صاحب جي بيگم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

صاحب جي بيگم:


هيءَ بيگم، اميرا لامراء نواب علي مراد خان جي ڌيءُ هئي، جو شاهجهان بادشاهه جي راڄ ۾ سڀني اميرن کان مٿي هو، ۽ ڪشمير ۽ پنجاب جي صوبن جو حڪم هو. بلخ جي اُزبڪ بهادرن سان جنگ ڪرڻ ۾ هن نالو ڪڍيو هو. هڪڙي ڀيري هن بادشاهه کي پاڻ وٽ مانيءَ جي دعوت ڏني هئي، ته سئو رڪابيون سون جون ڍڪن سان، ۽ ٽي سئو چانديءَ جون، دسترخاني تي رکيون هئائين. هن لاهور ۾ راوي نديءَ مان هڪڙي نهر شهر ۾ آندي هئي، جنهن جي ڪناري تي مشهور ”شالامار باغ“ تيار ٿيو، جنهن تي اٺ لک رپيا لڳا. انهيءَ نواب جي اها ڌيءُ، امير خان ”مير ميران“ جي زال هئي، جو ڪابل جو مشهور حاڪم هو. ڪابل ۾ مغلن جي بادشاهيءَ منجهه تمام گهڻا فساد ۽ جنگيون ٿيون هيون. عالمگير جي زماني ۾ به افغانن فساد ڪيو، ۽ ايمن خان بادشاهه ٿي ويٺو، تنهن کي جيتي، بادشاهه حڪومت امير خان جي حوالي ڪئي، جنهن بهادريءَ سان فساد بند ڪيو، ۽ عقلمنديءَ ۽ تجويز سان ماڻهن کي ٺاهي فرمانبردار ڪيو. هيءَ بيگم ڪابل جي حڪمرانيءَ ۽ انتظام ۾ مڙس سان شامل ۽ شريڪ رهندي هئي، ۽ انهيءَ جي مشورت سان ملڪرانيءَ جو ڪم تمام چڱي طرح هلندو هو. هڪڙي ڀيري اورنگزيب عالمگير بادشاهه، رات جي وقت خلاصگيءَ ۾، صوبن جون رپورٽون پئي پڙهيون، ته ڪابل جي رپورٽ ۾ هن نواب امير خان جي وفات جي خبر لکيل ڏٺي. بادشاهه کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي. ڪابل جي فسادي ماڻهن جو حال سجهيس ٿي. نواب ارشد خان، جو گهڻا ڏينهن ڪابل ۾ ديوان ٿي رهيو ۽ اُتي جو چڱو واقف هو، تنهن کي هڪدم گهرائي چيائين ته ”امير خان مري ويو. اهڙي سرڪش ملڪ جو حاڪم کان سواءِ رهڻ، خوف کان خالي نه آهي _ ڊپ آهي ته ٻئي صوبيدار جي پهچڻ کان اڳي، بغاوت نه پکڙجي وڃي“. ارشد خان جرﺃت ڪري عرض ڪيو ته قبلا، امير خان جيئرو آهي، ڪير ٿو چوي ته مري ويو آهي“! بادشاهه چيو ته ”ڪابل جي رپورٽ ۾ ائين لکيل آهي“ ارشد خان چيو ته ”حضور، اهو برابر هوندو، مگر افغانستان جي حڪومت جو انتظام ”صاحب جي بيگم“ جي عقلمنديءَ ۽ سياڻپ تي منحصر آهي، جيسين اُها اُتي هوندي، تيسين بد انتظاميءَ جو ڊپ ڪونهي.“ بادشاهه هڪدم فرمان جاري ڪيو ته ”جيسين شهزادو شاهه عالم ڪابل ۾ اچي، تيسين اها بيگم حاڪم ٿي رهي“. انهيءَ وچ ۾ صاحب جي بيگم کي ڏاڍيون مشڪلاتون پيش آيون، جي هن بهادريءَ سان اُڪاريون. خوفناڪ ڪوهستان مان صحيح سلامت لشڪر وٺي اچڻ، ڏاڍن جوانمردن جو ڪم آهي. هيءَ بيگم، لشڪر جو انتظام قائم رکي، اهو ڪوهستان لنگهي، ميدان ۾ آئي. پنهنجي مڙس امير خان جي مرڻ جي ڳالهه بلڪل ڳجهي رکيائين. هڪڙو شخص پنهنجي خير خواهن مان، جنهن جي امير خان جهڙي شڪل هئي، تنهن کي انهيءَ جي پوشاڪ ڍڪائي ۽ آئينه دار پالڪيءَ ۾ ويهاري، فوج کي منزل بمنزل ڪوچ ڪرائيندي آئي. سپاهين توڙي عملدارن _ سڀني ائين پئي ڄاتو ته سردار جيئرو آهي، ۽ ڏهاڙي صبح جو دستور موجب، پالڪيءَ وٽ اچي سلام ڪري ويندا هئا. جڏهن لشڪر ڪوهستان لنگهي ميدان تي آيو، تڏهن هن بيگم حقيقت جي ڳالهه ظاهر ڪئي، ۽ پاڻ مڙس جي