مواد ڏانھن هلو

ظفر حسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ظفر حسن شاھ 14 آگسٽ 1937ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سيد نظر علي شاھ هيو.

پڙهائي

[سنواريو]

ظفر حسن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ”واڻڪي وسي“۾، پوءِ پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي تعليمي ادارن نور محمد هاءِ اسڪول مان، ميٽرڪ 1954ع، انٽر آرٽس 1957ع ۾ ايم اي 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. هو 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي ايسوسيئيٽ پروفيسر، پوءِ پروفيسر ۽ نيٺ جا گرافي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿيو. جتان 1997ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. وچ ۾ 1977ع کان 1979ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري بہ ٿي رهيو.

ادبي سفر

[سنواريو]

ظفر حسن جي پهرين ڪهاڻي ڪاليج جي رسالي ”ڦليلي“ ۾ 1955ع ۾ ڇپي، پر باقاعدا لکڻ جي شروعات گهڻو پوءِ ڪيائين. طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل سان دوستي هوندي هيس. جنهن جي ڪري سٺو پڙهيائين. منڍ ۾ پاڻ انهن سان ڪهاڻي بابت پيو بحث مباحثا ڪندو هو، پر لکڻ ڏانهن ڌيان نہ هيس. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي، ظفر حسن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو:

”هڪ ڏهاڙي طارق اشرف مون سان بحث ڪيو تہ تون ڪهاڻين تي ايترو گوڙ ڪري ۽ ٻين کي رد ۽ صحيح ڪندو ٿو وتين. تون پاڻ ڇو نٿو لکين.نيٺ ڪهاڻي لکيم.“

ظفر حسن جي اها ڪهاڻي ’رهيل قرض‘ جي نالي سان 1966ع ۾ سهڻي جي رسالي ۾ ڇپي. جيڪو انهي وقت طارق اشرف ڪڍندو هو. ظفر حسن ۽ نسيم کرل ساڻس ٻانهن ٻيلي هوندا هئا. اڳتي هلي ظفر حسن ڪهاڻين کانسواءِ کل، ڀوڳ ۽ ٽوڪ، اخباري ڪالم، خاڪا، مضمون، ڊائري ۽ تنقيد بہ لکي. سندس چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو 1981ع ۾ ’رهيل قرض‘ جي نالي سان ئي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ظفر حسن جون 10ڪهاڻيون شامل آهن.

ظفر حسن جي سڃاڻپ نه رڳو هڪ ڪهاڻيڪار واري رهي، پر هو هڪ سٺو ايڊيٽر ۽ پبلشر پڻ رهيو. پاڻ 1970ع ڌاري حيدرآباد ۾ ’پرفيڪٽ پرنٽرس‘ قائم ڪيائين ۽ ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪتابي سلسلا انڊلٺ، ڌرتي، آرسي، سهڻي، عالمي ادب، عام جائزو وغيره ڪڍيائين. ان ئي پريس ۾ ٻيو ڪيترو ئي سنڌي انقلابي ساهت پڻ ڇپجندو هو، طارق عالم جو ناول ”رهجي ويل منظر“ به پهريون ڀيرو ظفر حسن ئي ”حسينا سيد پبلشرز“ پاران ڇپائي، طارق عالم کي سنڌي ادب ۾ صحيح معنا ۾ تعارف ڪرايو.

