عزت خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نواب سيد عزت خان
ٺٽي جو مغل گورنر
۱۰۷۷ ھ کان ۱۰۸۰ھ تائين (ٻيون دفعو:۱۰۸۴ ھ کان ۱۰۹۰ھ [1])
پيشرو
جانشين
  • پھريون دفعو: شائستہ خان
  • ٻيون دفعو:خانہ زاد خان[1]
  • ريجنٽ اورنگزيب عالمگير
    مڪمل نالو
    سيد عبدالرزاق گيلاني
    خاندان سيد
    مذھب اسلام

    عزت خان (انگريزي: Izat Khan)غضنفر خان پوءِ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ 1080هه تائين رهيو.[1].تحفته الڪرام مطابق ٻيو ڀيرو ۱۰۸۴ ھ ۾ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ ڇهه سال رهيو[1].

    تفصيل[سنواريو]

    عالمگير پنهنجي حڪومت جي ڏهين سال عزت خان عرف عزت پير کي 1077هه تي بکر جي فوجداري کان بدلي ڪري ٺٽي جو صوبييدار ڪري رکيو. هو دارا شڪوه جي ويجهو هو، تنهن ڪري ان جي سفارش تي کيس شاهجهان طرفان عزت خان خطاب ۽ ملتان جي گورنري ملي. شاهجهان پنهنجي حڪومت جي اڪٽيهين سال عزت خان کي بهادر خان جي جاءِ تي لاهور جو گورنر ڪيو. جڏهن عالمگير ۽ دارا شڪوه جو پاڻ ۾ جهيڙو شروع ٿيو ته عزت خان دارا شڪوه سان ملي ويو ۽ ان سان گڏ لاهور ۽ ملتان ۾ ڀٽڪندو رهيو. دارا شڪوه ملتان مان تڙجي جڏهن بکر پهتو ته عزت خان کانئس الڳ ٿي عالمگير وٽ وڃي حاضر ٿيو ۽ ٽي هزاري ۽ پنج سؤ منصب سان نوازجي محمد شجاع سان جنگ ڪيائين. عالمگيري حڪومت جي چوٿين سال هو سنجر خان جي جاءِ تي بکر جو فوجدار ٿيو ۽ ڇهن سالن کانپوءِ غضنفر خان جي وفات ڪرڻ بعد ٺٽي جو صوبيدار ڪيو ويو ۽ 1080هه تائين پورا ٻه سال ان عهدي تي رهيو.[1]

    حوالا[سنواريو]

    1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي