عالمي سماج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عالمي سماج يا ورلڊ سُوسائٽي (World Society) اصل ۾ آسٽريليائي سفاتڪار ۽ دانشور ’جان ڊبليو برٽن‘ جو نظريو آهي، جنهن ۾ هن قومن ۽ رياستن جي پاڻ ۾ لهه وچڙ جي بنياد تي بيٺل عالمي سرشتي کي رد ڪندي ٻڌايو آهي، ته آجپي (Sovereignty) جو روايتي تصور انساني سماج جي اصل ورتائن، خواهشن ۽ مستقبل بابت تصورن جي ترجماني نٿو ڪري سگهي. برٽن جو خيال هو ته علائقي (Territory) جي بُنيادن تي پاليسيون جوڙڻ ۽ عام رواجي نقشي (Map) جي بُنياد تي عالمي برادريءَ جي مفادن جو تعين ڪرڻ عالمي وهنوار کي هلائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي، جنهن جو ڪڏهن به مٺو ڦل ناهي ملڻو. هن جي سوچ مطابق طاقت (Power) جي چوڌاري گهمندڙ سياست جو نتيجو خود فريبيءَ تي ٻڌل محرڪن، جهڙوڪ: جنگي برابري (Deterrence) ۽ ”طاقت جو توازن“ جهڙن تباهه ڪن پاسن ۽ رخن کي جنم ڏئي ٿو. ان جي اُبتڙ عالمي برادريءَ کي مسئلن جي حل لاءِ اڳرائي پسنديءَ واري لاڙي بدران سهڪار ۽ پر امن لاڙن جي حمايت ڪري ٿو، جنهنڪري سندس مُخالف کيس غير عمليت پسند ۽ ”خيالي دانشور“ به سڏيندا آهن. پنهنجن خيالن جي ڪري برٽن انهن سڀني فائدن کان محروم رهيو، جيڪي طاقت جي حامي دانشورن کي ملندا آهن. ”عالمي سماج“ جي بُنيادي تصور ۾ رڳو سياسي بُنيادن تي قومن جي برادري جوڙڻ بدران قومن جي سموري زندگيءَ جا رنگ ۽ رخ بحث هيٺ آڻڻ ۽ ثقافتي ۽ ٻين محاذن تي مُختلف قومن کي گڏ ڪرڻ وارا پاسا شامل ڪرڻ ۽ اها گڏپ ”ادارتي“ ۽ انفرادي دائرن تائين وڌائڻ تي زور ڏنو ويو آهي. ’برٽن‘ جي خيال موجب اعليٰ انساني قدر ئي دنيا جي صحيح رُخ ۾ راهنمائي ڪري سگهن ٿا. دنيا جي ڪار وهنوار ۾ امن، سفارتڪاري ۽ تعلقات ٺاهڻ جا روايتي طريقا پنهنجو اثر وڃائي چُڪا آهن، تنهنڪري عالمي پئماني تي ’سمجهه ڀريي تعاون‘ ذريعي ئي دُنيا کي سٺو روپ ڏياري سگهجي ٿو. سندس مُخالف، مٿس ’خيال پرست‘ هُجڻ جو الزام هڻن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]