شھنشاھي بارگاھ
قديم دؤر ۾ ايران ۽ روم جي حڪومتن ۾ ”درٻار“ کي ”بارگاھ“ چيو ويندو هو. يعني اُها جاءِ جتي حاڪم ويهي پنهنجن وزيرن سان صلاح مصلحت ڪري، حڪومت جي انتظامي معاملن ۾ حُڪم جاري ڪري، عام ماڻهن ۽ فريادين جا فرياد ۽ عرضدارن جا عرض ٻُڌي، نہ رڳو پنهنجي رعيت جي سارسنڀال لهي، پر ٻاهران آيل سفيرن ۽ سوداگرن سان ملاقات ڪري. پوءِ اها جاءِ بادشاھ جو محلات بہ ٿي سگهي ٿو تہ علحده ايوان بہ ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن حاڪم اُنهي مقصد لاءِ تنبن ۽ شاميانن ۾ ويهي تہ اها بہ بارگاھ چئبي.
عربن وٽ اڳ ۾ ئي بارگاھ جو متبادل ”صُفه“ هو، جنهن کي ڪائونسل ۽ درٻار وغيره جي حيثيت حاصل هئي، انهيءَ حوالي سان عربستان جا”اَهل صفه“ مشهور آهن، جيڪي قومن ۽ قبيلن جا فيصلا ڪندا هئا ۽ راڄوڻي معاملن ۾ ڇيڙي نبيري ڪندا هُئا. اڳتي هلي خلفاءِ راشدين جي دؤر کان پوءِ امير معاويه اسلامي بارگاھ قائم ڪئي. بارگاھ ۾ باريابيءَ (داخلا) لاءِ ڪي شرط طئي هُئا، جيئن بارگاھ ۾ فقط اُهو داخل ٿي سگهندو، جنهن کي طلب ڪيو ويندو هو. هر عام و خاص کي بنا اجازت ۽ بنا طلب جي وَڃڻ جي اجازت نہ هُوندي هُئي. بارگاھ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ بہ بنا اجازت جي هليو وڃڻ قابلِ سزا جُرم هوندو هو. حاڪم جيستائين بارگاھ ۾ ويٺو هوندو، سڀني کي ويهڻو پوندو.
آهستي آهستي بارگاھ جو لفظ خاص الله تعاليٰ جي حضور ۽ درٻار لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جيڪو ادب خاطر ”بارگاھ اِلاهي“ اُچارجڻ لڳو ۽ اِهوئي اصطلاح اڄ ڪلھ دُعائن ۽ مناجات ۾ استعمال ٿيندو آهي. بارگاھ اِلاهيءَ وانگر ”بارگاھ رسالت“ بہ دعائن ۾ استعمال ٿيندو آهي.[1]