عاجز رحمت ﷲ لاشاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اصلي نالو: مير رحمت الله (Meer Rahmatullah)

ادبي نالو: عاجز رحمت ﷲ

تخلص: آڪاش عاجز

ولديت : فقير شاهنواز پُٽ جلال خان پُٽ جمال خان پُٽ ڪمال خان پُٽ شھداد خان پُٽ ڌڱاڻو خان پُٽ حُرّا خان پُٽ منگا خان

ذات/قبيلو : لاشاري


قوم: مسلمان/ سنڌي .

ڄم: 02 جنوري 1982ع بمطابق 22 ذوالحج 1403 هجري بروز ڇنڇر.

جاءِ پيدائش

درگاھ فقيرپورشريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو ( ناناڻن جي گهر ۾ ) ڪن ۾ پهرين آذان وقت جي ڪامل ولي حضرت خواجه الله بخش المعروف سُهڻا سائين رحمة الله عليه جن ڏني ۽ نالو ” رحمت الله “ پڻ انهن رکيو، جڏھن ته مائٽن عزيزن پيار مان  ” مِير “ به سڏيو ۽ شاعريء ۾ تخلص ”عاجز“ پاڻ پسند ڪيم ۽ صحافت دوران ڪالمن/مضمونن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪجهه اخبارن ۾ شروعات واري دور ۾ ”آڪاش“ به استعمال ٿيل آھي . 

اصل رهائش:

ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاري (ڌامراھ واھ جي ڏاکڻئين پاسي راڌي واھ جي مُنڍ ۾ اُلهندي طرف ) پوسٽ فريد آباد تعلقو ميهڙ ضلعو دادو (هن وقت اتي زرعي زمينون آھن ۽ پراڻي مسجد شريف کان سواء ڳوٺ جو ڪوبه آثار موجود ناهي جڏھن ته روينيو رڪارڊ ۾ اهو ڳوٺ اڃاتائين لکيل آھي)

هجرت:

 چانڊيا برادري سان قبائلي تڪرار سبب اتان سال 1986ع دوران لڏپلاڻ ڪري موهن جو دڙو ڀرسان سنڌ جي مشھور ڏاهي ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي جي جنم ڀومي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي.

هن ڳوٺ ۾ اچڻ جو سبب ڳوٺ جي بريراڻي پاڙي سان سُڃاپجندڙ ساريا قبيلي جون مانائتيون محبتون ۽ ڪارائتا قرب هيا، خاص ڪري اسانجن وڏڙن مان منهنجو جو ڏاڏو جلال خان ، حاجي ميرمحمد ،چاچو محمد عرس ، ڪمال خان باباسائين فقيرشاهنواز سان بريراڻين جا وڏڙا محمدايوب ساريو،الاهي بخش ساريو،محمدموسيٰ ساريو، عبدالحليم ، عبدالله ،محمدملوڪ ساريو، محمود ساريو سان دل گُهري دوستي هُئي ۽ رت جي رشتن جيان سنڌي سماج جي قرابتداري سبب هڪ ٻئي جي ٻچڙن ۾ خانداني اچ وڃ سبب ايترو فرق به ڪيرمحسوس نه ڪندو هو ته ساريوڪير؟ لاشاري ڪير آ ؟

مٿي ڄاڻايل مامري سبب هن ڳوٺ ۾ اچڻ بعد مرحوم محمدايوب جي ڀاء حاجي الاهي بخش ۽ محمد ايوب جي فرزند غوث بخش  ۽ سندس جي چاچي محمدموسيٰ  ۽ ان جي فرزند حاجي غلام محمد ساريو پنهنجا گهر خالي ڪرائي انهن جاين ۾ ويهاريو، (هاڻي اهي سڀئي وڏڙا وفات ڪري ويا آھن) چئن سالن جي عرصي کان بعد ۾ ھڪ دلي خلوص واري انسان مرحوم يارمحمد ساريو معمولي رقم عيوض پنهنجو انبن جو باغ ڏنو جنهن جا وڻ وڍي مستقل طور پنهنجا گهر ٺاهي رهائش اختيار ڪئي وئي. سندس فرزندن ۽ پوٽن سان اڄ به نينهن جو ناتو ۽ روح جو رشتو قائم آھي پر زماني جي حالتن ۽ روزگار سانگي ڏيھ ۽ پرڏيھ واري وٿيءَ ۽ گهڻي دُوري هجڻ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ٻنهي ڌُرين جو ايندڙ نسل وڏڙن واري ويجهڙائپ قائم نه رکي سگهندو .

ياد رهي ته ان ڳوٺ ۾ وقتي طور ڪي اُڻايون پيش اينديون هُيون ته مرحُوم غوث بخش ساريو ھر ڏُک سُک جو ساٿي هوندو هئو ۽ ان جي گذاري وڃڻ کان پوء بريراڻين جو هڪ ٻيو نيڪ مرد مرحوم وڏيرو محمد ڇُٽل ساريو تمام گهڻو ساٿ ڏيندو هو ۽ وري سندس وڏو پُٽ حاجي خدابخش به اها ئي اهميت ڏيندو هو پر هاڻي اهي اوطاقون ويران ۽ اڱڻ اوٻاسيون ڏئي رهيا آھن . سندن پونيرن مان ايندڙ نسل ۾ ڪو خيرخواه من پيدا ٿي پوي ته الله پاڪ جي اڳيان ڪا دير ڪانهي .

ھن موقعي تي جڏھن ڳوٺ ۽ راڄ ڌڻين جي ساٿ ڏيندڙن جو ذڪر ڪبو ته هڪ همدرد ۽ انسان دوست شخصيت مرحُوم امام الدين عرف بخشل ساريو جا ڳُڻ ڳائڻ به تمام ضروري آھن. هن شخصيت کان پوء ٻِنڊي ڳوٺ ڄڻ ته ساڃاھ وندن کان خالي نظر اچي رهيو آھي، امام الدين جو شمار انهن ماڻھن ۾ ھيو جيڪي ماڻھپي وارا هئا سندس سياست سان گڏ ادبي ۽ تاريخي ذوق به ڏسڻ وٽان هو هن ۾ ننڍن سان نياز ۽ وڏن جي سڃاڻپ وارو جيڪو گُڻ ھُيو اهو پونيَرن ۾ به شل پيدا ٿي پوي، مون عاجز کي سُگهڙائپ/لوڪ ادب ۾ ان ئي ڳوٺ جي نوجوان ۽ ادي امام الدين جي ويجهي عزيز مرحُوم ڪامريڊ قلندربخش سارئي آندو هو. منهنجي سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي سان پهرين ملاقات به قلندربخش ئي ڪرائي هئي ۽ ان جي شوق ۽ ذوق کي به وساري نٿو سگهجي. ادي امام الدين کان پوء ان به جلد ئي جوانيءَ ۾ هي ڏيھ ڇڏيو ڇو ته امام الدين کان پوء مونکي ھن جو ادبي ساٿ هيو ۽ ھاڻي ته علم دوست ۽ سُڄاڻ ماڻھو سائين عبدالحق ساريو به نه رهيو آھي ان ڪري ڳوٺ ويندو به آھيان ته ڳوڙھن ڳاڙڻ ۽ يادون سارڻ کان سواء ڪجهه به پلئه نه پوندو آھي ۽ پراڻن دوستن جي مزارن جي حاضري ڀري موٽندو آھيان ڇو ته ان ڳوٺ ۾ باقي ڪجهه دوست رهيا سي به روزگار سانگي ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا ان ڪري مونکي الاء ڇو هاڻي اتي پنهنجائپ واري پيار جي خوشبو ناهي ايندي .

تعليمي شروعات:

اپريل 1987ع گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو (اسڪول ۾  مرحوم غلام قادر ساريو کان الف اک واري پٽي لکرائي ھُئي ۽ بعد ۾ ڪجهه ڪلاسن ۾ سائين محمد امين منگي ۽ ڪامريڊ زبير احمد جکرو پڻ منهنجا استاد رهيا) .

قرآن پاڪ ناظره:

پرائمري تعليم دوران ڳوٺ جي پيش امام مرحوم استاد مولوي محمد صالح لاکي وٽ ناظره قرآن پاڪ پڙھي پورو ڪيم. 

قرآت ۽ تجويد: اسڪول جي شاگرد دوستن سان گهمڻ بهاني هڪ ڏھاڙي ڀر واري ڳوٺ برادي ساريه ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ڳوٺ جي ڪجهه شاگردن سان اتي موجود مدرسه مُحمّدي نورالهديٰ ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي ڪچهري منهنجي دل ۾ پاڻ مُرادو شوق پيدا ڪيو ۽ آخر امان ابي کان زوريءَ موڪلائي حِفظ جي ارادي سان داخلا ورتي پر ڪجهه اڻ ٽر سببن جي ڪري رڳو قرات ۽ تجويد وارو علم ۽ ڪلام پاڪ جو ڪجهه حصو ياد ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيم.

هي مدرسو بدامني جي خوف سبب مٿي ذڪر ڪيل نيڪ مرد مرحوم غوث بخش سارئي جي ڀاءُ غلام صديق سارئي جي ڪوششن سان ان ڳوٺ مان بڙدي محلي باڊھ شهر ۾ منتقل ڪيو ويو جتي اڄ به حِفظ جو شعبو هلندڙ آھي منهنجو اتي به ڪجهه سال تعليمي حاصلات لاء رهڻ ٿيو علم جي حاصلات لاء مٿي تي ٿالھ کڻي مختلف درن تان فَڪر جي ماني پڻ وٺڻ جي سعادت حاصل ٿيندي رهندي هئي . 

