عالمي حڪمراني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عالمي حڪمراني يا گلوبل گورننس (Global Governance) پراڻي زماني کان مُختلف سلطنتن ۽ حڪمرانن جي دل ۾ دُنيا تي راڄ ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيندو رهيو آهي. يونان جي حاڪم سڪندر يوناني کان وٺي رومي شهنشاهن، عراقي، ايراني بادشاهن ۽ عربن کان پوءِ يورپ جي ڪيترن حاڪمن ۽ حُڪومتن اهڙيون ڪوششون ڪيون آهن. جديد دور ۾ ”ٿڌي ويڙهه“ جي خاتمي کان پوءِ، جيئن ئي ”ڀونءِ واد“ (Globalism) جي نظريي زور ورتو، ته دُنيا ۾ ثقافتي ۽ ٽيڪنڪي طرح تمام گهڻيون ويجهڙائيون آيون آهن. سياسي اختيار جي جاءِ تي ”معاشي واڌ“ کي اهميت ملڻ لڳي ۽ دُنيا جا ماڻهو ملڪي ۽ علاقائي سطح کان مٿي ٿي سوچڻ لڳا آهن. اهڙي صورتحال ۾، هڪ اهڙي انتظامي ڍانچي جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي آهي، جيڪو ”طاقت جي توازن“ واري پُراڻي اصول بدران، سياست کي انساني ضرورتن ۽ هڪٻئي سان هاڪاري لاڳاپن ذريعي ويجهو ڪري سگهي. ”عالمي حُڪمرانيءَ“ جي تصور هيٺ، رياستي ادارن سان گڏ ٻين عالمي ادارن جي سهڪار سان قانون جوڙي، پُرامن حُڪمراني کي ممڪن بڻائو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد