مواد ڏانھن هلو

عربي اسڪرپٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عربي
قسم
ابجد
ٻوليون ھيٺ ڏسو
زمانو
چوٿين صدي عيسويءَ کان ھلندڙ وقت تائين
مادري نظام
پروٽو-سنئيٽڪ
  • فونيشي
    • آرامي
      • شامي
        • نباطائي
          • عربي
Child systems
inspired the N'Ko alphabet and the Hanifi script
لکت پاسو ساڄي کان کاٻو
آئي ايس او 15924 Arab, 160چار اکرن وارا آئي ايس او 15924 رسم الخط
يونيڪوڊ عرفيت
Arabic



عربي اسڪرپٽ: عربي رسم الخط:

عربي ٻوليءَ کي لکڻ جو جيڪو طريقو آهي ان کي عربي اسڪرپٽ چون ٿا. کوڙ دنيا جون ٻوليون ھن رسم الخط ۾ لکيون وڃن ٿيون. جن ۾ آذربائيجاني، پشتو، فارسي، ڪردش، لورش، اردو ، سنڌي وغيره شامل آهن.[1]”عرب ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج گهٽ ئي هجي، مدت کان هلندو اچي ٿو. تمام قديم زماني کان حميري ۽ نابتي خط هو، (جنهن جا ڪتاب نهايت ڪثرت سان يورپ ۾ پڙهيا وڃن ٿا) ۽ اسلام کان ڪجهه پهريائين اهو خط ايجاد ٿيو هو، جيڪو عربي خط چيو ويندو هو؛ جنهن ڪيتريون صورتون بدلائي اڄ هيءَ صورت اختيار ڪئي آهي“[2]”جيڪي پيغام رسول ڪريم ﷺ تائين پهچندا هئا، اهي پنهنجي اصحابن کي يا حفظ ڪرائي ڇڏيندا هئا يا لکائي ڇڏيندا هئا (هن مقصد لاءِ ڪجهه جليل القدر اصحابي رضه مقرر هئا. جن کي ڪاتبان وحي چيو وڃي ٿو. حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر رضه، حضرت عثمان رضه، حضرت علي رضه، حضرت امير معاويه رضه، حضرت زيد بن ثابت رضه، ۽ حضرت عبدالله بن مسعود رضه تمام مشهور آهن). انهن ڏينهن ۾ ڪاغذ ڪونه هو، انهي ڪري ماڻهو کجين جي شاخن، سفيد پٿرن ۽ چمڙي جي ٽڪرن تي لکندا هئا“[3]”خود عهد نبوي ۾ قرآن، سنت ۽ سيرت جي سکڻ ۽ سيکارن لاءِ هڪ باضابطه تعليم گاه ’صفه‘ جي نالي سان قائم هئي، جتي شاگردن جو تعداد هڪ هڪ وقت ۾ 80 (اسي) 80 (اسي) تائين هوندو هو. انهي تعليمي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ جو ڪم اصحابه رضه ڪندا هئا.“[4]حضور جن کان پوءِ حضرت ابوبڪر رضه ٻن سالن ۾ قرآن مجيد مرتب ڪرايو؛ ۽ حضرت عثمان رضه، جڏهن ڏٺو ته لغت جي اختلاف جي ڪري لفظن ۾ اختلاف پيدا ٿئي ٿو ته پاڻ سڀني مسلمانن کي هڪ ئي قرآت تي گڏ ڪرڻ لاءِ، لغت قريش ۾ قرآن کي لکي تمام امت کي هڪ مصحف تي جمع ڪري ڇڏيو؛ ۽ اهوئي مصحف آهي جو اڄ به اسان جي سامهون موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو حضرت عثمان رضه کي جامع القان چيو ويندو آهي. حضرت عمر احڪام جاري ڪري هر ڪنهن حديث کي گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ۽ اٺين صدي عيسوي ۾ اسلام سام، عراق، فلسطين، مصر، ايران، افريقا، اسپين، ۽ انڊونيشا ۽ چين تائين پهچي ويو. انهي مان ثابت آهي ته اسلام جي اچڻ کان اڳي عربن وٽ لکڻ لاءِ ڪانه ڪا صورتخطي هئي ۽ وٽن لکڻ جو رواج شروع کان هوندو هو.[5]”ابتدا ۾ صرف خانداني معرڪا (نسب ناما) ۽ لڙاين جا واقعا محفوظ رکندا هئا“[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. Mahinnaz Mirdehghan. 2010. Persian, Urdu, and Pashto: A comparative orthographic analysis. Writing Systems Research Vol. 2, No. 1, 9–23.
  2. {علامه شبلي نعماني، ”سيرت النبي“ هصه اول طبع ششم، عطيم گڙه، 1332ھ، ص 117. }
  3. {نياز فتح پوري ”نگار“ رسالو - خدا نمبر، جلد 69 شماره 2، جنوري فيبروري 1907ع، ص 56.}
  4. {مولانا سيد مناظر حسن گيلاني قدس سره، ”تدوين حديث“ اداره مجلس علمي ڪراچي، 1907ع، ص 56. }
  5. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  6. {علامه شبلي نعماني، ”سيرت النبي“ هصه اول طبع ششم، عطيم گڙه، 1332ھ، ص 117. }