شڪنتلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مصور راجا روي ورما جي پينٽنگ ۾ شڪنتلاا تصوير۾ دشيانتا کي خط لکندي ڏيکاريل

شڪنتلا:Shakuntala (Sanskrit: Śakuntalā) ھندوازم ۾ مھاڀارت ڪتاب جو ھڪ ڪردار آهي. مھاڀارت مطابق اھا دشيانتا Dushyanta جي زال ھئي ۽ شھنشاھ ڀرت جي ماء ھئي . ان جي نالي تي ڪافي ڪتاب ۽ ڊراما پڻ لکيا ويا جن ۾ ڪاليداس جو ڊرامو "اڀيجن شڪنتلا" (Recognition of Shakuntala)پڻ مشھور آھي.[1] نهايت قديم زماني ۾ وشوامتر نالي هڪ رشي ٿي گذريو آهي، هو اصل کتري هو؛ پر پنهنجيءَ تپشيا جي ڪري راج رشي بلڪه يرهم رشي سڏجڻ ۾ آيو. اهڙي ته تپشيا ڪيائين جو خود اِندر ديوتا کي ڊپ لڳو، ته هيءُ ڪنهن وقت منهنجو اِندرآسن (راجا اِندر جو آسڻ) کسيندو. راجا اِندر پوءِ ”ميڻيڪا“ نالي هڪ اَپسرا (پريءَ) کي موڪليو، جنهنجي خوبصورتيءَ وشوامتر کي ايتري قدر موهيو، جو هن جوڳ آسڻ ويڙهي ڇڏيو ۽ سندس سنگ ۾ گذارڻ لڳو. کيس پوءِ انهيءَ اَپسرا مان هڪ نياڻي ڄائي، ميڻيڪا اِهو ٻار ڪنهن جهنگ ۾ ڦٽو ڪري، آڪاس ڏي اُڏامي ويئي. انهيءَ ٻار تي ”شڪَنُت“ يعني پکي اچي مڙيا. ڪڻو نالي هڪ رشيءَ اها ٻالڪي ڏٺي، ته پکين کي هڪالي، اها پنهنجي نياڻي ڪري وڃي، پاليائين ۽ نالو رکيائينس ”شڪُنتلا“ (شڪنت + لا) يعني ”پکين مان لاڀ ٿيل يا حاصل ٿيل“، اها شڪنتلا پوءِ راجا دشينت سان پرڻي ۽ ”ڀرت“ نالي پٽ ڄائس، جنهنجي نالي پٺيان سڄو هندستان هاڻ ”ڀارت ورش“ ۽ ”ڀارت کنڊ“ سڏجي ٿو، انهيءَ ڀر جو اولاد ”ڀرت آريه“ لوڪ سڏبا هئا؛ جي پُروُ آرين جي هڪ شاخ مان هئا. رگ ويد واري زماني ۾ انهن مان ڪي سرسوتيءَ ته ڪي شتدري (ستلج) نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "Shakuntala - the Epitome of Beauty, Patience and Virtue". Dolls of India. حاصل ڪيل 2016-03-08. 
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page19.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
مصور روي ورما جي پينٽنگ ۾ شڪنتلا مايوسيءَ جي حالت ۾ ڏيکاريل