عالمي پهچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انٽرنيٽ ۽ رابطن جي ٻين جديد سرشتن ذريعي، جڏهن ڪابه ڪمپني يا ادارو پنهنجن گراهڪن سان سڄي دنيا ۾ رابطو ڪرڻ ۽ وٽن نت نئين ڄاڻ پهچائڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺي ٿو ته ان صورتحال کي عالمي پهچ يا ”گلوبل ريچ“ (Global Reach) ذريعي بيان ڪيو وڃي ٿو. انٽرنيٽ جي نت نون سرشتن ذريعي نون ماڻهن کي سندن گراهڪن ۾ تبديل ڪري پنهنجي شين لاءِ ڄاڻ ڏيڻ سان گڏوگڏ وکرن ۽ قيمتن جي ڏيتي ليتي به ڪاميابيءَ سان ڪري سگهي ٿو. ان عمل سان ڊگهن فاصلن ۾ وقت جي سيڙپ، فون جي ذريعي رابطن ۽ پوسٽ جي جهنجهٽن کان آجو ٿيندي، گراهڪ سنئون سڌو پنهنجي پسند جي خريداري ڪري سگهندو آهي. اهڙو ڪوبه ادارو جيڪو عالمي پهچ ذريعي پنهنجو سرشتو وڌائڻ گهري ٿو، تنهن لاءِ ضروري آهي ته اهو منڊيءَ ۾ خريداريءَ جي قاعدن، اضافي رابطا ئي ڄاڻ، مناسب اگهن ۽ وکر بابت گهربل تفصيل دلچسپي رکندڙ گراهڪ کي فراهم ڪري. ۽ ٿيڻ جوڳو هجي ته جوڙيل ويب سائيٽ به مختلف زبانن ۾ تيار ڪرايل هجي ۽ اها کولڻ ۾ سولي هجڻ سان گڏ گراهڪ لاءِ موھ جو ڪارڻ هجي. ڏيهان ڏيهي (بين الاقوامي) سطح تي مختلف شعبن ۾ به هي اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، جن مان سفارتڪاري، معيشيت ۽ سماجي حلقا گھڻي اهميت رکن ٿا. [1]

حوالا[سنواريو]