ظفر حسن جا ڇپيل ڪجهه ڪتاب

[سنواريو]

1974ع ۾ ظفر حسن پنهنجي ادارت هيٺ ماهوار ”ڌرتي“ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو، جنهن جو پهريون پرچو مارچ 1974ع ۾ نڪتو. اهو نج ادبي پرچو هو. جنهن ۾ ڪهاڻيون، شعر، مضمون ۽ ٻيو مواد شامل هو. ظفر حسن، ڌرتي پبليڪيشن جا ڏھ اصول به مقرر ڪيا، جن تحت اهو پرچو هلڻو هو، جنهن ۾ چيل هو:

  1. ڌرتي جومقصد سنڌي ادب ، فن ۽ سڀيتا پيش ڪرڻ آهي.
  2. ڌرتي جو مقصد سهڻو، صحتمند، پراميد ۽ تعميري مواد پيش ڪرڻ آهي.
  3. ڌرتي جو مقصد ترقي پسند ۽ انقلابي ادب پيش ڪرڻ آهي.
  4. ڌرتي جو مقصد سنڌين لاءِ نئين سوچ، نوان ويچار پيش ڪرڻ آهي.
  5. ڌرتي جو مقصد سنڌين کي محنت، ڪوشش ۽ جدوجهد لاءِ همٿائڻ آهي.
  6. ڌرتي جو مقصد پراڻين،منفي ۽ غير انقلابي روايتن جو خاتمو آڻڻ آهي.
  7. ڌرتي جو مقصد پراڻين، صحتمند ۽ مثبت روايتن جي پٺڀرائي ڪرڻ آهي.
  8. ڌرتي جو مقصد نين، ڪارآمد اصولي روايتن کي جنم ڏيڻ آهي.
  9. ڌرتي جو مقصد ڌارين قومن ۽ زبانن مان ڪارآمد مواد ۽ عمل جا نمونا پيش ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي.
  10. ڌرتي جو مقصد سنڌي ادب، فن ۽ سڀيتا کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ آهي.

’ڌرتي‘ جو ٻيو پرچو اپريل ۽ مئي جو گڏي ڪڍيو ويو. ’ڌرتي‘ جا ٽوٽل پنج پرچا نڪري سگهيا. پنجون پرچو ڊگهي وقت کانپوءِ جنوري 1986ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جو مرتب ڪندڙ عبدالرحمٰن سيال هو. انهي ۾ ظفر حسن جو نالو اعزازي صلاحڪار طور لڳل آهي. اهي سڀ پرچا ڊبل ڊيمي سائيز ۽ فور ڪلر ٽائيٽل سان هڪ سئو کان به مٿي صفحن جا آهن.

عالمي ادب

[سنواريو]

ظفر حسن جو سائو ستابو ذهن سدائين سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ نت نيون رٿائون پيو گهڙيندو هو. عالمي ادب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو ’وليرام ولڀ‘ سان گڏجي جلد وار ڪڍڻ جو پروگرام رٿيائين. انهيءَ ۾ سيهوڳي عالمي ادب مان چونڊ لکڻين کي ترجمو ڪري شامل ڪرڻ جو ارادو هئس. انهي جو پهريون پرچو ڊيمي سائيز ۾ جنوري 1978ع ۾ شايع ٿيو. جيتوڻيڪ انهيءَ جو اهو رڳو هڪئي جلد ڇپجي سگهيو، پر اهو هر لحاظ کان چونڊ معياري عالمي لکڻين جو مجموعو هو. پرچي جي واقفيت ڏيندي مرتب لکن ٿا:

”سنڌي ٻولي ۾ دنيا جي سيهوڳي تخليقي ادب کي هڪ هنڌ گڏ ڪري جلد وار پيش ڪرڻ جي هيءَ پهرين جاکوڙ آهي. هن کان پهرين جيتوڻيڪ ڪهاڻين جا ڳٽڪا ۽ ائنٿالا جيون الڳ روپن ۾ پبلش ٿينديون رهيون آهن. پر باقاعدي هن ڪتاب وانگر سهيوڳي عالمي ادب کي سهيڙڻ جي پهرين وک آهي“.

آرسي

[سنواريو]

آرسي بہ ظفر حسن ۽ وليرام ولڀ جي گڏيل سهڪاري ساٿ جو نتيجو آهي، جيڪي پڻ جلد وار ڪڍيا ويا. انهي جا ڪل پنج جلد نڪري سگهيا. پهريون مارچ 1983ع ۾ پنجون جنوري 1986ع ۾ نڪتو.

هن پرچي جي پنهنجي هڪ ڌار ادبي حيثيت هئي. انهيءَ جو هر پرچو ڊيمي سائيز جي ٽن سوءَ کان به وڌيڪ صفحن جو هوندو هو، جنهن ۾ سهيوڳي ساهت ۽ ڪلاجي مختلف صنفن کي ڇاپيو ويندو هو.

هن ڪتابي سلسلي جي هر پرچي جي شروع ۾ لکڻين جي فهرست جامع ۽ تفصيلي آهي. جيڪا هڪ طرح سان ڏسڻي (INDEX) جوڪم به ڏي ٿي.

عام جائزو

[سنواريو]

عام جائزو پڻ مٿين ڪتابي سلسلن وانگر ظفر حسن جي ذهن جي تخليق آهي. جنهن جي جاري ڪرڻ جي پسمنظر جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو: ”ڪافي وقت کان منهنجي ذهن ۾ اهو ويچار پئي رهيو آهي ته اهڙو ڪتابي سلسلو يا رسالو ڪڍجي، جيڪو جڳ ۾ ٿيندڙ اهم واقعن ۽ مسئلن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندو هجي ۽ اهي اهم واقعا ۽ مسئلا سماج سان لاڳاپو رکندڙ هجن ته جيئن نئين سماج جي مجموعي طرح تبديلي ٿيندڙ شڪل ۽ ان جي پسمنظر ۾ ان کي متحرڪ ڪندڙ قوتن جي خبر پئجي سگهي ۽ اهڙي طرح اسان جي قوم ۾ اها سجاڳي پيدا ٿئي، جيڪا آئون پنهنجي نقطه نظر کان سمجهان ٿو ته ضروري آهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪا ڄاڻ ڏني ويئي ِآهي، سا روزاني اخبار مان ورتل آهي ۽ اها به پاڪستان جي انگريزي روزاني اخبار مان ورتل، يعني ته اسان جي سنڌي اخبارن اها معلومات پنهنجي اخبارن ۾ سنڌي عوام تائين نه پهچائي. ان ڪري مون کي خيال آيو ته جيڪو ڪم سنڌي اخبارن کي ڪرڻو آهي، اهو ڪم اسان جون سنڌي اخبارون ته نه ڪري سگهيون آهن ۽ اهو نقطو اسان جي سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن تائين پهچائڻ ۽ انهن کي قائل ڪرڻ مون لاءِ اجائي ڪوشش ٿيندي، جو آئون سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ سڦل نه ٿي سگهندس. ان ڪري مون سوچيو ته اهو ڪتابي سلسلو/ رسالو مون کي ئي برپا ڪرڻو پوندو.“ انهي جو رڳو هڪ ئي پرچو آگسٽ 1992ع ۾ نڪري سگهيو. هن پرچي جي هڪ خاص ڳالهه اها به هئي ته انهيءَ ۾ مضمونن جي سنڌيڪارن جا نالا پڇاڙي ۾ ڏنا ويا آهن.

ظفر حسن جي هڪ ٻي خوبي/ عادت اها هوندي هئي ته هو پنهنجي روزاني ڊائري لکندو هو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ حالتن جو جائزو پڻ وٺندو ويندو هو. جنهن جو پهريون جلد ”ظفر حسن جي ڊائري“ جي نالي سان مارچ 2003ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. جيڪو وليرام ولڀ ۽ ظفر جوڻيجي مرتب ڪيو.

مٿين ڪتابن/ڪتابي سلسلن کانسواءِ ظفر حسن، اعجاز قريشي سان گڏ ”سماجي سائنسون“ ۾ ٻانهن ٻيلي ۽ ”سائنس ميگزين“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو.

لاڏاڻو

[سنواريو]

ظفر حسن 1998ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-26