عبدالمجيد ماجد اھروي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالمجيد ”ماجد“ پٽ فقير خاصخيلي (خليفو) 9 ذوالحج 1320ھ/1915ع ۾ ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگريزيءَ جي -تعليم- وٺڻ لاءِ سنڌ مدرسة -الاسلام- ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، -جتي- حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرحوم قاضي عبدالقيوم جي صحبت ۾ طب سکڻ لڳو. گھرو مجبورين سبب انگريزيءَ جا ٽي درجا پڙهڻ کانپوءِ -تعليم- اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ آيو ۽ پنهنجي گھر جو ڪاروبار هلائڻ لڳو. ساڳي وقت ولهيٽ جي مدرسي ۾ مولوي عبدالڪريم ساند وٽ عربي ۽ فارسيءَ جي ڪجهه -تعليم- حاصل ڪيائين. اڳتي هلي طب جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. طب سان گڏوگڏ ڳوٺ ۾ ٻارن کي ديني -تعليم- به ڏيندو هو ۽ آخر وقت تائين ڳوٺ جي -جامع مسجد- جو پيش -امام- رهيو. سندس وڏا صوفي صادق فقير سومري جا مجاور هئا، تنهنڪري والد جي وفات کانپوءِ پاڻ به درگاهه جو مجاور ٿي رهيو. عبدالمجيد اهروي 1995ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه صوفي صادق فقير جي مقام ۾ آهي. عبدالمجيد کي شاعري ورثي ۾ ملي. شاعريءَ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ئي هاريءَ جي شان ۾ لکيل هڪ شعر سان ڪيائين. ننڍپڻ ۾ لکيل سندس واقعاتي شعر جيڪڏهن پڙهي ڏسبا ته ڏاڍا دلچسپ لڳندا. 1952ع کان باقاعدي شاعري ۾”ماجد“ تخلص اختيار ڪيائين، سندس ڳوٺ جنهن هنڌ آهي، انهيءَ ديهه جو نالو ”اُهر“ آهي. انهيءَ نسبت سا ”اُهروي“ چوائڻ ۽ لکڻ لڳو. صوفي قلندر بخش شهيد، محمد فقير کٽياڻ ۽ رکيل شاهه ڀاڳناڙيءَ وارو سندس صحبتي هئا. عبدالمجيد ”ماجد“ بزم ادب، صوفي فقير جو آخر تائين جنرل سيڪريٽري رهيو. سندس ڪلام ڏوهيڙن، بيتن، ڪافين، نظمن، غزلن، مداحن، ٽيهه اکرين، مناظرن، ٽيهين ڏينهن وغيره تي مشتمل آهي. سندس شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪلام نصيحت آميز عشق محبت جي ذڪر سان ڀرپور آهي. سندس شاعريءَ ۾ فني پختگي به آهي. ڪلام جي -ٻولي- سادي ۽ سلوڻي آهي. سندس ڪيترائي نظم ۽ قطعا تاريخي حيثيت رکن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]