ماتمداريءَ ۾ ويٺي. افغان سردار سڀ پري پري کان تعزيت جي لاءِ آيا، ۽ انهيءَ عذر سان اچي هنن لشڪر جو بندوبست تمام پورو ڏٺو، جنهن ڪري فساد جو خيال دل ۾ نه آين. بيگم هنن کي ڏاڍي عزت ۽ آبروءَ سان ملي. جڏهن هو معذرت ڪري پنهنجن پنهنجن جاين تي ويا، تڏهن بيگم چوائي موڪلين ته ”جيڪڏهن بادشاهه جي فرمانبرداريءَ ۾ هليا ايندؤ، ته اوهان جو جيڪو وظيفو مقرر آهي، سو دستور موجب پيو ملندوَ، پر جي فساد يا سرڪشيءَ جو خيال هجيوَ ته بسم الله، آءٌ به تيار آهيان ۽ منهنجو لشڪر به تيار آهي، اچو ته ميدان ۾ فيصلو ڪريون. جي آءٌ زال ماڻهو فتحياب ٿيس، ته قيامت تائين منهنجو نالو مشهور رهندو، پر جي خدانخواسته اوهين فتحياب ٿيؤ، ته زال ماڻهوءَ سان جنگ ڪرڻ ۽ جيتڻ ڪري اوهان جو نالو نه ٿيندو، بلڪل بدنامي ٿينديوَ_ ۽ فساد کي ته پوءِ بادشاهه پاڻ به نيٺ بند ڪري سگهندا“ افغان سردارن کي پڪ هئي ته ”صاحب جي بيگم“ ڪا رواجي بيگم نه آهي، سو هڪدم سر جهڪائي فرمانبردار رهيا، ۽ آئيندي جي خير خواهيءَ جو انجام ڪري، پنهنجي پنهنجي وطن هليا ويا. شاهه عالم کي ڪابل پهچڻ تائين گهڻو وقت لڳي ويو، تيسين ”صاحب جي بيگم“ بلڪل خاطر خواهه بندوبست رکيو آئي ٻه ورهيه برابر هن ڪابل جو انتظام رکيو، ۽ اتي جي حڪومت هلايائين، پوءِ برهانپور ۾ شاهي درٻار ۾ اچي حاضر ٿي، جتي بادشاهه تمام گهڻو مانُ ڏنس، ۽ تنهن کانپوءِ، بادشاهه کان موڪل وٺي، حج پڙهڻ ويئي. عربستان ۾ به هن سخاوت حد کان وڌيڪ ڏيکاري . مڪي جا شريف ۽ ٻيا معزز ماڻهو، سندس استقبال لاءِ اڳيان آيا. ”صاحب جي بيگم“ کي پنهنجو اولاد ڪونه هو، پنهنجي مڙس جو اولاد هوس، جنهن کي هوءَ پنهنجي اولاد وانگي سنڀاليندي هئي. اُهي، هن بادشاهه جي برهانپور واريءَ درٻار ۾ کيس حوالي ڪيا، جن کي بادشاهه چڱا چڱا عهدا ڏنا. هڪڙي ڀيري ”صاحب جي بيگم“ جي پالڪي هڪڙي گهٽيءَ مان لنگهيو ٿي وئي، ته اوچتو هڪڙو مست بادشاهي هاٿي سندس سامهن آيو. بيگم جي چوبدارن گهڻو ئي پيلبان کي رڙيون ڪري چيو ته هاٿيءَ کي پاسي ڪر، پر هو ڪجهه به ڪري نه سگهيو. جڏهن هاٿي سڌو پالڪيءَ کي ويجهو آيو، تڏهن بيگم جي ماڻهن انهيءَ کي سونڊ ۾ تير هنيا. هاٿيءَ ڪابه پرواهه ڪانه ڪئي. ۽ هڪدم پالڪيءَ تي سونڊ لاتائين. ڪهار، ڊپ کان پالڪي زمين تي اڇلائي، هڪڙي پاسي ڀڄي ويا. بهادر بيگم بيحواس نه ٿي: جيئن هاٿيءَ جي سونڊ پالڪيءَ تي آئي، تيئن ٽپ ڏيئي، پالڪيءَ مان لهي، پاسي واري هڪڙي صراف جي دڪان ۾ گهڙي ويئي، ۽ در بند ڪري ڇڏيائين. پر، انهيءَ ڳالهه جي ڪري امير خان ڏاڍو ڪاوڙيو، جو چيائين ته بيگم پردو ڇڏي ٻاهر نڪتي. ٿوري عرصي کانپوءِ، بادشاهه جي سمجهائڻ سان، هنن جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿيو. بادشاهه چيس ته ”بيگم ائين ڪرڻ سان پنهنجو به پردو رکيو، ۽ تنهنجي به ناموس قائم رکيائين، جي هاٿي سونڊ ۾ کڻي پري اڇلائي ڇڏييس ها ته ڪهڙو حال هئي ها؟“ [1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 21 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 21 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}