عالمي ڳوٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عالمي ڳوٺ (Aalami ggothh) يا گلوبل وليج (Global Village) جو هي اصطلاح پهريون ڀيرو نامياري محقق ’مارشل مِڪ لوُهان‘ (Marshall Mcluhan) پنهنجي اهم ڪتاب The Making of Typographic Man : The Gutenburg Galaxy (1962ع) ۾ ڪتب آندو. سندس چوڻ آهر برقي رابطن ۾ ڪمپيوٽر جي ايجاد ۽ اطلاعات سرشتن ذريعي، دنيا جو هر پاسو ۽ ڪنڊ هڪٻئي سان ڳنڍجي وئي آهي ۽ ڄاڻ جي ورڇ هڪ ئي وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ٿي. ان ڪري انساني سماج جا، سياسي، سماجي ۽ معاشي معامرا به هر ماڻهوءَ جي در تائين ۽ ان حوالي سان انسانن جي ذميواريءَ جو درجو به مٿانهين سطح تي پهچي چڪو آهي. اڄڪلھ هي اصطلاح گهڻي قدر انٽرنيٽ ۽ ويب رابطن جي حوالي سان ڪتب اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو انٽرنيٽ تي طبعي وڇوٽيون غير اهم بڻجي چڪيون آهن ۽ انسان برقي رابطن ذريعي ذهني ۽ سماجي طور هڪٻئي جي ايترو ته ويجهو اچي ويو آهي، جو اهو نه رڳو پنهنجي پسند جا ماڻهو ۽ حلقا دنيا جي ڪنهن به ڏس ۾ ڳولي ڪڍي ٿو، پر انهن حلقن جي وچ ۾ سياسي، سماجي، معاشي ۽ ٻين سوين معاملن بابت، خيالن جي مڪمل ڏي وٺ ۽ اڳڀرائي پڻ ٿيڻ جوڳي (ممڪن) ٿي چڪي آهي، اهڙي طرح ويب ٽيڪنالاجيءَ ذريعي ”عالمي سماج“ جي جوڙجڪ پڻ عمل ۾ اچي چڪي آهي. هاڻي ماڻهو تيز ترين رابطن ذريعي، ڪيترائي اطلاع فورن پکيڙي سگهن ٿا ۽ انهن تي رد عمل ظاهر ڪري ڪا حڪمت عملي جوڙي سگهن ٿا. ”مڪ لوهن“ جو چوڻ آهي ته انهن ويجهڙائين، اسان کي روايتي قومي ترجيحن“ کان مٿانهون ڪندي، هڪٻئي جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ عالمي ذميواريون سمجهڻ جو احساس ڏياريو آهي. خاص طور ويب سائيٽن جي وڏي انگ ۾ ٺهڻ کان پوءِ، انسانن وچ ۾ ”تفصيلن جي مٽا سٽا“ به اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جوڳي (ممڪن) ٿي وئي آهي. نئين دور جي انهن حقيقتن ۾ نئين سماجياتي تاڃي پيٽي ۽ ڏيهان ڏيهي (بين الاقوامي) ثقافت جوڙڻ لاءِ، هڪ شاندار اڳڀرائي ڪئي آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ دنيا جي سياسي معاملن کان وٺي رهڻي ڪهڻيءَ تائين، ڌرتيءَ جي گولي تي موجود انسانن وچ ۾ گڏيل ڀائيچاري جو تصور ڏينهو ڏينهن سگهارو ٿي رهيو آهي. تازو عرب دنيا ۾ اٿندڙ عوامي احتجاج، رڳو انهن ملڪن کي نه پر دنيا جي مڙني انسانن کي نه رڳو سوچڻ تي پرا ن ڏس ۾ ٿيڻ جوڳي عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ به اُتساهي رهيو آهي. ساڳي طرح گهڻ قومي ڪارپوريشنن ۽ ٻين ڏيهان ڏيهي ادارن کائڻ پيئڻ، اوڍڻ، اٿڻ، ويهڻ ۽ سوچڻ جي حوالي سان، دنيا جي مڙني قومن کي هڪ رخ ۾ اڳڀرائي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ روزگار کان وٺي شادين مرادين تائين، هر معاملي ۾ دنيا جا در سڀني لاءِ کلي چڪا آهن. ”عالمي ڳوٺ“ جي تشڪيل ۾ جتي انسان ذات لاءِ تمام گهڻيون سولائيون پيدا ٿيون آهن، اتي مقامي ثقافتن، ٻولين ۽ روين کي هاڃان پڻ پهچي رهيا آهن. [1]

حوالا[سنواريو]