عبدالواحد سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنم[سنواريو]

عبدالواحد سنڌي، 1912ع ۾ ڳوٺ ڀليڏنو تعلقه پنو عاقل، ضلع سکر ۾ جنم ورتو.

سوانح[سنواريو]

عبدالواحد جي والد جو نالو عبدالوارث عرف وارث ڏنو هو. عبدالواحد اڃا ننڍو ئي هو، جو سندس والد گذاري ويو. پهرين عبدالواحد ”مدرسته قاسم العلوم“ گهوٽڪي ۾ پڙهيو. اُتي کيس انگريزي پڙهڻ جي شوق پيدا ٿيو. پاڻ مولانا دين محمد وفائي جي مدد سان سر عبدالله هارون کان اسڪالرشپ حاصل ڪري، 1922ع ۾ جامعه مليه دهلي ۾ وڃي داخل ٿيا، جتي عبدالواحد کي مولانا محمد علي جوهر، ڊاڪٽر محمد علي بجنوري، خواجا عبدالحئي جهڙا استاد مليا. عبدالواحد محنتي ته اصل کان هئو، تنهنڪري نوڪري به ڪندا هئو ته تعليم به پرائيندو هئو. اڳتي هلي کيس ”بورڊنگ هائوس جي هر منزل“ جو انچارج بڻايو ويو.

دين جي تبليغ[سنواريو]

جامع مليه ۾ پڙهڻ جي دوران واندڪائي واري وقت ۾ ٻاهر وڃي دين جي تبليغ به ڪندا هئو. عبدالواحد جيڪي به ڪتاب يا مضمون لکيا، انهن ۾ مولوي عبدالواحد ”جامعي“ لکندا هئا. ان عرصي ۾ هڪ ڀيري سندس ملاقات مولانا عبيدالله سنڌي سان ٿي، مولانا کانئس پڇيو ”جامع رسالي ۾ پٺاڻن جي حڪومت تي مضمون تو لکيو آهي؟“ مولانا عبدالواحد جي ”ها“ ڪرڻ تي مولانا سنڌي گهڻو خوش ٿيو ۽ سندن ڪتاب ”رسول پاڪ کون تهي ۽ قرآن پاڪ کيا هي“ جي مسودي تي عبدالواحد جامعي لکيل ڏسي ناراض ٿيا، پنهنجي ننهن سان جامعي ڊاهي، ان جاءِ تي ”سنڌي“ لکيائون ۽ چيائون ”توکي سنڌي لکندي شرم ٿو ٿئي، آئون سيالڪوٽ ۾ پئدا ٿيس ۽ ڀرچونڊيءَ ۾ مسلمان ٿيس ۽ پاڻ کي سنڌي لکندو آهيان. گورنمينٽ جي رڪارڊ تي به سنڌي آهيان“ ان کانپوءِ مولانا عبدالواحد پاڻ کي ”سنڌي“ لکڻ لڳو.

ادبي خدمتون[سنواريو]

مولانا عبدالواحد سنڌي هڪ عالم ۽ اديب هو. کيس اردو، سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ تي سٺي مهارت حاصل هئي. هو شاگرديءَ واري زماني کان ئي لکڻ جو ڪم ڪندو آيو.جامعه مليه جي رسالي ۾ به اردوءَ ۾ تاريخي، تحقيقي مضمون لکندا هئو. ان دور ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کانسواءِ پاڻ ننڍن ٻارن لاءِ ”اسلام ڪي مشهور سپهه سالار“ ۽ ”اسلام ڪي مشهور اميرالبحر“ڪتاب لکيائون، جيڪي گهڻا پسند ڪيا ويا. سنڌ اچڻ کانپوءِ به مولانا ٻارن لاءِ ڪافي دلچسپ ۽ معلوماتي ڪتاب اردو ۾ لکيا. جن مان ڪجهه هي آهن (1) روٽي کس ني پکائي (2) بندر اور نائي (3) مينڊک اور کوا (4) لومڙي اور گهر (5) جادو کا گهر (6) هپو جپو (7) چل ميري مٽکي (8) تاڪ دهنا دهن تاڪ (9) پهر مين چونڪ گيا (10) پان کها کر طبله بجا کر (11) تارا دهري تارا (12) پکڙ دم ڪٽي ڪو (13) دال تو خوب پکي (14) پانچ بوني (15) ديو ڪو ڪس نه هرايا شامل آهن.

مولانا ۽ نئين زندگي رسالو[سنواريو]

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 15نومبر 1948ع تي پاڪستان جي آبادڪاري جي وزارت پاران پاڪستان جي انتظام هيٺ، خبرن جي هڪ بليٽن اردو ۽ سنڌي ۾ ڇپجڻ لڳي. مولانا سنڌي انهي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. اها هفتيوار شايع ٿيندي هئي. جنوري 1950ع ۾ ساڳئي بليٽن کي هڪ خاص علمي ۽ ادبي رسالي لاءِ وزارت اطلاعات ۽ نشريات جي حوالي ڪيو ويو. ان جو پهريون پرچو مولانا عبدالواحد سنڌي جي ادارت هيٺ فيبروري 1950ع ۾ نڪتو .ان کانپوءِ اهو پرچو هر مهيني باقاعدي ڇپجڻ لڳو.

مولانا عبدالواحد سنڌي جون صلاحيتون، انهيءَ پرچي جي ادارت ڪندي صحيح معنى ۾ نڪري نروار ٿيون. هن پنهنجي محنت ۽ اورچائي سان پرچي کي اوڄ تي رسائي ڇڏيو. اهو هڪ ڪارنامو هو. نئين زندگي جي تاريخ دراصل سنڌي ادب جي تاريخ آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ جيڪو جمود پيدا ٿيو هو، اهو ”نئين زندگي“ ٽوڙيو ۽ مولانا سنڌ ۾ سنڌي اديبن جي جيڪا همٿ افزائي ڪئي، اها سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم مقام والاري ٿي، جنهنجو ذڪر ڪندي رشيد ڀٽي لکي ٿو: ”اسان همعصر اديبن ۽ اسان کانپوءِ جي همعصر ادبي ٽولي جي همت افزائي (ويندي زوري ويهي لکرائڻ) مولوي صاحب ڪئي. تنهن سنڌي ادب کي ڄڻ نئين زندگي ڏيئي ڇڏي. ٻيا دوست اعتراف ڪن يا نه پر مان پنهنجي ادبي واڌا ويجهه ۾ مولوي صاحب جي قدرداني، همت افزائي ۽ استاد جيان لڪڻ کڻي ڪم وٺڻ واري ڪردار جو وڏو هٿ سمجهندو آهيان.

سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي نويس عورتن کي اڳتي آڻڻ ۽ سندن همت افزائي ڪرڻ ۾ به مولوي صاحب جو نالو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم جڳهه والاريندو. ثميرا زرين مهتاب محبوب، رشيده حجاب جا نالا انهي سلسلي ۾ ڳڻي سگهجن ٿا، جن جي پهريان افسانا ’نئين زندگي‘ ۾ مولانا عبدالواحد سنڌي ئي ڇاپيا هئا.

مولانا عبدالواحد نه رڳو نئين زندگي رسالو هلايو، پر سنڌي ادب ۾ بهترين ۽ معياري ڪتابن جي واڌاري ڪرڻ لاءِ نئين زندگي جي اشاعتي سلسلي جا اٺ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، جن ۾ سنڌ جي نمائنده اديبن جون لکڻيون محفوظ ڪيون ويون. اهي ڪتاب هي آهن (1) مهراڻ جون موجون (2) مهراڻ جون ڇوليون (3) مهراڻ جا ماڻڪ (4) مهراڻ جو موتي (5) شاعرن جو سرتاج: شاهه عبداللطيف ڀٽائي (6) منصور ثاني سچل رحه (7) سوڀون سرگهرن (8) ماڪ ڀنا رابيل. هي ڪتاب گهڻي ڀاڱي سيد حسام الدين راشدي، ثميرا زرين،خديجا خانم دائود پوٽو ۽ عطا محمد حامي ترتيب ڏنا. پر باقي سڀ ڪم مولانا عبدالواحد سنڌي ئي ڪيو. رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ هو ڪجهه وقت ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جي رسالي ”اديون“ ۾ هٿ ونڊائيندو رهيو.

لاڏاڻو[سنواريو]

مولانا عبدالواحد سنڌي 3 جنوري 1988ع تي وفات ڪئي. [1] [2]

حوالا[سنواريو]