ان مدرسي جو استاد سائين حافظ محمد بخشل چنو آھي جيڪو هزارين حافظن جو استاد ۽ مخلص توڙي ولي صفت انسان آھي جنهن کي ڪلام پاڪ جي حِفظ بابت قائدن قانونن جي ڄاڻ توڙي سندس صدري علم وارو انسان مون پنهنجي هن مختصر زندگيءَ ۾ ڪاٿي به ناهي ڏٺو سندس فرزند پڻ اعلي پائي جا حافظ ۽ عالم آھن جيڪي ان تدريسي عمل کي جاري رکيون پيا اچن. الله پاڪ کين علمي ميدان ۽ دنيا آخرت جون سڀئي ڪاميابيون عطا فرمائي.

انگريزي تعليم: مدرسي ۾ پڙھڻ دوران گورنمينٽ ھاء اسڪول موئن جو دڙو تي سيپٽمبر 1994ع ۾ داخلا ورتي .

اهو ئي جواني وارو جوش ۽ عشقِ مجاز جو دور هو جنهن جُنوني شاعر بڻايو ۽ ھڪ هزار کان وڌيڪ مجاز جي موضوع تي شعر توڙي ڪلام لکيا ، گرمين جي موڪلن دوران ڪڏھن دادو شهر ۾ برف ۽ گلاب ڳنڍو کپائڻ دوران ” عاشق اتحاد “ نالي تنظيم جي ڀِتين تي چاڪنگ ڪئي ته ڪڏھن لاڙڪاڻي شھر ۾ ماساتن سان گڏ ويگن تي ڪلينري پڻ ڪئي.
ان عرصي دوران طبعيت تمام گهڻو بگڙي وئي ۽ غلط صُحبت جي ور چڙھڻ لڳس، پر وري به امڙ جي دعائن سنئين دڳ لايو ۽ سندس بيحد اسرار تي سال 1995/96 ع دوران درگاھ الله آباد شريف ڪنڊيارو ضلعي نوشھرو فيروز ۾ مرشدن ڪريمن حضرت قبلا محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي جن جي صحبت ۾ روحاني فيض ۽ ضروري ديني تعليم لاء پهتس جتي ڪجهه سال رهي ڪري ڪيترن ئي نامور عالمن ۽ حافظن جي نگرانيءَ ھيٺ ديني ۽ روحاني علم جو فيض پرايم . 

دربار الله آباد شريف جي روحاني فيض سان ديني رنگ چڙھيو جنهن بعد ليبرڪالوني ڪوٽڙي ۾ پنهجي مامي مولوي سراج الدين لاشاري جي تربيت هيٺ رهي مدينه مسجد نيو ليبر ڪالوني ۾ خطابت ۽ امامت جو تجربو ڪيم، ان ديني سِکيا دوران محنت مزدوري سانگي ڪپڙي،ڪپھ ، اٽي، چيف بورڊ ، آنن جي ڪارٽونن ، پلاسٽڪ جي واڻ ٺاهڻ سميت ڪيترن ئي ڪارخانن ۾ مزدوري پڻ ڪيم .

نڪاح: والدين طرفان پراڻي روايت موجب طالب علمي جي زماني ۾ 23 اپريل 1992ع ۾ توفيق ڪالوني دادو ۾ محترم خليفه سائين حاجي احمد حسن لاشاري بخشي طاهري رحمةالله عليه جي فرزند حاجي علي گوهر جي نياڻيء (جيڪا رشتي ۾ منهنجي سڳي ماسات ٿئي) سان نڪاح ٿيو ۽ اهو نڪاح به الله جي عارف ۽ ڪامل شخصيت مرشد پير فضل علي قريشي رحمةالله عليه حضرت مٺا سائين رحمةالله عليه جي درگاھ جي خاص ثناگر ۽ حضرت سهڻاسائين رحمةالله عليه توڙي مرشد سڄڻ سائين مدظله العالي جن جي پياري خليفي شاعر حضرت حاجي احمد حسن لاشاري رحمةالله عليه جن پڙھيو هو جڏھن ته شادي ڪجهه سالن کان پوء 2 مئي 1999ع تي ڳوٺ ڪَرَن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ ان ئي ڳوٺ جي جامع نورِ محمدي مسجد ۾ پيش امامي دوران دادو شهر ۾ ساڳئي هنڌ تي ٿي.

شاديء جي موقعي تي سگهڙن جي ڪچهري ٿي هئي جنهن ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي جو پڳدار پُٽ سُگهڙ ممتاز علي عباسي، موري جو مشھور سگهڙ مرحُوم رحمت الله عباسي ۽ مرحوم حاجي اقبال احمد جوڻيجو لوڪ ادب جون لاتيون پيش ڪيون هيون .
هن وقت ٻن نياڻين ۽ هڪ فرزند محمد حَسَّان (پيدائش 28 سيپٽمبر 2010ع) جو اولاد آهي. (ان کان اڳ هڪ معصوم فرزند حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿيل ڄائو  جڏھن ته محمد صبغت الله نالي ٻيو فرزند دل ۾ سوراخ واري تڪليف سبب 6 مهينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو.) 

شاعري جي شروعات:

طالب علمي جي زماني کان مامي نثار احمد جي صحبت ۾ سنه 1990ع کان مولودشريف لکڻ سان ٿي پر موئن جي دڙي تي انگريزي تعليم پڙھڻ دوران مجازي موضوع تي سوين ڪلام ۽ شعر لکيا جنهن جُنون جي حد تائين شاعر بڻايو ان بابت اڳ ۾ به ذڪر ٿي چڪو آھي.

سگهڙائپ ۾ پهريون قدم:

مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي ته سال 1997ع ۾ ڳوٺ جي شاعر دوست ۽ قومپرست ڪارڪن ڪامريڊ قلندر بخش  ساريو سان گڏجي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحه سان ملڻ کان پوءِ لوڪ ادب جون لاتيون سکڻ ۽ لکڻ جو موقعو مليو ، سگهڙائپ ۾ ايندي ئي ڪجهه استاد محمد ملوڪ عباسي جي ويجهن شاگردن ادبي لحاظ کان راھ ۾ رُڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي پر ذاتي ذوق ۽ استاد محمد ملوڪ عباسي جي شفقت لوڪ ادب واري جذبي کي روڪي نه سگهيا.جنهن شوق ۽ ذوق سبب استاد محمد ملوڪ عباسي جي خواهش سان حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ 1997 ع دوران سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪيو . 

صحافت جي ابتدا: ليبرڪالوني ڪوٽڙي مدينه مسجد ۾ مامي مولوي سراج الدين لاشاري وٽ خطابت،امامت جو فن سکڻ دوران صحافت جو ذوق به پيدا ٿيو ۽ باقائدي شروعات 1998ع ۾ روزانه الک اخبار کان ڪئي. ان شوق ۾ اخبار جي هاڪري پڻ ڪئي ( ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا) اخبار ماهوار لاشار جو ايڊيٽر رهڻ کان پوء اڳتي هلي ڪري لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ترجمان سلسليوار ”سگهڙ سماچار“ جو نومبر 2005ع کان باني ۽ چيف ايڊيٽر طور صحافتي ڪم نڀايو ۽ ان سان گڏ اپريل 2005ع تي سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي پروگرام ”اوطاق“ ۾ ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيي جي هدايتن هيٺ سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني جا فرض نڀايا .ان کان بعد مهراڻ ٽي وي تي سگهڙن جي پروگرام ”ڳالهيون ڳوٺاڻن جون “ جي ڊائريڪٽر طور ڪم سنڀاليو ۽ ”ڀلارو رمضان“ سميت کوڙ سارا ديني پروگرام پڻ رڪارڊ ڪرايا، ڪجهه عرصو مهراڻ اخبار ۽ ڌرتي ٽي وي چينل تي ضلعي ڄامشوري جي رپورٽر واري ذميواري دوران نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري طور پڻ صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون. مجموعي طور لکيل ڪالم ۽ مضمون توڙي رپورٽون مختلف اخبارن جهڙوڪ سوال، بختور، الک، ڪاوش، ڪوشش، عبرت، لاشار، سنڌ لائن، سوڀ. جيجل، سُڪار، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مهراڻ ، ارادو ، برکا ، پاڪ ، فاسٽ ٽائيم، سنڌ ڌرتي، امڪان سميت ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آھن ۽ اڃان تائين شايع ٿيندا رهن ٿا.

امامت ۽ خطابت:

 1997ع دوران مدينه مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ نائب امام  کان پوءِ 19 جولاءِ 1998ع ۾ ڳوٺ ڪرن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ فرض نڀايا. ان دوران مسجد شريف جي نئين تعميراتي ڪم سبب  جنوري 2002ع کان نوراني مسجد ايم سي پي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ خطابت ۽ امامت جا فرض نڀايا ۽ مسجد جي بلڊنگ/عمارت تيار ٿيڻ کان پوء وري 23 آگسٽ 2008ع کان هن وقت تائين ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ امامت ۽ خطابت سان گڏ ديني درس و تدريس جو في سبيل الله ڪم جاري آھي . 

پي ٽي وي تي پروگرام: سنڌ جي برک ڪردار فتح خان يعني سيد صالح محمد شاھ سان گڏ پي ٽي وي تي پهريون ڪچهري پروگرام 15 جنوري 2004ع، ان کان پوء سنڌ نامون، لوڪ ادبي محفل ، جون 2004ع. جا شروعاتي پروگرام هئا جڏھن ته بعد ۾ 26 نومبر 2016ع تي پي ٽي وي تي ڪچهري پروگرام جي ميزباني طور به نڀايو.

ريڊيو تي پروگرام:

ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي سيد صالح محمد شاه/فتح خان سان گڏ پهريون پروگرام (سون ورني ڌرتي) 3 نومبر 2004ع. تي رڪارڊ ڪيو جنهن ۾ سائين سيد صالح محمد شاھ لوڪ ادب جي پهرئين ڪتاب ”رمزون رحمت الله جون“ جو تعارف به ڪرايو هو . جڏھن ته ريڊيو ڪراچي اسٽيشن تي 17 آڪٽوبر 2016ع تي ان وقت اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي حُڪم ۽ خواهش تي هڪ خاص پروگرام  لوڪ ادب ڪچهري نشر ڪيو جنهن ۾ مون عاجز رحمت الله ميزباني جا فرض نڀايا . 

شاعريءَ جا شايع ٿيل ننڍا وڏا ڪتاب:

(1) ”رحمت جا خزانا“ (مولود-ڀاڱو اول) نومبر 1999ع

(2) ”رحمت جا خزانا“ (مولود-ڀاڱو ٻيو) نومبر 2000ع

(3) ” رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱو ٽيون) اپريل 2001ع

(4) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱوچوٿون)، آڪٽوبر 2002ع

(5) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱو پنجون) فيبروري 2003ع

(6) ”رمزون رحمت الله جون“ (لوڪ ادب شاعري ) سيپٽمبر 2003ع

(7) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱون ستون) مارچ 2004ع

(8) ” رنگ رحمت الله جا“ (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا) 2005ع

(9) ”مولود ۽ مداحون“، 2007ع

(10) ”لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو“ (طويل نظم“ (16ڊسمبر 2017ع)

(11) ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ“ 2016ع

(12) ”سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“

(786 ڏات ڌڻين جو احوال ۽ ڪلام )، ڇاپو پهريون نومبر2015ع ڇاپو ٻيو ڊسمبر2015ع.

(13) ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“، ڇاپو پهريون، مارچ 2019ع.

لوڪ ادب سميت مختلف موضوعن تي ترتيب ڏنل ۽ سندس تحقيق جا ڇپيل ڪتاب:

(14) ”ديس وسي ديدار اسان جو“ 2003ع. سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام

(15) ”فيصلا انصاف جا“ جولاء 2004ع (رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي شخصيت ۽ فيصلا)

(16) ”دلبر جو ديدار“ (ڪنهن کي ڏجي دانهن)، 2008ع. سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام.

(17) ” آهون احمد حسن جون“، 2004ع لوڪ شاعر خليفه حضرت حاجي احمد حسن لاشاري جو نعتيه ۽ ناصحاڻو ڪلام .

(18) “السفر” (اردو)، 19 آڪٽوبر2004ع لاشاري تنظيم جي باني، جهوني صحافي ۽ سياسي، سماجي شخصيت محمد صفر لاشاري جون صحافتي، سياسي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتون.

(19) سلات جي 117 ڏات ڌڻي سگهڙن جي احوال ۽ ڪلام تي ترتيب ڏنل

”سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري“ 2005ع

(20) ”مٺا ٻول محبوب جا“ مارچ 2010ع سگهڙ محبوب علي ڏيپر جو ڪلام.

(21) ”پنهنجو رنگ پنهنجي شاعري“، 2013ع محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري.

(22) ” موتي محبوب جا“، 2015ع محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري .

(23) ”محبت جا موتي“ جون 2013ع سگهڙ شاعر علي گوهر قريشي جو ڪلام.

(24) ”محبت جي منزل“، 2010ع سگهڙ علي گوهر قريشي جي لوڪ شاعري .

(25) ”مٽيءَ جي خوشبوءَ“، 2010ع سگهڙ محمد ايوب جوڻيجي جي لوڪ شاعري.

(26) ”سهڻل جا سينگار“، 2014ع سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي سينگارشاعري.

(27) ”مداحون ۽ مناقبا“، ڊسمبر 2015ع لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو ڪلام.

(28) ”سچن جي ساراھ“ ڊسمبر 2016ع لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو نعتيه ڪلام .

(29) ”سُگهڙ سارو سچ“، سگهڙ آدم سومري جو احوال ۽ ڪلام (ڇپائيءَ هيٺ)

(30) ”شاھي ذوق شيديءَ جو“، جون 2016ع سُگهڙ مولابخش شيدي جو احوال ۽ ڪلام.

(31) ”لوڪ ادب جو سپه سالار“، جون 2017ع .سگهڙ حسين بخش رڏ جي شخصيت ۽ فن.

(32) ”عشق جون آھون“، جولاء 2017ع. لاڙ جي شاعر وسيم احمد ٽالپر جي نعتيه شاعري.

(33) ”سهڻي حبيب جي نماز“، فيبروري 2017ع. مولوي رفيق احمد بروهي جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترتيب ڏنل فرضي ۽ نفلي نمازن بابت ڪتاب جي سنوار ۽ سُڌار.

(34) ”پرين جي پچار“،2016ع. ميهڙ جي بخاري بزرگن جي سوانح ۽ ڪلام.

(35) ”تحفة العاشقين“، 14 فيبروري 2010ع حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام.

(36) ”تحفة الصالحين“، نومبر 2018ع حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام.

(37) ”عشق امر ذات“، 16 ڊسمبر 2018ع سگهڙ ارشاد علي عرضائي جو احوال ۽ لوڪ ادب شاعري.

(38) ”ثنائي سِٽُون سڪندر جون“ نومبر 2019ع لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جي لوڪ شاعري.

(39) ”حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جا فيصلا“ 2019ع. سنڌيڪار: ديدار شاد گوپانگ، نظر ثاني ۽ سنوار: عاجز رحمت الله لاشاري.

(40) “مٽيءَ جو هُڳاءُ”، اپريل 2014ع ماسٽر منظور جو فن ۽ شخصيت.

(41) تُحفةالعابدين ؛ آڪٽوبر 2019ع ڪوهستان جي شاعر حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام .

(42) مديني جو سائين؛ حافظ عبدالستار سولنگي جو لکيل ”نعتيه ڪلام“.

(43) سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو. (جديد تحقيق ۽ ترتيب).

مولود ڳائڻ جي شروعات: ننڍپڻ کان سمجھ ۽ شعور ايندي مولود ڳائڻ لڳس ۽ اڳتي هلي مولودن ڳائڻ وارن ۾ ھڪ خاص اهميت ملي.

مولودن جون شايع ٿيل آڊيو ۽ وڊيو سي ڊي: مولود ۽ مداحون A.A پاران نومبر 2000ع، منظر پيارو مدينو آ A.A جنوري 2001ع مٿيان ٻئي آڊيو البم محترم محمد قاسم ماڪا پاران رليز ڪيا ويا آھن.

ناز پروڊڪشن پاران،

ڏسان شهر مدينو آڪٽوبر 2002ع 

مديني وارو منظر ڊسمبر 2002ع هتي رهڻ نٿي دل چاهي اپريل 2003ع مديني جا گهوٽ سيپٽمبر 2003ع منقبت سڄڻ سائين آڪٽوبر 2003ع وڊيو سي ڊي جون 2004ع منقبت غوث اعظم نومبر 2004ع ۾ رليز ڪيون ويون.

جڏهن ته مهراڻ سينٽر سکر سميت عظيمي پروڊڪشن ڄامشورو 2 واليم وڊيو سي ڊي ۾ رليز ڪيا.

مليل ايوارڊ ۽ مڃتا جو اعزاز  :

اسڪول پڙھڻ دوران لطيف سائين جي پيغام بابت ٿيل تقريري مقابلي ۾ پوزيشن کڻڻ تي سندس مرشد حضرت محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي، جن هٿان زندگي جو پهريون انعام ايوارڊ ”اللہ کے شیر“ 21 مارچ 1996ع ۾ مليو.

دولهه دريا خان ايوارڊ مارچ 1998ع ۾ مليو.
بهترين مُعلم ۽ مُدرس جو ايوارڊ 2 سيپٽمبر 1999ع ۾ ڪرن خان شورو، حيدرآباد ۾ مليو.

لاشاري تنظيم جي باني طرفان صحافتي مڃتا ايوارڊ 19 آڪٽوبر 1999ع تي مليو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 28 فيبروي 2000ع تي مليو.

حضرت جلال شاهه ايوارڊ تاجل بيوس هٿان 18 ڊسمبر 2002ع تي دائود ديري لڳ شاھ پنجوسلطان ۾ مليو.

”رمزون رحمت الله جون“ ڪتاب جو مڃتا ايوارڊ، ان وقت وزير ثقافت شبير احمد قائمي جي هٿان 13 آڪٽوبر 2003ع تي ڊاڪٽر بلوچ هال لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ مليو.

ٻيو ڀيرو دولھ دريا خان ايوارڊ، مڪلي ٺٽي ۾ 13 اپريل 2003ع تي مليو.
آواز گروپ لاڙڪاڻو طرفان آواز ۽ انداز ايوارڊ 18 جون 2003ع تي مليو. 
بهترين ليکڪ ۽ مرتب جو ”لاشار ايوارڊ“ 19 آڪٽوبر 2005ع شاهنواز ڀٽو لئبريري لاڙڪاڻي ۾ مليو.

سلات پاران “سڄاڻ سگهڙ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ“ 30 آڪٽوبر 2004ع تي مٺياڻي ۾ مليو. 
سلات پاران “لوڪ ادب ايوارڊ سرٽيفڪيٽ“ 19 ڊسمبر 2004ع اڏيرو لعل ۾ مليو. 

سلات پاران “استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ“ 27 ڊسمبر 2004ع ڄامشورو ۾ مليو.

سلات پاران “عزت فقير ايوارڊ سرٽيفڪيٽ“ 29 جنوري 2005ع ڳوٺ بُٺو، سن ۾ مليو.
حضرت قلندر شهباز جي ميلي ۾ سال 2003ع ۾ ڪتاب ” رمزون رحمت الله جون “ جي اعزاز ۾ پهريون “شهباز ايوارڊ“ ان وقت ڊي سي او علم الدين بُلو هٿان مليو. 
ميلاد النبي ايوارڊ پهرين مئي 2005ع تي ڄامشوري ۾ مليو.
عشق رسول ايوارڊ 28 مئي 2005ع تي ڄامشورو ۾ مليو. 
اڪادمي ادبيات ڪراچي پاران سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مظھرالحق صديقي هٿاران لوڪ ادب ايوارڊ 19 نومبر 2005ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾ مليو. 
بزم روح رهاڻ ايوارڊ ڪتاب “رنگ رحمت الله جا “ جي مهورت تقريب دوران ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌي هٿان 2008ع ۾ مليو. 
سنڌ بلوچستان سُگھڙ ڪنوينشن جو صدارتي ميڊل 23 مارچ 2013ع تي ميان صاحب ضلعو شڪارپور ۾ مليو. 
دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ 2015ع ۾ مٽياري شهر ۾ ميلو. 
ٻيو “شهباز ايوارڊ “ حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ ڪتاب
” سُهڻل جا سينگار “ ترتيب ڏيڻ جي اعزاز ۾ ٻيو ڀيرو 06 جون 2015ع تي ميلو.
ٽيون ڀيرو شھباز ايوارڊ:

”سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ جي سهيڙڻ جي اعزاز ۾ 2016ع ۾ مليو.

شاھه لطيف ايوارڊ: حسن درس اڪيڊمي حيدرآباد طرفان ڪتاب ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ“ لکڻ جي اعزاز ۾ پهرئين لوڪ ادب ڏھاڙي  16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.
ڊاڪٽربلوچ گريجوئيٽ ايوارڊ بااختيار اداري ۾  16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.
ريڊيو حيدرآباد طرفان ”لوڪ ادب ايوارڊ“
 2 جنوري 2017ع تي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ ھٿان مليو.
حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ لوڪ ادب ايوارڊ 20 جنوري 2017ع تي مليو.

آل پاڪستان سُگهڙ ڪانفرنس جو مڃتا ايوارڊ 16 ڊسمبر 2017ع تي لعلو رائنڪ ۾ مليو.

اوطاق ڪچهري ايوارڊ 10 مئي 2017ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردارعلي شاھه ھٿان مليو.
سگهڙ بهار علي بهار ٻُرڙو يادگار ايوارڊ، 19 جنوري 2018ع تي مليو .

استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ 2019ع عباسي ڪلهوڙا تنظيم جي سربراھ حاجي منور علي عباسي هٿان 7 آڪٽوبر 2019ع تي مليو.

ريڊيو نيٽ ورڪ جهول طرفان ”صوفي جمال الدين فقير مڃتا ايوارڊ “ 1 نومبر 2019ع تي مليو.

لوڪ ادب بابت ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ جوڳي ڳوٺ گلشن حديد ڪراچي ۾ 4 جنوري 2020ع تي مليو.

استاد بهار علي بهار ٻُرڙو ساليانو ”مڃتا ايوارڊ“ شاعر سانول ميرالي هٿان 18 جنوري 2020ع تي مليو.

جاکوڙي ايوارڊ صوبائي وزير عبدالباري پتافي هٿان پهرين فيبروري 2020ع تي ڳوٺ جمال الدين پتافي نزد باري اڏو، ضلعي گهوٽڪيء ۾ مليو .

باڪمال سگهڙ ايوارڊ 2019ع، درمحمد ڪمال جي ورسيءَ جي موقعي تي ٺٺ سولنگي/دليپوٽا ضلعي نوشھروفيروز ۾ سينيئر صحافي منظور سولنگي هٿان مليو.

2 فيبروري 2020ع تي پنجاب جي ڏات ڌڻي سگهڙن پاران اوٻاوڙي شھر ۾ سربراه طور اعزازي پڳ پارائي وئي.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران درسي نصاب ۾ “سنڌي ڪتاب چوٿين درجي لاءِ“ جو سبق پهريون ،

“حمد باري تعالىٰ“ سال 2013ع ۾ شايع ڪيو ويو جيڪو پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ پڙھايو پيو وڃي.

تاج پوشي: لوڪ ادب  خدمتن جي مڃتا طور علامه فقير هدايت علي نجفي “تارڪ“ جي درگاهه تي لعلو رائنڪ شهر تعلقو وارهه ضلعي قمبرشهدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولابخش شيدي پاران پهريون ڀيرو تاج 08 آگسٽ 2015ع تي پارايو.
جڏھن ته 16 ڊسمبر2017ع تي ساڳئي هنڌ لعلورائنڪ ۾ پنج تولا سونو تاج مليو جيڪو مون بيمار سُگهڙن جي علاج لاء وقف ڪندي پائڻ کان انڪار ڪيو.
7 رنگي گلن ۾ تورڻ جو اعزاز ۽ ٽيون ڀيرو تاج پوشي:
23 مارچ 2019ع تي منهنجي محبوب مرشد حضرت قبلا سڄڻ سائين مدظله العالي جن جي نالي سان منسوب ڪيل ڪتاب ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“ جي تحقيق ۽ ترتيب واري اعزاز سان گڏ لوڪ ادب جي خدمتن جي مڃتا طور علامه فقير هدايت علي نجفي ” تارڪ“ جي درگاهه تي لعلو رائنڪ شهر تعلقي وارهه ضلعي قمبرشهدادڪوٽ ۾ سُگھڙ مولا بخش شيدي ۽ سلات تنظيم جي مرڪزي سرپرست اعليٰ نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ٻين عهديدارن قيمتي هيرن سان جڙيل سونو تاج پارائي  ست رنگي گلن ۾ توريو هئو، جيڪو اعزاز هڪ سُگهڙ لاءِ پهريون تاريخي اعزاز آهي. اهو تاج پڻ مون ان ئي موقعي تي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج لاء وقف ڪري سگهڙ مولابخش شيدي کي واپس ڏئي ڇڏيو.

مون لوڪ ادب جي جدوجهد دوران قانون جي دائري ۾ رهي ڪري لوڪ ادب بچايو تحريڪ به هلائي جنهن سلسلي ۾ ادارن ۽ وس وارن کان موٽ نه ملڻ سبب 15 آگسٽ 2019ع تي پنهنجا لکيل ڪتاب ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل مواد انوکي احتجاج طور سنڌوءَ جي سيرن حوالي ڪيم پر منهنجي ان احتجاج جو ڪنهن به سرڪاري اداري توڙي لاڳاپيل سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو ته مون پنهنجا باقي هڪ هزار ڪتاب به ٻئي انوکي احتجاج دوران سنڌودرياھ جي سيرن حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد ناميارا ديني اسڪالر ۽ عالم سڳورا ميڙ منٿ لاء ھلي آيا جن جو چوڻ مڃيندي مون پنهنجا باقي ڪتاب لوڙھڻ وارو سڏ واپس وٺندي مليل مڃتا ايوارڊ درياھ ۾ لوڙھڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد وري سنڌ جا ڪجهه اديب ۽ سُگهڙ معصوم نياڻيون ساڻ ڪري ميڙ منٿ قافلي جي صورت ۾ ھلي آيا جن مونکي مڃتا ايوارڊ لوڙھڻ کان منع ڪئي باقي لوڪ ادب جدوجهد جاري رکڻ جو چيو ۽ مون عاجز رحمت الله انهن جي ميڙ کي مانُ ڏيندي اهو سڏ به واپس ورتو. ان کان بعد به علمي ادبي خدمتن وارو سفر اڃان جاري آھي ۽ لوڪ ادب ادارو قائم ٿيڻ وارو خواب اکين سان سچو ٿيندي ڏسڻ جو خواهشمند آھيان الله ڪريم جي فضل ۽ ڪرم کان نااميد ناهيان هُو ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي خاص ڪرم سان نوازيندو ۽ رهجي ويل خاص اميدون به پوريون ٿينديون. آمين ثم آمين.