مواد ڏانھن هلو

عجائب گھر (گل)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Hibiscus hirtus

عجائب گھر
ھبسڪس روزا سنينسس
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Hibisceae
Genus: Hibiscus
ڪارل لينئي
قسمون

ڪل 679 قسمون

هم معنيٰ[1]
  • بامبيسڊينڊران Zoll. & Moritzi
  • بامبيڪوڊينڊران Hassk.
  • براڪمانيا W.Fitzg.
  • پئرٽي

Adans.

  • ولھيمينياHochr.
Hibiscus lobatus
Hibiscus hispidissimus (wild hibiscus)

عجائب گهر (Habiscus) گل گهڻن قسمن جو آهي. هن جو انگريزي ڪتابي نالو هائيبسڪس آهي. هن جو هڪڙو قسم ته ڳاڙهو ٿو ٿئي. ٻيو عجيب قسم آهي جنهن جا گل ڀريل ٿا ٿين. کلڻ مهل اڇا ٿين، پوءِ پيازي ۽ پوءِ آخر ڳاڙها ٿي ويندا آهن. انهيءَ ڪري انگريزيءَ ۾ هن جو رواجي نالو چينجبل روز (يعني مٽجڻ وارو گلاب) آهي. هي ننڍو وڻ ٿو ٿئي، اٽڪل اٺ فٽ وڏو آهي. پن وڏا پشمدار ۽ دل جي شڪل جهڙا اٿس. اڪثر آڪٽوبر ۽ نومبر مهينن ۾ گل جهلي ٿو. قلمن هڻڻ سان وڌي سگهي ٿو. هلڪي گل وارو، ٻج مان به ٿيندو آهي. هن جو ٻيو هڪڙو قسم آهي جو پڻ رنگ بدلائيندو آهي. هي وچولي قد جو آهي. انهيءَ کي هندستانيءَ ۾ بالاڪري سڏيندا آهن.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Genus: Hibiscus L". Germplasm Resources Information Network. United States Department of Agriculture. 2007-10-05. اصل نسخو مان 2010-05-28 تي محفوظ ڪيل. 2010-02-16 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو