عالمي واپار جي تنظيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (World Trade Organization - WTO) عالمي واپار جي تنظيم پهرين جنوري 1995ع تي ’ماسترخت جي مُعاهدي‘ هيٺ وجود ۾ آئي هئي. هن تنظيم جو مقصد آزاد عالمي واپاري نظام جي سار لهندي، اُن کي سڄي دُنيا ۾ آزاديءَ سان چُرپُر ڏيارڻ، واپاري ڏي وٺ جي ڳالھ ٻولھ ۽ معاهدن کي قانون آهر ترتيب ڏيارڻ، واپاري تڪران نبيرڻ، عالمي واپار جي انتظام کي سگهارو ڪرڻ، دُنيا ۾ عالمي اقتصادي ايڪو قائم ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ دُنيا جي مُختلف ملڪن ۾ واپاري معاهدن ۽ ڪاروهنوار کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ هن اداري جو وڏو هٿ آهي. هن تنظيم جو وجود جڳ مشهور يوراگوئي ڳالهين (1986-1994ع) کانپوءِ عمل ۾ آيو ۽ ان کي 1948ع ۾ ٺهيل GATT جي متبادل طور سمجهيو ويندو آهي. ڊبليو ٽي او جو مرڪز سئٽزرلينڊ جي گاديءَ واري شهر جينيوا ۾ آهي.[1] [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-10-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد