صين
سنڌ جي علمي حیثیت پرکڻ لاءِ ھي حدیث شریف غور طلب آھي ته ’’علم حاصل ڪيو کڻي توھان کي صین ڇو نه وڃڻو پئي‘‘.. ھن جملي ۾ ”صین” (Sceen) کي ترجمن ۾ 'چین' لکيو ۽ پڙھجي ٿو جيڪو صحيح نه آھي.
جيڪڏھن اھو لفظ ’چین‘ ھجي ھا ته حدیث شریف ۾ ھن ريت اچي ھا، ’’علم حاصل ڪيو کڻي ان لاءِ توھان کي ’شین‘ وڃڻو پئي‘‘ ڇو جو ’چ‘ جي جگھ تي عربي ۾ ’ت‘ یا ’ش‘ استعمال ٿيندو آھي، ’ص‘ نه. مثال طور جيڪڏھن ڪراچي جو لفظ عربي ۾ لکجي ته ’ڪراتشي‘ لکيو ويندو ’’ڪراصي‘‘ نه. ِ
عبدالرحیم عباسي پنهنجي ڳالھ ٻولھ ۾ ان ڳالھ کي ثابت به ڪيو آهي. عبدالرحیم عباسي نه رڳو سعودي عرب ۾ ڄائو ھيو پر عربي جي سڀني لَھجن جو ماھر به آھي، ِھِنَ ٻڌايو ته عربي جي اڻويھ لھجن منجھان ڪنھن ھڪ لھجي ۾ به ’چ‘ جي جاءِ تي ’ص‘ ناھي لکيو ويندو. سو ھي لفظ ’صین‘ اصل ۾ ’سین‘ ٿيندو جو پراڻن عربی مسودن ۾ سنڌ لاءِ ڪتب ايندو هو یعني علم حاصل ڪيو پوء ان لاءِ توھان کي ڀلي صین (سین یعنی سنڌ) ڇو نه وڃڻو پئي.
گھڻو ڪري قدیم عربي ڪتابن ۽ دستاویزن ۾ سنڌ کي "صین" جي اسم سان ذڪر ڪیو ويو آھي، جيئن توریت ۾ ’’دشتِ صین‘‘ لکيل آھي. دشت جي معني ته میدان، جھنگ يا ٿربر ۽ صین جي اتي به وضاحت سنڌ ٺھي ٿي یعني سنڌ جو میدان یا پرڳڻو.
ان کان سواءِ ’صین یا سین‘ لفظ ان دَور ۾ عام استعمال ٿيندو ھيو، جيئن اباسین ( سنڌو درياءُ)، کیت سین، ڏھر سین، چندرسین، جَي سين وغيره.
سنڌ ۾ سڀ کان پھرين ڪتابَ لکيا ویا هئا ۽ سنڌ قدیم دَور ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز سمجھي ويندي ھئي، جتان ایران ۽ یونان تائين علم جي پکيڙ ٿيندي ھئي، ان تناظر ۾ چئي سگھجي ٿو ته یونان به علمي طور سنڌ جو شاگرد رھيو آھي‘‘
پرڏيھي عالمن جي سنڌ سان عقیدت جو ھي عالم ھيو جو فردوسي جھڙي ایراني شاعر پنھنجي جڳ مشهور ڪتاب ’شاھنامه‘ ۾ لکيو آھي ته ’’ مونکي شراب ڏي 'مھیَن جو دڙو' جي مٽي جي پیالي ۾ ۽ جيڪر اھا مٽي منھنجي وڏڙن جي ھجي ھا‘‘ [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ منقول از "قدیم سندھ کا عظیم شہر، اروڑ"