عبدالرحيم ڀرچونڊي
عبدالرحيم ڀرچونڊي | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 1910 (عمر 113–114 سال) |
ترميم |
پير عبدالرحيم ڀرچونڊي شريفخانقاه قادريه ڀرچونڊي شريف جان چوٿان سجاده نشين آهن.
ولادت
[سنواريو]مولانا پير عبد الرحيم شهيد ابن مولانا عبد الرحمن ابن حافظ محمد عبد الله 1330ھ/1910ع ۾ ڀر چونڊي شريف، گھوٽڪي ضلعي ۾ پيدا ٿيا.
نانءُ
[سنواريو]ستين ڏينھن جدا مجد شيخ ٽين عبد الرحيم نام تجويز ڪيو. ڪنھن پڇيو: صاحبزادي جو نالو ڇا تجويز ڪيو اٿو؟ فرمايائون اسان بسم الله الرحمن الرحيم کي پورو ڪيو آهي، اھو ايئن ته پنھنجو نالو عبدالله، صاحبزادي جو نالو عبد الرحمن ۽ پوٽي جو نالو عبد الرحيم، ٽني نالن مان لفظ ‘‘ عبد‘‘ ختم ڪرڻ سان بسم الله شريف پوري ٿي وڃي ٿي.
تعليم ۽ تربيت
[سنواريو]جد امجد شيخ ٽيين کي سندن سان ڏاڍي محبت هئي. پاڻ ڏاڏا جان جي سيني تي کيڏندا رھندا ھيا. پاڻ شروع کان ئي غير معمولي ذهين ھيا، جيڪي سبق ٻيا شاگرد ڪلاڪن ۾ ياد ڪندا ھيا انھن کي پاڻ منٽن ۾ ياد ڪري وٺندا ھئا. قرآن مجيد جي تعليم شروع ٿي، پندرهن سيپارا حفظ ۽ پندرهن ناظره پڙھيا. درسي ڪتاب پهريان مولانا عبد الڪريم ( ساڪن ميانوالي ) کان، پوءِ سراج الفقها مولانا سراج احمد (خان بيلوي ثم خانپوري) کان پڙھيا ۽ آخر ۾ سيد مغفور القادري ( شاه آباد شريف ، رحيم يار خان ضلعو) کان پڙھڻ شروع ڪيو، شرح جامي، شرح و قايه ۽ مشڪوٰۃ شريف تائين ڪتاب خود سمجھي ڪري پڙھيا ايتري تائين ٻين ڪتابن جي سمجھڻ جو خاص ملڪو پيدا ٿيو.
شخصيت
[سنواريو]پير عبد الرحيم نهايت بلند همت ۽ بي هاڪ شخصيت جا مالڪ ھيا، اسلام ۽ مسلمانن جي تحفظ ۽ سر بلندي جي لاءِ ڪنهن قسم جي قرباني ڏيڻ کان دريغ نه ڪندا ھيا اھڙا واقعا پيش آيا ته هندوئن نئين مسلمان عورتن کي قيد ڪري ارتداد تي مجبور ڪيو پير صاحب ڪنھن خطري کي دل ۾ نه لاھيندي ميدان ۾ اچي ويا ۽ ان وقت تائين سڪون سان نه ويٺا جيسيتائين انھن نو مسلم عورتن کي آزاد نه ڪرايائون.
تحريڪ پاڪستان
[سنواريو]پنهنجي والد ماجد مجاهد اعظم مولانا عبد الرحمن جي پاڇي ھيٺ رھي ڪري انجمن احياء الاسلام ۽ تنظيم المشائخ جون بي مثال خدمتون انجام ڏنيون ۽ ان دور ۾ جڏھن ڪانگريس پوري طرح سنڌ صوبي ڇانيل هئي. پاڻ تحريڪ پاڪستان ۽ ٻہ قومي نظريي جي ڀر پور اشاعت ۽ حمايت ڪيائون ھص انهن ئي مشائخ جي قربانين جو نتيجو ھو جيڪي سنڌ صوبي جي عوام جي راءِ مسلم ليگ جي حق ۾ هموار ٿي وئي ۽ عوام الناس وڏي جوش ۽ خروش سان پاڪستان جي نظريي کي پنهنجو ڪيو.
سني ڪانفرنس ۾ شرڪت
[سنواريو]1946ع ۾ والد ماجد جي قيادت ۾ ڏيڍ سو ھمراھن جي جماعت سان گڏ آل انڊيا سني ڪانفرنس بنارس ۾ شريڪ ٿيا ۽ پاڪستان جي ٺھڻ تي زور ڏنائون. اهل سنت جي ھن نمائنده ڪانفرنس ۾ گڏيل هندستان جي تقريبن پنج هزار عالمن ۽ مشائخن جو پاڪستان جي ٺھراءَ خاطر پنهنجي تمام ڪوششون کي صرف ڪري ڇڏڻ جل عهد ھڪ ڪليمي ضرب ھئي جنھن ڪانگريس جي سامرين جي طلسم ٽوڙي ڇڏيو. انجمن احياء الاسلام ۽ تنظيم المشائخ کانپوءِ پاڻ جميعت علماء پاڪستان ، سنڌ جا نائب صدر چونڊيا ويا ۽ جنھن جرأت ۽ همت ۽ خلوص ۽ ايثار سان جميعت جي سر گرميون ۾ حصو ورتو ان کي ڪڏھن فراموش نٿو ڪري سگھجي.
سجاده نشين
[سنواريو]1960ع ۾ شيخ ٽين عبد الرحمن جي وصال کانپوءِ سجاده نشين ٿيا تہ سندن جون مصروفيتون الاھي وڌي ويون پر جنهن حسن ۽ خوبي سان پاڻ ذميدارين کي نڀايو، ھاڻوڪي دور ۾ ان جو مثال پيش ڪرڻ مشڪل آهي. سندن جي دل ۾ دين ۽ ملت جو بي پناه درد ھيو. توڙي جو سندن تي قاتلاڻا حملا ڪيا ويا، طرح طرح سان سندن کي اذيتون ڏنيون ويون پر ھن مرد خدا جا قدم پوئتي ٿيڻ ڪي بدران هميشه اڳتي ئي وڌندا رهيا.
عملي جهاد
[سنواريو]1965ع جي جنگ ۾ راجستان سيڪٽر ۾ عملي طور تي حصو ورتو، پنھنجي مريدن حر مجاهدن جي ڪيترائي دستا ھٿياربند ڪري محاذ تي موڪليا ۽ ٻہ ڀيرا پاڻ محاذ تي ويا. پيرعبد الرحيم اسلام جي نظريي جا زبردست حامي ھيق. 1971ع جي چونڊن ۾ جميعت علماءِ پاڪستان جي سنڌ صوبي جي نائب صدر هجڻ جي حيثيت سان علي الاعلان اسلامي قوتون جو ساٿ ڏنائون ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته عوام جي ذهنن ۾ صحيح اسلامي قدرن کي ايتري قدر راسخ ڪيو وڃي جو ھو اسلام جي نظريي کان علاوه ڪنھن نظرئي ۽ ازم کي قبول نه ڪن.
وفات
[سنواريو]30 رجب، 21 سيپٽمبر ( 1391ھ/1971ع) جي شام تي جڏھن پير عبد الرحيم چار بنا ھٿيار ماڻھن سان گڏ ھيا، تہ مخالفن فائرنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو. سندن جي جنازي ۾ ھڪ لک ماڻھن شرڪت ڪئي، سندن جي آخري آرام گاه ڀر چونڊي شريف ۾ آهي. سندن جي شهادت سان ملت اسلامه ھڪ عظيم مجاهد کان محروم وئي.[1][2]