طبقو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

لفظ طبقي جو عام استعمال اڻويھينءَ صديءَ ۾ ٿيڻ لڳو، جنھن کي اڳ ۾ سماجي ڌڙا چيو ويندو ھو، خاص طور تي ارڙھينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ يورپ جي صنعتي ۽ سياسي انقلابن ان لفظ جي جوڙجڪ (انگريزي ٻولي: Structure) ۽ معنا کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، جاگيرداري دؤر وارن طبقن (انگريزي ٻولي: Classes) واري تصور جي اھميت گھٽجندي وئي. انھن جي جڳھ تي ڪارخانن، واپار، صنعت، سرمائيداري نظام ۾ ڪم ڪندڙ شھري پورھيت طبقي (انگريزي ٻولي: Proletariat) ورتي. ان جي تعمير ۾ موڙي سيڙائيندڙ سرمائيداري (انگريزي ٻولي: Capitalism) جي حوالي سان يا پنھنجي پورھئي جو، پگھار جي صورت ۾ معاوضو وٺندڙ پورھيت جي حوالي سان اقتصاديات جو وڏو عمل دخل آھي. اُن تصور کي ارڙھينءَ صديءَ جي آخر ۾، جيتوڻيڪ پراڻن قسمن جا ھُنر اڃان رائج ھئا، تڏھن ئي ڪافي ليکڪن تسليم ڪيو.

ان تصور جا بنيادي اھڃاڻ اسڪاٽلئنڊ جا تاريخدان ۽ سماجي فيلسوف جان ملر (انگريزي ٻولي: John Muller) جي مضمون ”چٽن طبقن جي ابتدا 1771ع ۽ اُتر آمريڪا جي فيڊرلسٽ سماج (انگريزي ٻولي: Federalist Society) جنھن ۾ جاگيردارانه ورثو موجود ئي نه ھو، ۾ ملن ٿا. اڳـتي ھلي جيمس ميڊيسن (انگريزي ٻولي: James Medicine) مٿي بيان ڪيل فيڊرلسٽ سماج ۾ پيداواري قوتن ۽ پيدائش جي ورھاست تفصيلي طور بيان ڪندي، مختلف طبقن جو ذڪر ڪيو آھي، ۽ ٻڌايو آھي ته انھن طبقن جو ھڪ ٻئي ڏانھن مفادن جي بنياد تي ۽ سياسي طرح به دشمنيءَ وارو لاڙو ھو. جنھن کي اڳـتي ھلي مارڪس پڻ محسوس ڪيو ۽ چيائين ته: ”اھو رڳو منھنجو ڪم نه آھي ته مون جديد سماج ۾ طبقن جي موجودگي ڳولي لڌي آھي ۽ پڻ انھن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڳولي لڌي آھي. پر مون کان گھڻو اڳي بورجوازي (انگريزي ٻولي: Bourgeoisie) تاريخدانن، طبقن جي ارتقا ۽ منجھن موجود ڇڪتاڻ بيان ڪئي آھي.

ڪارل مارڪس (انگريزي ٻولي: Karl Marx) ۽ فريڊرڪ اينگلس (انگريزي ٻولي: Friedrich Engels) ڪميونسٽ مينيفيسٽو (انگريزي ٻولي: The Communist Manifesto) ۾ لکيو آھي ته: ”آزاد ماڻھو ۽ غلام ماڻھو، محب وطن ۽ غدار، آقا ۽ نوڪر، ٽرانسپورٽر ۽ مسافر چِٽا طبقا آھن ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ مصروف آھن. جديد سماجي تجزيا ٻُڌائين ٿا ته اھو طبقاتي تفاوت دشمنيءَ جي حيثيت اختيار ڪري ۽ اندر ئي اندر سماج کي ٻن واضح ڌُرين، بورجوازي ۽ پرولتاريه ۾ ورھائين ٿا.“ [1] [2]