عاد
عاد يا قوم عاد (انگريزي: 'Aad ) عربن جي ھڪ قديم ترين قوم ھئي جنھن جا افسانا عربستان وارن جي زبان تي عام ھيا[1]. ٻچو ٻچو انھن کان واقف ھيو. ان جي شھرت جي ڪري عربستان ۾ ھر قديم چيز لاءِ عادي جو لفظ استعمال ڪيو ويندو ھو[1]. عربي ۾ آثار قديم کي بہ عاديات چوندا آھن[1]. جنھن زمين جو مالڪ باقي نہ رھي يا جنھن زمين جو ڪو آبادگار نہ ھجڻ ڪري ڦٽي وئي ھجي ان کي عادي الارض چوندا آهن[1]. عربن جي قديم شاعري ۾ بہ ان قوم جو ذڪر ملي ٿو. حديث ۾ ذڪر ملي ٿو ته ھڪ دفعي نبي ﷺ جي خدمت ۾ بني ذھل بن شيبان جو ھڪ شخص آيو جيڪو عاد واري علائقي جو رھڻ وارو ھيو ۽ ان اھي قصا حضور کي ٻڌايا جيڪي ان قوم جي متعلق قديم زماني کان ان علائقي جي ماڻھن ۾ نقل ٿيندا آيا پئي[1]. قرآن مطابق ان قوم جو علائقو حجاز، يمن ۽ يمامه جي وچ ۾ الربع الخالي جي ڏکڻ-اولھ ۾ واقع ھيو[1]. اتان ڦھلجي اھا قوم يمن جي مغربي ساحلن، عمان، حضرموت کان عراق تائين پنھنجي طاقت جو سڪو مڃايو[1]. تاريخي طور تي ان قوم جا آثار ناپيد آھن پر ڏکڻ عربستان ۾ ڪٿي ڪٿي انھن جا کنڊر موجود آهن جن کي عاد جي طرف نسبت ڏني ويندي آهي[1]. حضرموت جي ھڪ جاء تي حضرت ھود جي قبر مشھور آھي. 1837 ۾ ھڪ انگريز بحري افسر جيمز آر. ويليسٽيڊ کي حصن غراب ۾ ھڪ پراڻو ڪتبو مليو ھو جنھن تي حضرت ھود جو ذڪر ھيو[1]. قرآن مطابق خدا انھن منجھ ھود کي پنھنجو پيغمبر چونڊيو جنھن انھن ۾ تبليغ ڪئي ۽ ايمان نہ آڻڻ جي ڪري انھن مٿان ھوا جو عذاب نازل ٿيو جنھن م آھي تباھ ٿي ويا.