صبغت الله انڍڙ
ڏيک
ڊاڪٽر صبغت -الله- -انڍڙ- تعلقي پني عاقل ڳوٺ ابراهيم -انڍڙ- ۾ پهرين فيبروري 1952ع تي ڄائو. ڊاڪٽر صبغت -الله- انٽر کان ايل. ايل. بي تائين خانگي طور امتحان ڏنا. -ان- کان سواءِ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم. اي به ڪئي آهي. هن 1994ع ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس پي. ايڇ. ڊي مقالي جو عنوان ’شيخ حماد -الله-‘ ڪامل روحاني ۽ مذهبي رهنما‘ هو. ڊاڪٽر صبغت -الله- 1979ع ۾ ايئرفورس ۾ شامل ٿيو ۽ 1995ع ۾ وارنٽ آفيسر طور رٽائر ٿيو. سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هي ماهوار رسالي ’سائنسي ڄاڻ‘ جو -ايڊيٽر- به رهيو. النور ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جو چيئرمئن ۽ سکر هسٽاريڪل سوسائٽي جو باني ميمبر پڻ آهي، سندس هڪ ڪتاب ’ڏٺي ڏينهن ٿيا‘ڇپيل آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انڍڙ ڊاڪٽر صبغت الله : (Sindhianaسنڌيانا), archived from the original on 2016-04-09, retrieved 2016-06-14
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help)