عبدالغفور آريسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالغفور آريسر جو پورو نالو حاجي عبدالغفور آهي. سندس جنم 3 جنوري 1929ع تي ڀارتي گجرات جي ڳوٺ پيراهو ۾ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان استاد رهيو. سندس ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي فائز آهن، نامياري سياستدان عبدالواحد آريسر جو پرائمري استاد رهيو. ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جو اڳوڻو براڊ ڪاسٽر حاجي عنايت الله زنگيجو پڻ هن جو شاگرد آهي. 1984ع ڌاري رٽائر ٿيو ۽ هاڻي ڳوٺ ۾ مدرسو قائم ڪري ٻارڙن کي ديني تعليم سان روشناس ڪري رهيو آهي، هن وقت ضلعي عمرڪوٽ تعلقي ساماري ۾ رهائش پذير آهي.[1]