صوتيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صوتيات __(Phonology):

”صوت“ عربي لفظ آهي،جنهن جي معنيٰ آهي ”آواز“، پوءِ اُهو تمام هلڪو هجي يا چٽو. ٻوُليءَ جو ٻاهريون ۽ ظاهري پهلو آوازن سان تعلق رکي ٿو. آواز انساني به ٿيندا آهن ته غير انساني به. انهن جو علمي اڀياس علم طبعي (Physics) ۽ علم بدن جو جز آهي.ان ڪري ٻولين جي آوازن جي اڀياس لاءِ اسان کي علم طبعي ۽ علم بدن (Physiology) جي مدد جي ضرورت رهي ٿي. انساني ٻوليءَ جي آوازن جو اڀياس هن وقت علمي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن کي علم آواز (Phonetics) سڏجي ٿو[1]. ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب“صوتيات اهو علم آهي، جنهن جو واسطو ڳالهائڻ جي عضون جي عمل سان آهي. هن علم جي مدد سان اهو ڏيکاري يا سيکاري سگهجي ٿو ته ڪنهن به نئين يا خاص آواز جي اچار ڪرڻ وقت ڳالهائڻ جي عصون جي بيهڪ (Position) ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.علم صوتيات ذريعي اها خبر پوي ٿي ته ڪنهن آواز جي اچارڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا عضوا عمل ۾ اچن ٿا، حرڪت ڪن ٿا ۽ انهن جي عمل جو ڍنگ ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙي آواز جو مخرج (Point of articulation) ڪهڙو آهي.“ مخرجن لاءِ عضون ۾ تاڙون، ڏند، زبان يا چَپَ اهم آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. "All Classes Notes Online, Urdu, Sindhi, English: Lisaniyat (Sindhi)". All Classes Notes Online, Urdu, Sindhi, English. حاصل ڪيل 2020-01-25.