عزيز قاسماڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالعزيز چانڊيو، جنهن جو ادبي نالو عزيز قاسماڻي آهي، هڪ ليکڪ ۽ اديب آهي. پاڻ 16 مارچ 1971 تي ڳوٺ جمع خان چانڊيو تعلقه قبو سعيد خان ۾ پيدا ٿيو.

لکڻ جي شروعات 1990ع کان ٿي ۽ پھرين ڪھاڻي مھراڻ رسالي ۾ 1991ع ۾ ڇپي. سندس ڪھاڻين (Short Stories) جا 3 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جھڙوڪ: 1. ”ڪجهه به نه“ هن ۾ 58 شارٽ اسٽوريز آهن جيڪو 2007ع ۾ شايع ٿيو. 2. ”مان اوهان مان ناهيان“ جنھن ۾ 56 ننڍڙيون ڪھاڻيون آهن. هي ڪتاب جنوري 2010ع ۾ شايع ٿيو. 3. ”کيرٿر تان اُڏار“ هن ڪتاب ۾ 9 ڪھاڻيون آهن جيڪو 2007ع ۾ شايع ٿيو. ٽيئي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر شايع ڪرايا آهن.