طرز تحرير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

طرز تحرير (Diction) ڪنهن بہ لکڻيءَ ۾ لفظ جو صحيح استعمال ۽ انهن جي ترتيب. توڙي ٻوليءَ جو پنهنجو انداز ۽ سونهن کي ڪنهن ليکڪ جو ڊڪشن چئبو آهي. ادب ۾ استعمال ٿيل ٻولي، لفظ جي ادائگيءَ جو انداز ۽ طرز جنهن ۾ ليکڪ جي پاران ڪيل لفظن جي چونڊ ۽ استعمال جو طريقو پنهنجو هوندو آهي، ايتريقدر جو سندس تحرير سندس سڃاڻپ بنجي ويندي آهي ۽ مٿان نالو نہ بہ هجي تہ پڙهندڙ ۽ نقاد ان جي ٻوليءَ مان کيس سڃاڻي وٺندو آهي. ٻوليءَ ۾ سونهن ۽ اثر پيدا ڪرڻ جو بہ هر ليکڪ جو پنهنجو انداز هوندو آهي، جيڪو پڻ ڊڪشن ۾ شمار ٿيندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.