿو. مٿي جي سور، سنڌن جي سور، عرق النسا، گڙدي، مثاني، رحم جي بيمارين، آتشڪ، جذام، کل جي ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. پگهر ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو، معدي ۽ ڦڦڙن جي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ڇاپو: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.